بلاگنئون

خليل جبران: هڪ انقلابي بيداريءَ جو پڙاڏو!

زندگي فقط سج جي اوڀر کان اڀرڻ ۽ اولھ ڏانهن سفر ڪرڻ جو داستان ناهي بلڪه زندگي قومن منجھ بيداري ۽ ان “شعور” جي بيدار ڪرڻ واري تحريڪ جو به نانءُ آهي، جيڪو شعور ڪن قومن ۾ يا ته ڪڏهن بيدار ئي ناهي ٿيندو يا ڪن قومن ۾ شعور زندگي کي ماضيءَ جي مزارن ۾ دفن ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اهڙين ئي قومن منجهان ڪي مرد قلندر اٿن ٿا ۽ پنهنجي قوم کي وري نئين سر شعور واري زندگي ڏانهن ورڻ جو رستو ڏيکارين ٿا. پوءِ ڇا ٿئي ٿو ته اهڙن حق جي مردن جو آواز چاهي تقرير ۾ هجي يا لکڻي ۾ هڪ آفاقي پيغام جي صورت ۾ صدين جو سفر طئي ڪري ٿو ۽ اچڻ وارن نسلن کي اميد جي صبح ڏيکاري ٿي.

خليل جبران هڪ اهڙي ئي قلندراڻي فڪر جي لائق شاعر، مصنف ۽ فلسفي جو نانءُ آهي، جنهن اڄ کان اٽڪل پوڻيون ٻه صديون اڳ لبنان جي سر زمين تي اک کولي. لبنان جو پراڻو نانءُ البانيه به آهي. اهو روم جي سمنڊ جي ڪناري جي اوڀر ۾ هڪ ننڍڙو ملڪ آهي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ بيروت آهي ۽ لبنان اڪثر ڪري پهاڙي علائقي تي مشتمل آهي. شام ۽ اسرائيل جي پاڙي ۾ هي وادي پراڻين تهذيبن جو ڳڙھ آهي ۽ عرصي کان هن جي جهولي ۾ مسلم ۽ مسيحي قومون گڏ رهندي رهندي پنهنجن خيالن ۽ رسم و رواج ۾ هڪٻئي جو ڀاچو ڏيک ڏين ٿيون. ايستائين جو تصوف سان لاڳاپيل خليل جبران جي لکڻين کي پڙهندي به ڪنهن وقت اهو فيصلو نٿو ٿي سگهي ته مصنف مسيحي هو يا مسلمان هو. هن عظيم مصنف تصوف، عشق، سياست يعني هر موضوع تي اهڙو گهرو/ڳوڙهو تجزيو پيش ڪيو جيڪو صدين تائين قومن جي لاءِ انقلاب جو نغارو بڻيو رهندو. هڪ اهڙو انقلاب جيڪو مذهب کي بغاوت تي نٿو ڀڙڪائي، باوجود ان جي مذهب جي اوٽ ۾ انساني ذهنن کي قيدي بڻائي ڇڏڻ وارن پنڊتن کي ضرور للڪاري ٿو ۽ انهن جي بي عملي تي انهن جي کليل نموني سرزنش ڪري ٿو. خليل جبران مسيحي اڪثريتي شهر بشاري ۾ هڪ عيسائي پادري خليل جي گهر ۾ جنم ورتو. ماءُ جو نانءُ ڪمله هئس. غربت جي سبب کان جبران باقاعده طور تي شروعاتي تعليم اسڪول يا مدرسي ۾ حاصل نه ڪري سگهيو هو، ليڪن پادرين وٽ هن عربي ۽ شامي ٻوليءَ ۾ انجيل جو مطالعو ڪيو ۽ تفسير پڙهي.

