زندگيءَ جي ڪُل کي پلن جا ڪرڻا ڪيئن ٿا روشن ڪن ! ”جن اندر ٻري باهھ، سُڌ تنين کي سڀڪا !“
سائين حيدر سوال اٿاري ٿو:
”انسان ھيترو ڪجھ ”حاصل“ ڪندي، ڇا وڃائيو آھي؟
ھو ھڪ ٻئي کي ايترو ويجھو ھوندي ڇو ھڪ ٻئي کان ھيترو پري آھي؟ اڃان به پري ٿيندو ٿو وڃي.“
(اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص 140)
معنيٰ ته انسان ويجھي جي نظر وڃائي آھي، اندر ۾ جھاتي پائڻ وساري آھي، جڏھن ته اسان جي شاعر روحل فقير چئي ڇڏيو ھو؛
”پنھنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن،
سي سؤ ڀيرا ساعت ۾، پل پل پرين پسن،
تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من،
روحل مٿئون تن، لٿا حُرف حساب جا“
پر انساني رشتن ۾ موجود ڍونگ ۽ رِيا، انساني عظمت جي دعويٰ تي اڄ سوڌو آڱر کڻيو بيٺا آھن.
سائين حيدر لکي ٿو:
”انسان پنھنجي ذات، پنھنجي خودي جي پستين ۾ گم آھي، لهذا هو خود شناسي، توسيع ذات ۽ تسخيرِ ذات جي نصاب جو ضرورتمند آهي، جنهن جو هن کي احساس ۽ ادراڪ ناھي. اهو نصاب، جو هن جي اڪيلي خودي جي اڪيلائي ۽ تنهائي جو علاج آهي- جو هن جيِ خودي جو باقي خودين سان انساني رشتو، اتحاد ۽ خير سگالي جو رشتو بحال ڪري سگھي ٿو- جو ھن کي ذات کان ڪائنات ڏانهن ۽ ذات کان انسانذات ڏانهن مائل ۽ متوجهه ڪري سگھي ٿو- ھن جي اھڙي ساڃاھ جي تجديد ۽ توسيع ۾ سندس مددگار ٿي سگھي ٿو- اِھا اُھا بابرڪت خودي ۽ خود شناسي جي منزل هوندي جا انسان کي عدل ۽ امن، سونھن، سُرت ۽ سڪون جي حقيقي ذائقن ماڻڻ جي قابل بنائيندي.“
(اقتباس : ڪڇان ڪڄاڙو، ص 140،141)
اصل ۾ ھڪ نڪاح جي ضرورت آهي؛ شعور ۽ ضمير جي نڪاح جي ضرورت- جيڪڏھن ٻنهي جو سنگم اڻٽُٽ بڻجي وڃي ٿو، ته ماڻهو کي ماڻهو ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. اھا ترتيب ئي حسن کي جنم ڏيندي، سائين لکي ٿو:
”اسانکي رڳو ذهين انسان نٿو گهرجي،
رڳو بهادر طاقتور انسان به نٿو گهرجي،
اسان کي اڌورو انسان ۽ اڻپورو انسان- جزوي انسان نه، پر مڪمل انسان، پورو انسان کپي… باشعور، باضمير، باعمل، غيرجانبدار، خود مختيار تشخص وارو انسان ٿو اسان سڀني کي گھرجي“
(اقتباس: ڪڇان ڪڄاڙو، ص 197، 198)
”تصوف“ سائين جي پنھنجي لفظن ۾ ”ھر د-ر جو پيغام ۽ ھر مرض جو علاج نه آھي، پر ان جي اڪثر وصفن ۽ قدرن ۾ ايترو جٽاءُ ۽ دم خم آھي جو انسان کي شرافت، حُريت، محويت، رواداري ۽ خود قرباني جي جذبي ۽ عمل لاءِ آمادہ ڪندا رھيا آھن.“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص 45)
تصوف ڪنھن فارسي جو درس ناھي، جو ماڻھن کي سمجھ ۾ نه اچي. اھو ته صرف ۽ صرف ماڻھو جي قول ۽ فعل جي ھڪجھڙائي جو درس آھي ۽ بس! ماڻھو جو قول جيترو سالم ھجي، اوترو ئي ان جو عمل به سچو ھجڻ گھرجي. ماڻھو بس پنھنجي ڳالھ تي ئي بيھي ۽ اھا ڳالھ انساني سماج لاءِ ڪارگر ھجڻ گھرجي.
