بلاگنئون

سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ جيل جون صعوبتون ڪٽيندڙ قلمڪار، مرتب ڪھاڻيڪار سُھڻي جو ايڊيٽر طارق اشرف

5 جنوري تي ڪھڙا سنڌ جا اديب، اسڪالر، سياستدان، صحافي، اديب پيدا ٿيا. ڪھڙيون سنڌ جون مشھور شخصيتون اسان کان وڇڙي ابدي دنيا ۾ هليون ويون، پر انھن سڀني شخصيتن پنھنجو پنھنجو ادبي ۽ سياسي پورهيو ڪري پاڻ کي ۽ پنھنجي نالي کي ھميشه لاءِ زندھ رکيو آهي. انھن سڀني جا نالا لکڻ ويھندس ته سئو کان مٿي ادبي، سياسي، سماج سڌارڪ صحافين جا نالا لکندي صفحا ڀرجي ويندا، پر آئون ڪجھ شخصيتن جا نالا لکي ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو، جن 5 جنوري جي ڏينھن تي سنڌ ڌرتي تي جنم ورتو. انھن ۾ اهي شخصيتون جن کان اسان جو نئون نسل يقينن اڻواقف هوندو، پر هو ڪيترن ئي ڪتابن ۾ محفوظ آهن، انهن ۾ شاعر هريڪانت جيٺواڻي، ليکڪ ونود لکياڻي، شاعر حسن درس، ڪالم نگار شبنم گل تعليمي ماهر ڪوڙو مل، ليکڪه آمنه ڀٽي، ڊاڪٽر فھميده حسن، اسڪالر گل حسن ڪلمتي، صحافي ميوو مجروح مينگهواڙ، شاگرد اڳواڻ اشرف کھاوڙ، پاڪستان جو پھريون وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، سھڻي رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف کان علاوه اسان کان جدا ٿي ويندڙ چند نالن ۾ شاعر مرزا غلام حيدر بيگ، مير علي احمد خان ٽالپر، سوامي ماڌو داس،  قمر شھباز، پر انهن سڀني سياستدانن، اديبن ليکڪن، صحافين مان جنھن شخص جي ڪردار مونکي گهڻو متاثر ڪيو، انهن ۾ ماهوار سھڻي رسالي جو ايڊيٽر، سچ لکڻ سبب زندگيءَ ۾  قيد جون صعوبتون ڪاٽيندڙ، پاڻ کي ھر ايندڙ نسل جي دل ۾ زنده رکندڙ شخصيت جو نالو آهي طارق اشرف.

