طالبان جي سرڪار کي ڪير مڃي نه مڃي اهو سوال پوءِ جو آهي. ڇو ته آرمي جي ذريعي يا ائين ئي جمهوري حڪومتون کي ڪيرائڻ ۽ چونڊن بنا ائين ئي (سويلين) آرمي جي زور تي ويڙھ ڪري ويهڻ بين الاقوامي اصولن جي منافي آهي، جنهن کي ڪير به نه مڃيندو ۽ مڃڻ به نه گهرجي، پوءِ دنيا جا سڀ ملڪ هنن طالبان جي حڪومت کي مڃڻ لاءِ تيار ڇو ويٺا هئا (يا آتا آهن) ۽ انتظار ۾ هئا ته طالبان اچن ۽ هي خوش آمديد چون، يا اهي سڀ مغربي ۽ ايشيائي ملڪ هنن طالبان کان سڀ خوفزده آهن، پر حيرت اها به آهي ته اهي رڳو 70 هزار سويلين آرمي وارا طالبان 3 لک افغاني فوج کا زور ٿي ويا، اهي سڀ آرام سان سڄو افغانستان فتح ڪري ويا، پر يقينن هن دفعي به هنن جي پٺيان سي آءِ اي جو هٿ هو، هنن طالبان جي ڪلهن تي رکي بندوق هلائي. ڇو ته هنن کي سڀاڻي ٻيا ملڪ به فتح ڪرڻا آهن، ان ڪري جو جيستائين طالبان مان شدت پسندي ۽ دهشت پسنديءَ نه ويندي تيستائين مغربي وقتون اسان جي مٿان هلان ڪنديون رهنديون، ان ڪري انهن کي هر دفعي اهو جواز پيدا ڪرڻو هوندو اٿن ۽ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان هوندا آهن ته هنن مغربي قوتن کي طالبان جي سخت ضرورت آهي، جيڪا هنن کي 1992 کانپوءِ هاڻي سمجھ ۾ آئي آهي جو هنن رڳو روس کي ڌڪڻ جي لاءِ لوڪل ايجنسين جا ڪلها استعمال نه ڪيا، پر هاڻي به هنن جي لاءِ رڪ جي ديوار ثابت ٿيندا. ڇو ته مغربي دنيا ان ڳالھ ۾ وڏي ٻه چاپڙي آهي، معني جڏهن پاڻ ترقي ڪن ٿا تڏهن سڀ صحيح آهي، پر جڏهن اسان ايشيائي ملڪن جو وارو ٿو اچي ته ماحولياتي آلودگيءَ جا سبب بڻجن ٿا، يا ايٽمي هٿيار جڏهن مغربي دنيا وٽ آهن ته دنيا محفوظ هئي يا آهي، پر اهي جڏهن ايشيائي ملڪن ڏي ٽپي ٿا اچن ته خطرا وڌي ٿا وڃن يا وري جڏهن پاڻ 1945 ۾ ۽ روس 1949 ۾ ايٽمي ڌڪاما ڪري دنيا ڪري ڏيکارين، وري انهن کانپوءِ چين، فرانس، ڪوريا، برطانيا ۽ ٻيا سنها ٿلها ملڪ ڌماڪا ڪري ايٽمي طاقت بڻجي ٿا وڃن، ويٽو پاور بڻجي دنيا جي وڏيرائپ هٿن ۾ ٿا وٺن، پر اتي جي ڀارت، پاڪستان ۽ ايران ڌماڪا ڪن ٿا ۽ انهن ڌمڪين ۾ نه اچي پنهنجي عوام کي گاھ به کارائين ٿا. ڇو ته اهڙن ڌماڪن ڪرڻ جي ڪري مغربي دنيا هنن کي عليحدگي جو شڪار ٿي ڪري، واپار جي ڏي وٺ نٿي ڪري ۽ ايشيائي ملڪن جي مٿان الزام ٿا هڻن ته جي هنن کي ايٽمي طاقت هٿ آئي ته اها مغربي دنيا جي لاءِ ڏمر ثابت ٿيندي.