جبران جي ننڍپڻ ۾ هن جي گهر جي حالتن جي مطابق جيڪا سوانح نگاري ٿي آهي. سندس مطابق هن جي والد بي پناهه معاشي مسئلا ۽ پريشانيون ڏٺيون. بي انتها جوا کيڏڻ سبب قرضي به ٿيو. سلطنت عثمانيه جي رياست جي طرف کان جڏهن هڪ دستي جو سپهه سالار بڻايو ويو ته حالتون ڪجھ بهتر ٿي ويون، پر 1819ع ۾ هن کي ان نوڪري کان به ڪڍيو ويو ۽ جڏهن احستاب ٿيو ته نه صرف قيد جي سزا مليس بلڪه خانداني جائيداد به ضبط ڪئي وئي. جبران جي والده ڪمله ۽ جبران آمريڪا هجرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جتي ڪمله جو ڀاءُ رهائش پذير هو. جبران جي والد کي 1884ع ۾ آزاد ڪيو ويو، پر ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو نه ٿيو ۽ 25 جون 1895ع ۾ جبران جي والد خاندان سميت نيويارڪ هجرت ڪئي. آمريڪا ۾ جبران کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اسڪول جي رجسٽر ۾ ان جو نالو غلطي سان خليل جبران لکجي ويو ۽ اهوئي نانءُ سندس ادبي سڃاڻپ بڻجي ويو.

جبران جي سوانح پڙهي ڪري احساس ٿئي ٿو ته ان جي ماءُ هڪ محنتي، بردبار ۽ وطن پرست عورت هئي. آمريڪا ۾ به جبران جي والده ڪپڙي جي سلائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو ۽ جبران جي مغربي ثقافت کان متاثر ٿيڻ جو سبب پندرهن سالن جي عمر ۾ جبران کي لبنان واپس موڪليو ويو. ڇو ته والده ۽ وڏي ڀاءُ جي خواهش هئي ته جبران پنهنجي اباڻي ثقافت جو پرچار ڪري ۽ مغربي ثقافت (جنهن کان جبران متاثر هو) کي ڇڏي ڏئي.

آمريڪا کان اچي هن عيسائي مارونات جي مدرسي کان تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ بيرورت ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ منتقل ٿيو. بيروت ۾ پنهنجي هڪ ڪلاس فيلو جي هڪ ادبي رسالي ۾ ڪم ڪيو. ڪاليج ۾ هن کي بحيثيت شاعر جي شهرت ملي. هتي هو ڪيترائي سال ترسيل رهيو. البته 1902ع ۾ بوسٽن واپس هليو ويو.

جبران جي بوسٽن واپسي کان اٽڪل ٻه هفتا پهرين هن جي ڀيڻ سلطانه ٽي بي ۾ مبتلا ٿي چوڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وئي ۽ ان جي ٻئي سال ئي سندس ڀاءُ پيٽر ٽي بي جي سبب کان ۽ ماءُ ڪينسر ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي. جبران جي ڀيڻ ماريانه جبران جي سارسنڀال ڪئي. ماريانه هڪ درزي وٽ ملازمت ڪندي هئي. جبران 30 سيپٽمبر 1895ع ۾ اسڪول جي تعليم شروع ڪئي. اسڪول جي انتظاميه هن کان لڏپلاڻ ڪري اچڻ وارن شاگردن جي خاص جماعت ۾ داخل ڪيو ته جيئن هو انگريزي ٻولي سکي سگهي. اسڪول سان گڏوگڏ جبران پنهنجي گهر جي ڀرسان ئي هڪ فنون و لطيفه جي اسڪول ۾ به داخلا ورتي۔ فنون لطيفه جي اسڪول جبران جي صلاحيتن کي نکارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ 1898ع ۾ پهريون ڀيرو جبران جي ٺاهيل مصوري جا نمونا هڪ ڪتاب جي ٽائيٽل جي لاءِ استعمال ڪيا ويا. جيتوڻيڪ 1878ع ۾ جڏهن جبران جي عمر پندرهن سال هئي ته سندس هڪ تصوير کا عمر خيام جي رباعيات جي مجموعي جي ٽائيٽل جي لاءِ چونڊيو ويو. خليل جبران پنهنجي فن جي پهرين نمائش 1904ع ۾ بوسٽن جي ڊي اسٽوڊيو ۾ ڪئي.

