لاچيءَ جو جادو ڌرتيءَ جي مرڪز ريلوي اسٽيشن کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيندو آهي. اسٽيشن ماسٽر کان وٺي سنتري تائين سڀ مٿانهس گھور ويندا آهن، پر لاچي ڪنھن مرد جي مرداڻي اٽڪلن ۾ ڦاسڻ واري ڇوڪري نه ھئي. ھوءَ عجيب ڇوڪري ھئي لاڏائو قبيلي ۾ رھندي به ھنن جي رسم ۽ رواج جي ابتڙ ھئي. ھن کي پنھنجي عزت پياري ھئي. پنھنجي جوانيءَ جي حفاظت ڪرڻ ھن پنهنجو فرض ڄاتو ھو.
ايڏي وڏي سنسار ۾ لاچي پيار جو پيچ گل نالي ھڪ معصوم سادي طبيعت جي نوجوان سان جوڙي ٿي. لاچي پنھنجي قبيلي ۾ پنھنجي چاچي مامڻ وٽ رھندي ھئي. ڇاڪاڻ جو سندس ماءُ پڻ ان وٽ رھندي ھئي، جنھن کي پڻس جوا ۾ ھارائي ڇڏيندو آهي. لاچي جو مقدر پڻ اھڙو ٿئي ٿو ماءُ مامڻ 350 رپين عيوض لاچي کي قبيلي جي سردار ڌمارو وٽ وڪرو ڪري ڇڏين ٿا. لاچي ان فيصلي خلاف مزاحمت ڪري ٿي، پر کيس ڪجھ نٿو وري. سردار ڌمارو شادي لاءِ سنبري ٿو. لاچي ان شادي کان بچڻ لاءِ وڏا وس ڪري ٿي. سندس محبوب گل ۽ اسٽيشن جا ٻيا ماڻھو ھڙان وڙان ڪري لاچي جي مدد ڪن ٿا ته جيئن ڌمارو جو قرض لاھي سگھن. لالچي اھي سمورا پئسا کڻي مٽي ۾ پوري رات جو سمھندي آھي، چوندا آهن غريب جي قسمت به غريب اھي پئسا رات جي پيٽ ۾ ڪير چورائي ويندو آهي. طئي ٿيل تاريخ تي پئسا نه موٽائڻ تي لاچي ڌمارو جي ڪنوار بڻجندي آهي، پر جيئن ئي ڌمارو ويجھو ايندو اٿس ته هوءَ خنجر سان ڌمارو کي ماري ڇڏيندي آھي. عدالت ٽن سالن جي کيس سزا ڏيندي آھي.
جيل ۾ اچڻ کانپوءِ جيل عملو لاچي جي صورت رنگ ۽ ڍنگ جو مشتاق بڻجي ويندو آھي. جيل سپرنٽينڊنٽ لاچي تي عاشق ٿي پوندو آھي. ھن جون تصويرون پينٽ ڪندو آهي. جيل ۾ عملي طرفان لہ لست ملڻ باوجود ھوءَ پنھنجي محبوب گل کي ناھي وساريندي. جڏھن گل جو خط ملندو اٿس جنھن ۾ لکندو اٿس ته ھو ھندستان ڇڏي پاڪستان روانو ٿيندو ته ان جدائيءَ ۾ لاچي شديد بيمار ٿي پوندي آهي. جنھن جي نتيجي ۾ سندس اکين جو نور به چٽ ٿي ويندو اٿس. نه اھي جوانيءَ جون مستيون رھنديون اٿس نه چلولايون.
اڳ جيڪي مرد مٿس قربان ٿيندا ھئا اھي ھاڻ ڀرسان اچڻ به نه ڏيندا اٿس. لاچي انھن مردن تي ٽوڪ ڪندي چوندي آهي منھنجي عزت عيوض مون کي پنجاھ ھزار رپيا ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي ھئائون، ھاڻ بدصورت ٿيس ته ڇا ٿيو جسم ته ساڳيو آهي ۽ منھنجي عزت به ساڳي آهي، ڪمري کي ڄڻ نانگ سونگھي ويندو آهي. ناول جو تت اهو آهي ته دنيا توھان جي باري ۾ ڪھڙي به راءِ رکي زندگي پنھنجي مرضي ۽ طريقي سان گذاريو.