ڇو ته اها جي ڪنهن ايمان واري جي هٿ آئي ته اهي انهن هٿيارن جو منهن ڪندا ئي آمريڪا ۽ مغربي دنيا جي طرف. هاڻي وري سوال اهو آهي ته جي طالبان وري شدت پسند نه ٿيا ته آمريڪي آشيرواد هٽي ويندن ۽ جي شدت پسند ٿيا ته وري به مغربي دنيا هنن کي دٻائڻ شروع ڪندي، هنن جي مٿان حملا واجب ٿيندا، هنن جي مٿان طاقت هلائيندا. وري اهو به آهي ته طالبان جو انقلاب پنهنجا پيرا کڻي هڪ نه هڪ ڏينهن يا ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان يا بين اسلامي ملڪن ڏي زور ڀريندو، انهن جي پٺ ڀرائي لاءِ للڪل ايجسنيون به هردم حاضر هونديون. ڇو ته نيو ورلڊ آرڊر جي امپليمينٽ لاءِ سڀ کان ڪارآمد پرزو ۽ هٿ ڪنڊو طلبان ئي ثابت ٿيندا. ان ڪري ته اهي لوڪل ايجنسين جا ڏاها پٽ آهن اهي سڀ کان پهريان ڪي پي جي پختون آبادي جي لاءِ گريٽر پختونستان جو نعرو هڻندا. ڇو ته اها ڳالھ اهي بيت الله محسود کان وٺي نورالله محسود تائين ڪندا ٿا اچن، ان ڪري ته طالبان ۾ جي کڻي ست هزار جيڪي کڻي سڀ آبادي چئجي جيڪا پختونن ۽ افغاني پٺاڻن جي آهي ۽ ان ۾ ڪرد، ازبڪ، تاجڪ، ايراني ۽ ٻيون قومون شامل ناهن. ان ڪري جو افغانستان جي آبادي 18 ڪروڙ آهي ۽ ان ۾ رڳو ڏنڊو طالبان معنيٰ افغاني پٺاڻن ۽ پختونن جو ٿو هلي، جيڪي اهڙا ته لوڪل ايجنسين جا سلڇڻا آهن، جن کي اهي جيئن چوندا تيئن ٿيندو. هن مهل تائين جيڪي به دوها ۾ ڳالهين جا دور هليا، تهران ۾ ڳالهيون ۽ گڏجاڻيون ٿيون، روس جي ٽياڪڙي ٿي اها سڀ طالبان جي ڊارمن جون قسطون هيون. ڇو ته انهن ڳالهين ۾ پاڪستان کي شامل نه ڪرڻ به هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن ۾ طالبان ءِ آءِ ايس آءِ نه پئي چاهيو ته اهي شامل هجن. ان ڪري ته پاڪستان جي لاءِ هڪ پاسي باھ ۾ آهي ۽ ٻئي پاڻي آهي. ڇو ته طالبان کي آخر باھ ته پاڪستان جي لاءِ ٻارڻي آهي جتي چين جا انٽريسٽ آهن جتي اهي سڀ ناڪام ڪرڻ ۾ رڌل آهن، وري اهو به ته طالبان جي سرڪار جتي سوالن جي انبار کڻي آئي آهي اتي اهو به آهي ته ڇا ان کان پهرين حڪومت اسلامي نه هئي، اهي سڀ افغاني ڪيمونسٽ پارٽي جا پڄاري هئا، پر ان سڄي اسان وٽ مذهبي صورتحال زور وٺندي ڇو ته جيش محمد، تحريڪ طلبان پاڪستان بهزور وٺنديون، جماعت الدعوي، ٻيون مذهبي جماعتون چپ ڪري نه ويهنديون. ان ڪري اهو واضح آهي ته آمريڪي اسٽريٽجي هاڻي ڪم ڪيو آهي، نيٽو فورسز هرو ڀرو پنهنجا 20 سال ذيان ڪيا، انهن ويهن سالن ۾ دنيا جو نقشو ڦري وڃي ها، پر وري اها ڳالھ به منجهائيدڙ آهي ته انهن 70 هزار طالبان جي آرمي کي سنڀالي ڪير ٿو؟ ڪير ٿو انهن طلبان کي پالي؟ يا پڪ سان لوڪل ايجنسيون. ڇو ته انهن جي نسلن جي پيٽ ۾ جيڪي صدر دائود ۽ ان کان اڳ صدر ظاهر شاھ جي دور کان هلندا ٿا اچن. ڪڏهن روس جي هنج ۾ پر تاريخ جو وڏو حصو هنن لوڪل ايجنسين سان ياريون نڀايون آهن. هتي جيتري صورتحال منجهائيندڙ آهي اوتري وري ڳنڀير به آهي ته بين القوامي قوتون طالبان کي ڇو مڃينديون يا ڇو ٿيون مڃين؟ مثال اسلامي حڪومت رڳو افغانستان ۾ ٿورئي آهي، پر هتي سي آءِ اي جي ٻٽي پاليسي آهي، هنن جي اهڙي گناھ کي ڪير ڏسي نٿو.