جبران شام ۾ عربي کي بحيثيت قومي ٻولي نافذ ڪرڻ ۽ بنيادي تعليم ۾ ان کي لازمي قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. 1912ع ۾ جبران جڏهن ابو بابا سان ملاقات ڪئي ته ان سان گڏ سڄي آمريڪا جو امن وارو سفر به ڪيو. جيتوڻيڪ جبران امن جو پرچار ڪيو، مگر ان سان گڏ ئي هن شامي علائقن جي سلطنت عثمانيه کان عليحدگي جو به مطالبو ڪيو. جبران ان باري ۾ مشهور نظم (قابل رحم اها قوم آهي) به لکيو، جيڪوPity the nation  جي عنوان سان گلستان پيغامبر ۾ شايع ٿيو. ان جو اردو ترجمو به ٿيو، ان نظم به عالمي سطح تي مقبوليت جو نئون داستان لکيو. پهرين جنگ عظيم ۾ جڏهن عثمانيه سلطنت جو شام سان خاتمو ٿيو ته جبران هڪ تصويري فن پارو (آزاد شام) جي نالي سان تخليق ڪيو، جيڪو وڪٽري مئگزين جو ٽائيٽل بڻيو. ان کانسواءِ پنهنجي هڪ ڊرامي ۾ جبران قومي آزادي ۽ ترقي جي باري ۾ اميد جو اظهار به ڪيو. ان ڊرامي جي باري ۾ خليل هوائي چئي ٿو ته اهو جبران جو شام جي باري ۾ قوميت پرستي جي خيالن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ان ۾ اسان کي عرب ۽ لبناني قوميتن جو فرق چٽو محسوس ٿئي ٿو. ان ڊرامي ۾ به اهو چٽو آهي ته ڪهڙي ريت عمر جي پچاڙي واري حصي تائين جبران جي ذهن ۾ قوميت پرستي ۽ عالمي اتحاد جا خيال گڏ ئي وڌندا ويجهندا رهيا.

خليل جبران کي جديد عربي ٻولي جو چوٽيءَ جو شاعر مڃيو وڃي ٿو. هن جي شاعري فڪر و حڪمت جا دريون دروازا کولي ٿي ۽ اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته جبران وليم شيڪسپيئر ۽ لائوتاز کانپوءِ تاريخ ۾ ٽيون سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ شاعر آهي. هن جي مجموعي “النبي” جيڪو دنيا جي اٽڪل ڏيڍ سئو جي ويجهو ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

جبران پنهنجي مشهور نظم Pity of nation رحم جي قابل آهي اها قوم، ۾ قومن جي بيداري جو پيغام ڏنو آهي. ان ۾ به هن مذهب ۽ سياست جي ميدان ۾ عقل کان مٿانهن پيروڪارن کي خودي واري احساس ۾ بيدار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو چئي ٿو:

رحم جي قابل اها قوم آهي، جنهن وٽ عقيده ته ڪافي هجن، مگر دل يقين کان خالي هجي.

