طالبان جي سرڪار کي ڪير مڃي نه مڃي اهو سوال پوءِ جو آهي. ڇو ته آرمي جي ذريعي يا ائين ئي جمهوري حڪومتون کي ڪيرائڻ ۽ چونڊن بنا ائين ئي (سويلين) آرمي جي زور تي ويڙھ ڪري ويهڻ بين الاقوامي اصولن جي منافي آهي، جنهن کي ڪير به نه مڃيندو ۽ مڃڻ به نه گهرجي، پوءِ دنيا جا سڀ ملڪ هنن طالبان جي حڪومت کي مڃڻ لاءِ تيار ڇو ويٺا هئا (يا آتا آهن) ۽ انتظار ۾ هئا ته طالبان اچن ۽ هي خوش آمديد چون، يا اهي سڀ مغربي ۽ ايشيائي ملڪ هنن طالبان کان سڀ خوفزده آهن، پر حيرت اها به آهي ته اهي رڳو 70 هزار سويلين آرمي وارا طالبان 3 لک افغاني فوج کا زور ٿي ويا، اهي سڀ آرام سان سڄو افغانستان فتح ڪري ويا، پر يقينن هن دفعي به هنن جي پٺيان سي آءِ اي جو هٿ هو، هنن طالبان جي ڪلهن تي رکي بندوق هلائي. ڇو ته هنن کي سڀاڻي ٻيا ملڪ به فتح ڪرڻا آهن، ان ڪري جو جيستائين طالبان مان شدت پسندي ۽ دهشت پسنديءَ نه ويندي تيستائين مغربي وقتون اسان جي مٿان هلان ڪنديون رهنديون، ان ڪري انهن کي هر دفعي اهو جواز پيدا ڪرڻو هوندو اٿن ۽ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان هوندا آهن ته هنن مغربي قوتن کي طالبان جي سخت ضرورت آهي، جيڪا هنن کي 1992 کانپوءِ هاڻي سمجھ ۾ آئي آهي جو هنن رڳو روس کي ڌڪڻ جي لاءِ لوڪل ايجنسين جا ڪلها استعمال نه ڪيا، پر هاڻي به هنن جي لاءِ رڪ جي ديوار ثابت ٿيندا. ڇو ته مغربي دنيا ان ڳالھ ۾ وڏي ٻه چاپڙي آهي، معني جڏهن پاڻ ترقي ڪن ٿا تڏهن سڀ صحيح آهي، پر جڏهن اسان ايشيائي ملڪن جو وارو ٿو اچي ته ماحولياتي آلودگيءَ جا سبب بڻجن ٿا، يا ايٽمي هٿيار جڏهن مغربي دنيا وٽ آهن ته دنيا محفوظ هئي يا آهي، پر اهي جڏهن ايشيائي ملڪن ڏي ٽپي ٿا اچن ته خطرا وڌي ٿا وڃن يا وري جڏهن پاڻ 1945 ۾ ۽ روس 1949 ۾ ايٽمي ڌڪاما ڪري دنيا ڪري ڏيکارين، وري انهن کانپوءِ چين، فرانس، ڪوريا، برطانيا ۽ ٻيا سنها ٿلها ملڪ ڌماڪا ڪري ايٽمي طاقت بڻجي ٿا وڃن، ويٽو پاور بڻجي دنيا جي وڏيرائپ هٿن ۾ ٿا وٺن، پر اتي جي ڀارت، پاڪستان ۽ ايران ڌماڪا ڪن ٿا ۽ انهن ڌمڪين ۾ نه اچي پنهنجي عوام کي گاھ به کارائين ٿا. ڇو ته اهڙن ڌماڪن ڪرڻ جي ڪري مغربي دنيا هنن کي عليحدگي جو شڪار ٿي ڪري، واپار جي ڏي وٺ نٿي ڪري ۽ ايشيائي ملڪن جي مٿان الزام ٿا هڻن ته جي هنن کي ايٽمي طاقت هٿ آئي ته اها مغربي دنيا جي لاءِ ڏمر ثابت ٿيندي.