مستونگ سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي تدفين، سڄي صوبي ۾ سوڳ
گذريل ڏينهن بلوچستان جي صوبي مستونگ ۾ چونڊ مهم دوران ٿيندڙ حملي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ سراج رئيساڻي سميت 130 ڄڻا شهيد ٿي ويا. جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. سڄي صوبي ۾ سوڳ واري فضا پکڙيل آهي. سراج رئيساڻي وزيراعليٰ بلوچستان نواب اسلم رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ هو. هن جي نماز جنازه سندس اباڻي علائقي ڪانگ ۾ ادا ڪئي ويندي. پنجاب بار ڪائونسل هن حادثي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ اڄ پنجاب بار ۾ هڙتال جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن ڪارڻ وڪيل اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿيندا. بلوچستان جي عبوري وزير داخلا هن واقعي جي مذمت ڪئي آهي. ليويز چيو آهي ته هن واقعي جي رپورٽ اڃان درج نه ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪجهه ضروري ڪارروائي بعد درج ڪئي ويندي.