رحم جي قابل آهي اها قوم، جيڪا گهري ماني کائيندي هجي ۽ ٻين جي ٺاهيل شراب مان لطف وٺندي هجي. رحم جي قابل آهي اها قوم جيڪا ڳالهيون ٺاهڻ وارن کي پنهنجو سڀ ڪجھ سمجهي وٺي ٿي. رحم جي قابل آهي اها قوم جيڪا بظاهر عالم خواب ۾ به حوس ۽ لالچ کان نفرت ڪندي هجي، پر عالم بيداري ۾ مفاد پرستي کي پنهنجو شعار بڻائي ڇڏيندي هجي. رحم جي قابل آهي اها قوم جيڪا جنازن جي جلوس کانسواءِ ڪٿي ٻئي هنڌ پنهنجو آواز بلند نٿي ڪري ۽ ماضي جي يادن کانسواءِ هن وٽ فخر ڪرڻ جو ڪو سامان موجود نه هجي. هو ان وقت تائين احتجاج نٿي ڪري جيستائين سندس ڳچيءَ جي هيٺان تلوار نٿي اچي. رحم جي قابل آهي اها قوم جنهن جا نام نهاد سياستدان لومڙين جيان مڪار ۽ دوکيباز هجن ۽ جنهن جا دانشور تماشائي ۽ مداري هجن. رحم جي قابل آهي اها قوم جيڪا نون حڪمرانن جا دهل وڄائي ڀليڪار چوندي هجي ۽ اقتدار کان محروم ٿيڻ تي انهن تي ملامت ڪندي هجي، جنهن جا اهل علم ۽ دانش وقت جي چڪر ۾ گونگا ۽ ٻوڙا بڻجي رهجي ويا هجن.

سندس ڪجهه مشهور قول هتي پيش ڪجن ٿا. “جيڪڏهن اوهان بکيئي جي سامهون ڳائيندو ته اهو پنهنجي پيٽ سان اوهان جو گانو ٻڌندو.”

“دين ۾ تعصب کان ڪم وٺڻ وارو “هڪ مقرر آهي” يعني هڪ نهايت ئي ٻوڙو مقرر!”

“مون بڪواس ڪندڙن کان خاموشي، تشدد پسندن کان سهولت پسندي ۽ نرمي سکي، ليڪن لطف جي ڳالھ اها آهي ته مان انهن عالمن منجهان ڪنهن جو احسان مڃڻ جي لاءِ تيار ناهيان.”

سندس مشهور قول “بهترين شيءِ وچولي شيءِ آهي.” تي عمل ڪيو. ڇو ته انسان ڏوهارين کي به قتل ڪري ٿو ۽ پيغمبرن کي به۔

ڳوڙهو ماڻهو ڳوڙهائين ۾ لهندو وڃي ٿو ۽ بلند خيال ماڻهو بلندين تي چڙهندو وڃي ٿو. خليل جبران جي گهڻ پاسائي شخصيت ۾ شاعري، نثر نويسي ۽ مصوري انهن سڀني جي مدد سان پنهنجين باطني ڪيفيتن جو اظهار ملي ٿو. باوجود پنهنجين لکڻين ۾ هن مذهبي طبقي جي غفلتن کي نهايت دليل ۽ موثر انداز سان بيان ڪيو آهي ۽ اهو انداز “انساني فڪر” جي ان اوج تي هو، جتي انسان ڪنهن خاص مذهب جي پيروڪارن سان مخاطب ٿيندي ڏيک نٿو ڏئي، بلڪه هن جي ٻڌندڙ عالم انساني جا اهي مظلوم ماڻهو هوندا آهن، جن کي مذهب جي حقيقي روح کان پري رکندي هڪ خاص طبقي (مذهبي پنڊتن جي ويس ۾) پنهنجا خاص نظريا عوام جي ذهن ۾ اوتيندو ڏيک ڏئي ٿو ۽ اڪثر انهن جا اهي هٿ جا گهڙيل نظريا حاڪم جي چاپلوسي ۽ ذاتي مفادن جي بنياد تي جوڙيا وڃن ٿا. انسان ۽ انسانيت جو استحصال انهيءَ منزل کان شروع ٿئي ٿو ۽ قومون نسل در نسل غلام ابن غلام بڻجندا وڃن ٿا ۽ اهو رويو هر دور ۾ روا رکيو وڃي ٿو. باوجود ان جي هر دور ۾ خليل جبران جهڙن فڪر جي مالڪن پنهنجي قلم سان وقت جي فرعونن کي ننگو ڪندا رهن ٿا ۽ ڪندا رهندا، جيستائين دنيا تي امن ۽ سلامتي جو علم بلند نٿو ٿئي!

***