ان سادي ڳالھ کان وڌيڪ تصوف ماڻھن کان ٻي ڪا ڳالھ طلبي ئي ڪون ٿو. تصوف نه صرف اھو درس ڏنو، پر سکيا جي تعليم ۽ ”اک الٽي ڌار“ جي انقلاب لاءِ اتساھي ٿو. سائين حيدر موجب:
”صوفيءَ جي پنھنجي نفس جي غير صالح حصي سان بغاوت به دراصل سماج سان بغاوت آھي، ھو انھيءَ بغاوت کي جيڪڏھن ترڪ ۽ تياڳ جِي بعضي ڪا صورت ڏئي ٿو ته اھو به ھن جو احتجاجي بائيڪاٽ يا واڪ آئوٽ آھي.“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص : 105)
”شاعري“ سائين حيدر جي لفظن ۾ فڪري بلوغت جو مُترنم ردعمل آھي.“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص: 179)
شاعر جي ”فڪر ۽ ويچار جا محاذ ايترو ته وسيع ۽ رفيع آھن، جن ۾ حيرت زدہ ٿيڻ کانسواءِ شعر جو خمير ٺھي نٿو سگھي. وڏي ڳالھ ته شاعري )نفسِ شعر( شاعر جو اختيار نہ بلڪہ اضطرار آھي، ھن جي عالمِ محسوسات جو والھانه ۽ بي اختيارانہ اقرار ۽ اظھار!“.
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص: 178)
ان ڪري سائين حيدر ڪنھن به احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ بدران شاعر کي صرف شاعر سمجھِي سندس عظمت کي سلام پيش ڪري ٿو. ھن کي شاعر لاءِ ”شاعر“ کان وڌيڪ ڪو ٻيو لفظ سُجھي ئي نه ٿو. ان ڪري ھو لطيف جي شاعري جا روحاني راز نه ٿو سمجھائي. ھن کي تصوف، فلسفي، سياست، سائنس وغيره وغيره جي چوغن ۾ ويڙھي پيش ڪرڻ ھن جي عظمت کي گھٽائڻ جي مترادف سمجھي ٿو. پاڻ لکي ٿو:
”ھونئن ائين چوڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي ته لطيف بنيادي طور تي شاعر آھي، موسيقار آھي، شاعر ھجڻ صوفي ھجڻ کاڻ ڪمتر ته نه آھي. جيڪڏھن ڪو ائين سمجھي ٿو ته پوءِ ائين چوڻ حق بجانب آھي ته شاعر جي عظمت ۽ اھميت جي عالمي ڪسوٽي اڃا اسان ماڻھن کي ميسر ڪانهي ٿي.“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص: 100,99)
”شاعريءَ جي اثر ۽ نفوذ جو دائرو پاڻ ڪنھن فلسفي ۽ نظرئي جي ڀيٽ ۾ گھڻو وسيع آھي، ڇاڪاڻ ته ان جا منصبي ۽ فني موضوع ماڻھن جي اڪثريت لاءِ قابل فھم آھن، ۽ قابل عمل به. ان حوالي سان تصوف تي جھڙوڪر لطيف جو احسان آھي، جو ان جا اغلاف ۽ اشڪال ھن جي ڏات جي ڪري قابل فھم بنجي پيا آھن.“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص: 100)
”جِي پوء مرڻ “ وارو عمل ته ھر حياتيءَ سان چُھٽيل آھي. سڀ ڪو ڄمي ٿو، جيئي ٿو ۽ نيٺ مريو وڃي، پر لطيف انھي روايتي چڪر ۾ پوڻ بدران ھڪ انقلابي استعارو پنھنجي شاعري ۾ بار بار استعمال ڪري سائين حيدر پارن عظيم انسانن کي ڇرڪايو وجھي، اھو آھي ”مري پوءِ جيئڻ“
”مري جيءُ ته ماڻين، جانب جو جمال“
آخر اھو ڪيئن ممڪن ٿيندو ته مري پوءِ به جيئجي!؟
سائين حيدر موجب؛
”اھو طبعي موت نه بلڪه معنوي موت آھي.“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص: 105)
”اھو موت، لوڀ، ڪيني، رِيا ۽ طمع واري تشخص جو موت آھي. انھن کي دفن ڪري، بي لوثيءَ، بي ريائيءَ، ۽ لاطمع واري نئين نرالي وجود کي ماڻڻو آهي.“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص: 109)
آخر ان نئين نرالي وجود ماڻڻ سان ماڻھن کي ڪھڙيون نعمتون پلئه پونديون؟ لطيف جي شاعريءَ مان سائين حيدر ڳالھ جي ڳرڀ کي واضح ڪري ٿو؛