وري چين فورن طالبان سان ڳالهين لاءِ تيار ڇو؟ پر چين سي آءِ اي جو مٿي جو سور ضرور آهي، روس کي اڃان ته بدلا چڪائڻا هئا، پر طالبان جي اصل لڳ لاڳاپا رڳو آمريڪا سان آهن اهي سي آءِ اي جي هشي تي آهن ضرور. روس جي خاموشي ۽ چپ به وڏا سوال ٿي اڀاري ڇو ته اسان جي خطي ۾ هاڻي سي آءِ اي کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي آهي ته طالبان جي ڪلهن تي رکي بندوق هلائجي، سڀ اسلامي انقلاب، سڀ شدت پسنديون، سڀ دهشت پسنديون، سڀ ڪارروايون، سڀ آرمي آپريشن، سڀ حرفتون، سڀ حملا، سڀ ڏڦيڙ، سڀ جنگيون ۽ سڀ گهرو ويڙهيون ڪري سگهجن ٿيون. پوءِ هنن هرو ڀرو نيٽو فورسز کي استعمال ڪيو، ۽ ان ڳالھ کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته سي آءِ اي ڪٿي به ناهي يا ڪٿي ڪٿي آهي؟ ڇو ته پاڪستان ۾ هي ان وقتن کان پلبا ۽ پاليندا ٿا رهن جڏهن روس 1949 ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا، انهن ڌماڪن ڪرڻ سان هنن ته هڪ ڌڪ ۾ پاڪستان کي خريد ڪيو، جو اسان جو پهريون وزيراعظم به هوش حواس سان روس کي ڇڏي آمريڪا جي آشيرواد لاءِ روانو ٿي ويو هو. حالانڪه روس جي آڇ به هين ته اسان جي جهولي ۽ آشيرواد کي قبوليو، پر ڳالھ اها هئي ته چين ان ٽائيم تي ڪجھ به نه هو، نه معاشي حوالي سان نه جنگي حوالي سان نه ڪنهن طاقت جي حوالي سان، پر هنن مائوزي تونگ جي نگراني ۾ ايٽمي ڌماڪا ضرور ڪري ڏيکاريا هئا ۽ هي وري موساد، لوڪل ايجنسين، را ۽ سي آءِ اي وانگي شاطر نه هئا، جو ايجنسيون هلائي اهي سڀ حرفتون ڪري وڃن ها.
هنن جو سڄو ڌيان رڳو صنعتي، معاشي ۽ ايڪسپورٽس طرف رهيو، پر لوڪل ايجنسين سميت سي آءِ اي به روس جي خلاف، جرمني ۽ جاپان جي خلاف ته ڊالرن جا منهن کولي ڇڏيا هئا، ڇو ته آمريڪا کي پنهنجي سپر پاوري برقرار رکڻ جي تمنا ۽ آس مسلسل رهندي آئي، نه ته روس هنن کي مات ڏئي ڇڏي هان. اسان کي ۽ سڄي دنيا کي سدائين ۽ دائمي يقين ڪامل رهندو آيو آهي ته اسان وٽ سي آءِ اي آهي ۽ اهي ڀارت ۾ را سان هر ڳالھ ۾ ٻِٽُ رهندا آيا آهن ته جيئن آمريڪا جا وارا نيارا ٿين. اسان مٿان سي آءِ اي جا لامارا رهندا ٿا اچن، انهن جي حرفتن جا ڄار، طالبان جي مذهبي گروهن جا ڏڦوڙ خاص ڪري لساني گروهن ۾ را ۽ انهن جي ذيلي طاقتن جو استعمال، ايم سڪس (برطانيا جي ايجسني) ۽ سدائين وانگي لوڪل ايجنسيون به، ڇو ته سي آءِ اي لساني جماعتن سميت مذهبي شدت پسند گروهن کي پاليندي رهندي آهي، ڇو ته اهي چاهيندا آهن ته مڙئي لڙ هجي يا ڪانوَ کي سدائين لڙَ ۾ مزو. انهن اهڙين ايجنسين جا ڪارندا گهڻي ڀاڱي صحافي، ملڪي ڊپلوميٽ، مذهبي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ننڍڙا ننڍڙا ورڪر به رهندا آيا آهن. اهو به واضح آهي ته 2008 کان وٺي 2011 هڪ چڱو تعداد سي آءِ اي جي ايجنٽن جو موجود رهندو آيو آهي. ان ڪري هن خطي ۾ امن نٿو ٿي سگهي اها ڳالھ به حقيقت تي مبني آهي ته جي هن خطي ۾ امن ٿي ويو ته بين الاقوامي ايجنسيون بک مري وينديون.