شريف خاندان فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي
نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽارئرڊ صفدر جي وڪيل فيصلي خلاف اپيل درج ڪرائي ڇڏي آهي. هن اپيل ۾ احتساب عدالت جي جج ۽ نيب کي فريق بڻايو ويو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته احتساب عدالت پاران انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ بنا سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان لاءِ قيد، جرماني، نااهلي ۽ جائيداد جي نيلامي جا عدالتي حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ۽ نواز شريف، مريم ۽ ڪئپٽن صفدر کي بري ڪيو وڃي. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته عدالت مان فيصلو اچڻ تائين هنن ٽنهي جي سزا کي معطل ڪيو وڃي ۽ انهن کي ضمانت تي رها ڪيو وڃي. واضح رهي ته 6 جولاءِ تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ عدالت پاران نواز شريف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 سال ۽ ڪئپٽن صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. جنهن کان علاوه حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ گرفتاري به جاري ڪيا ويا هئا. ڪئپٽن صفدر کي فيصلي جي ٻئي ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم کي لنڊن کان واپسي بعد گرفتار ڪيو ويو هو. ٽئي ڄڻا هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهن.

