نئون

حيدرآباد ويجهو هڪ دردناڪ حادثو 17 ڄڻا اجل جو شڪار

حيدرآباد ويجهو قومي شاهراهه تي ڄاڃين سان ڀريل هڪ بس دردناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 13 زخمي ٿي پيا. خبرن موجب ڪوسٽر پنڪچر ٿيڻ سبب روڊ تي بيٺي هئي ته سامهون کان ايندڙ ٽرالر ان سان ٽڪرائجي ويو. فوتين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن. لاش ۽ زخمي ماڻهن کي اسپتال پهچايو ويو آهي. پوليس مطابق حادثو هالا ويجهو سڪرنڊ کان واپس ايندڙ ڄاڃين جي ڪوسٽر روڊ تي بيٺي هئي ته سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.