”لطيف نه رڳو نئين صحتمند انسان جي سرجڻ جو متمني آھي، بلڪه پوءِ ان جو ڪردار ھڪڙي فولادي انسان جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو. ھڪڙي سپرمئن)Super Man( جي صورت ۾، جنھن کي نه ڪا قدرتي آفت ھيسائي ۽ ھٽائي، ماري يا مڃائي سگھي ۽ نه ڪي دنيا جھان وارن جا ھٿرادو مانڊاڻ ھن جي لاءِ ڪا رڪاوٽ بنجي، ھن جي آڏو ڪو جٽاءُ ڪري سگھن ٿا.!“
(اقتباس: اندر مُلھ املھ، ص 113، 114)
مٿيون ڳالھيون سمجھڻ کان پوءِ اھا ڳالھ ته چٽي ٿي وڃي ٿي ته سائين حيدر جو لطيف ڏانھن رويو انتھائي غير روايتي آھي. ھن جو ھڪ Remark ته مون کان نظر انداز ٿئي ئي نه ٿو، جڏھن ھو شاھ لطيف جي ھڪ بيت؛
”ماءُ! کاھوڙي آئيا، ڏوري ڏوري ڏيھ،
مَيَنِ پيرين کِھ، ڪُھ ڄاڻان ڪنھن پارجي“ (سر کاھوڙي)
جي تشريح ڪندي ڪندي هيئن به لکي ٿو:
”دوست! جيڪا لذت ۽ راحت انھيءَ بيت کي اُچارڻ ۽ ان جي تاثرات کي سڃاڻڻ ۽ انھي کي سيني ۾ سمائڻ ۾ آھي، ان جو مقابلو زندگيءَ جي ڪا ٻي لذت ڪري نٿي سگھي.“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص 180)
لطيف جي حيرت انگيز ڪلام جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سائين حيدر انسان ذات جي ان الميي ڏانھن اشارو ڪري ٿو )ندر ملھ املھ، ص 101( ته اڍائي سؤ سال گذرڻ باجود اڃا تائين لطيف اسان لاءِ اَڇتو ۽ ڪئنارو ئي آھي، جنھن کي ڪو وسيع نظر شارح ۽ مفسر ئي ميسر ناھي ٿيو. اھا ڪا لطيف جي کوٽ نه بلڪه اسان جي بدقسمتي آھي.
ھڪ ڀيري سائين حيدر جي محفل ۾ شاھ لطيف جو ھڪ بيت پڙھيم:
”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جئن پيدا ٿيو، سامي سِڄ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪُنئارن ڪڪوريو.“
سائين کان پڇم اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڇا آھي؟
سائين جواب ڏنو؛
ڪنواري معنيٰ اڻ ڇُھيل، ڪنوارا رڳو ماڻھون ناھن ھوندا، پر آدرش به ڪنوارا ھوندا آھن، اصول ۽ قدر به ڪنوارا ھوندا آھن، جيڪي تاريخ جي ڪنھن دور ۾ ڪنھن سوچي، چئي ۽ لکي ته ڇڏيا، ٻين ماڻھن کي ٻڌائي ته ڇڏيا، پر انھن تي عمل اڃا سوڌو انسان ذات لاءِChallenge آھي، پر لطيف جو ھي جوڳي، جنھن تي ”نينھن“ جي بيوٽي پارلر جو سينگار ٿيل آھي، ان کي انساني قدرن جي ڪنوارين اھڙو ته ڪڪوري ريٽي ڳاڙھو لال ڪري ڇڏيو آھي، جو ھن جو تاءُ، سِڄَ جيان سڄي ڪائنات کي روشن ۽ منور ڪري بيٺو آھي.
سائين حيدر وٽ ته اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ ڀلي شاھ لطيف ئي ھجي، پر اسان لاءِ اھو ”ڪُنئارن ڪڪوريو“ سائين حيدر ئي آھي. جيڪو پنھنجي روايتي خانداني خولن کي ٽوڙي، اعلي انساني قدرن ۽ آدرشن جي ڪُنئارن سان ڪڪورجي، سڄي زندگي ھي درس ڏيندو رھيو؛
”اچو ته ڪي گھڙيون شرمسار ٿيڻ جي باعزت مشق ڪريون.“
”اچو ته اڇي اُجري من جي ميراث جو در کڙڪايون ۽ اٽڪل سٽڪل، لوڪ رياءَ ۽ پاڻ پڏاءَ جي بي پاڙي وڻ ويڙھيءَ مان ”پاڻُ“ ڇڏايون.“
اچو ته امن ۽ حُسن جي دل نواز وادين ۽ اَننت سوز ۽ سُرور جي سير ۽ سواد جو پاڻ کي اھل بنايون.
اچو ته خسيس کي تياڳيون.
اچو ته پاڻ سنڀاريون.
اچو ته گنڀير ٿيون.
اچو ته مٿاھان ٿيون.
اچو ته آڳاھان ٿيون.
اچو ته آجا ٿيون.
اچو – اچو ته آجا ٿيون.
اچو ته نرواڻ ماڻيون“
(اقتباس: اندر ملھ املھ، ص 22، 23)
***