مصور ڪٿا: ذيشان ميمڻ
نوشھرو فيروز ضلعي جي شھر محراب پور مان ڪيترن ئي علمي، ادبي ۽ تعليمي شخصيتن جنم ورتو جن مان ملڪ ۾ سٺي ساک رکندڙ ڪاروباري مرڪز ڳڙ منڊي جي نامياري، ڪاروباري شخصيت عبدالغفار ميمڻ جي گھر 1983۾ جنم وٺندڙ مصور ذيشان ميمڻ بہ ھڪ آھي.
ذيشان ميمڻ پنھنجي ابتدائي تعليم سنڌي پرائمري اسڪول لائن پار ۽ سيڪنڊري ، تعليم گورنمينٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول محراب پور مان حاصل ڪئي، گھراڻو سکر منتقل ٿيڻ سبب ڪجهه ھائير سيڪنڊري تعليم اسلاميه ڪاليج سکر مان 2003 ۾ حاصل ڪئي. تعليم پرائڻ دوران ذيشان ميمڻ جون مصورانه صلاحيتون واضح طور سامھون اينديون رھيون، جن جو ھو اظھار ۽ استعمال وقت بوقت ڪندو آيو آهي. مصورانه صلاحيتن کي وڌيڪ بھتر بنائڻ ۽ آرٽ جي الف ب سکڻ لاءِ سکر ۾ ملڪ جي نامياري مصوره ميڊم مسرت مرزا جي نجي آرٽ اڪيڊمي سکر آرٽ اڪيڊمي اسٽوڊيو آرٽ ۾ داخل ٿيو، جتي ميڊم مسرت مرزا جي نگراني ۽ ڇانو ۾ ان پيشاورانہه مھارتن ذريعي آرٽ جي سکيا ۾ وڌيڪ نکار آڻيندو رھيو ۽ سال جي محنت ۽ ڪم کان پوءِ ميڊم جي حوصلا افضائي ۽ مشوري سان آرٽ جي باقائده تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ 2006 ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽ ۽ ڊزائن موجوده (سيبس) يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا حاصل ڪئي، جتي بھترين ۽ ماھر استادن جي سرپرستي ۾ آرٽ جي مختلف صورتن جھڙوڪ پينٽنگ، مجسمہه سازي، منيئچر ۽ سيرامڪ ۾ سکيا حاصل ڪئي ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ نکار آندو، جنھن جي نتيجي ۾ 2009 ۾ پھرئين پوزيشن ۽ گولڊ ميڊل سان ڊگري حاصل ڪري پاڻ کي ھڪ بھترين مصور طور متعارف ڪرايو .
ذيشان ميمڻ کي آرٽ جي پھرئين نمائش ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي پذيرائي حاصل ٿي جنھن ۾ ان ملڪي فلمن جي پوشاڪن ۽ پوزن تي ڪم ڪيو جيڪو پنھجي لحاظ کان ھڪ منفرد ڪم ھو ۽ شايد ان موضوع تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت بہه ھئي، ذيشان ميمڻ جي مختلف لباسن جي ور وڪڙن کي مھارت سان پينٽ ڪرڻ سبب ملڪي ۽ غير ملڪي آرٽ گيلرين ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيندو رھيو، جنھن ۾ چوڪنڊي، وي ايم، الحمرا اي آر ناگوري ۽ دبئي، انگلينڊ آمريڪا جون نامور گيلريون شامل آھن جيڪو سلسلو اڃا پڻ جاري ساري آھي.
ذيشان ميمڻ کي ان جي پيشورانه مھارتن سبب نمائشن سان گڏوگڏ آرٽ جي مختلف ادارن ۾ سکيا ڏيڻ لاءِ پيشڪشون پڻ مليون ۽ پوءِ پاڻ ڪراچي جي ھڪ نجي آرٽ اداري فيڪٽس اسڪول آف آرٽ سان منسلڪ ٿيو، جتي چئن سالن تائين آرٽ جي سکيا ڏيندو رھيو، انھي عرصي دوران ھو معاشرتي روين ۾ آرٽ جي پسمنظر جو گھرائي سان جائزو وٺندو رھيو جنھن مان کيس محسوس ٿيو ته ڪراچي شھر جي روشنين ۾ ھڪ اھم روشن پھلو جي ڪمي آھي جيڪو آرٽ آھي، انھي ڪمي کي محسوس ڪندي ان ارادو ڪيو تہه ڇو نہه ڪو اھڙو ماحول مھيا ڪيو وڃي، جتي آرٽ ذريعي معاشرتي روين ۽ ڪردارن ۾ بدلاءُ آڻي انھن کي روشن ڪيو وڃي، جتي آرٽ جي ذريعي انسان احساس ڪمتري ۽ محرومين کي ختم ڪري پنھنجي تخيليقي صلاحيتن ذريعي شخصيت ۾ نکار آڻي سگھي.
ذيشان ميمڻ ڪراچي جي روشنين ۾ آرٽ جي روشن پھلو جي ڪمي ۽ ان خال کي ختم ڪندي (ليڪا انسٽيٽيوٽ آف آرٽ) جي نالي سان اڪيڊمي قائم ڪري آرٽ منظر ۾ وڌيڪ اضافو آندو، جيڪو زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ھر عمر جي ماڻھن ۾ سٺي ساک رکي ٿو، جتي نہه صرف نوجوانن، پر مختلف عمر جي فردن کي آرٽ جي بنيادي تعليم، تربيت ۽ سکيا ڏئي رھيو آھي ائين چئجي ته آرٽ جي ھڪ نرسري ھلائي رھيو آھي، ٻج ڇٽي رھيو آھي جيڪو اڳتي ھلي وڻن جي شڪل اختيار ڪري معاشري ۾ ڇانورن جو ڪم ڏيندا رھندا آھن.
ھڪ بھترين استاد جي مھارت ۽ خاصيت اھائي ھوندي آھي جو ان جا شاگرد زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏيندا رھندا آھن جتي پيشاورانه مھارتن سان پنھنجو ۽ پنھنجي استاد جو نالو رشن ڪندا رھندا آھن ۽ اھو ئي اصل ۾ ھڪ استاد جو ايوارڊ ھوندو آھي جيڪو ھميشه لاءِ قابل فخر رھندو آھي.