طارق اشرف جو دور انتھائي ڏکيو دور هو، جنھن دور ۾ سنڌي اديبن کي پنھنجي لکڻين جي ڪري سخت زيادتيون برداشت ڪرڻيون پيون. ان دور ۾ “سنڌو” ڪتابي سلسلي ۾ ٿاڻو بولا خان ۾ رهندڙ دادو جو پهريون چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اڳوڻو ميمبر پير بخش خاصخيلي به لکڻ جي ڏوھ ۾ جيل گهمي آيو، پيغام ڪتابي سلسلي تي ڪيس ٿيو، مرتب آريسر جا وارنٽ نڪتا، ڪيڏارو ڪتابي سلسلي تي ڊي پي آر تحت ڪيس داخل ٿيو. اڳتي قدم ڪتابي سلسلي جي مرتب مدد علي سنڌي جيل ۾ وڌو ويو، ابراهيم منشي ڪيترا سال جيل ۾ بند رهيو، سھڻي رسالي تي ڊي پي آر ۽ پريس پبليڪش تحت ٻه ڪيس ٿيا. سرڪار طرفان طارق کي چيو ويو ته “تون سچ ڇو ٿو لکين، امر جليل سرد لاش جو سفر ڪھاڻي ڇو لکي، توهان اديب جي ايم سيد کي” سائين چئو ٿا، ذوالفقار علي ڀٽو کي قائد عوام ڇو نٿا لکو. اھڙن اڀرندڙ سوالن جا بھادري سان پنھنجي ڪتابن ۾ جواب ڏيندي  سچ لکندي چيو ته “توهان آخر ڇا ٿا چاهيو توهان سمجهو ٿا ته سنڌي اديبن کي جيل ۾ بند ڪري سنڌي شاگردن کي جيل ۾ وجهي، سنڌي رسالن تي پابنديون هڻي اها اميد رکو ٿا ته اهي جيل مان نڪرڻ کانپوءِ جيئي ڀٽو جا نعرا ھڻندا؟ جيڪڏهن توهان ايئن سمجھو ٿا ته اها اوهان جي غلطي آهي. هي وڏي واڪي چوندو هو ته سنڌ ۾ سچ چوندڙن ۽ سچ لکندڙن تي گهڻو وقت ڊڪٽيٽر يا فرعون جو زور، زبر نه هلي سگهندو. اهو ئي سبب هو جو هي ڪڏهن جيل ۾  ڪڏهن ريل ۾ ڪڏهن روپوشي جي حالتن ۾ رهي ڪري نَو سال سھڻي رسالي کي ڀٽي جي جمهوري حڪومت طرفان ضبط ٿيڻ  تائين جاري رکندو آيو. هي مجاهد حيدرآباد ڄائو. هن سنڌي اديب جو اصل نالو  سيد اشرف علي ولد سيد لطف علي شاهه هو. سندس جنم 5 جولاءِ 1940ع ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪئي. طارق اشرف کي ادبي ذوق ننڍي هوندي کان ئي هو. جڏهن به خرچي ملندي هيس ته هو حيدرآباد جي بوڪ اسٽالن تان ڪتاب  وٺندو هو. سندس پهرين ڪهاڻي “دري” عبرت مخزن ۾ ڇپي، تڏهن عبرت مخزن جو ايڊيٽر “پروانو ڀٽي” هوندو هو، سندس  ادبي ميدان ۾ واقفيت ان وقت ۾ مھراڻ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر شمشيرالحيدري ڪرائي. انھن ڏينھن ۾ طارق اشرف پنهنجي دوست غلام نبي مغل سان گڏجي هڪ اشاعتي ادارو “اداره ادب نو” قائم ڪيو، جنھن اداري طرفان ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا. ان اداري طارق اشرف جي ڪهاڻين جو ڪتاب “نئون شهر” “زندگيءَ جو تنها مسافر”  “درد جا ڏينهن، درد جون راتيون” کان علاوه سندس يادگار ڪهاڻين مان “بک” ، “چهڪ” ،“روپ ٻهروپ”، “اُڻ تڻ”، “ملنگ جو نعرو” ۽ “منهن ڪارو” ڇپرايا جيڪي گهڻو مشهور ٿيون. انهن لکڻين بعد سگهو ئي طارق اشرف کي “اظهار جي آزادي” جي ڏوهه ۾ ٻه ڀيرا جيل ۾ وڌو ويو. پهريون ڀيرو 1975ع ۾ ٻاويهن مهينن تائين جيل ۾ قيد رهيو. اهو جيل وارو عرصو پڻ هن جي لکڻ جي حوالي سان سجايو ويو. جيل ۾ پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جهڙوڪ: ٻاويهه مهينا جيل ۾ “ٻه ڀاڱا”، “جيل گهاريم جن سان”، “اڌ ملاقات”، “ميرو ڌاڙيل” وغيره لکيا. ٻيو ڀيرو طارق اشرف کي ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران 1983ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. اهو جيل وارو عرصو ٽن مهينن تي ٻڌل هو، جنهن هن کان “هٿين هٿ ڪڙول”، جيل جي ڊائري لکرايو. طارق اشرف جيل جي شيخن جي پويان کولي ۾ رهي اهو سچ لکي سڀني کي ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي گورنمينٽ ۾ جڏهن غلام مصطفى جتوئي سنڌ جو وڏو وزير هو ته هن سنڌي ٻولي جي اسي ڪتابن ۽ رسالن تي پابندي هڻي ڇڏي ۽ ڪيترا اديب سالن جا سال جيلن ۾ رهيا. هن لکيو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت بظاهر ته جمهوري حڪومت هئي، پر انهيءَ ۾ اظهار جي آزادي ڪانه هئي. طارق اشرف ۽  سهڻي جو ڪردار سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والاري ٿو. هن مرد مجاهد طارق اشرف 14 اپريل 1992ع تي وفات ڪئي جنھن کي سنڌ ھميشه ياد ڪندي رهندي.