نئون

مڇرن کي ڀڄائڻ وارو ڪنگڻ تيار

مڇر دنيا ۾ خطرناڪ مرضن جو سبب بڻجندا رهيا آهن، جنهن ۾ چڪن گونيا، ڊينگي ۽ ٻيا مرض به شامل آهن. مڇرن کي پاڻ کان پري رکڻ لاءِ انسان مختلف حيلا بهانا ڪندا رهندا آهن، جنهن ۾ ڪوائل، ميٽ ۽ لِڪوڊ آئل به شامل آهن. هاڻي سوئٽزرلينڊ جي انجنيئر پاران مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ هڪ اليڪٽرونڪ ڪنگڻ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو مڇرن کي پنهنجي ويجهو اچڻ کان روڪيندو. هن ڪنگڻ کي اهڙي طرح ڊزائين ڪيو ويو آهي جو هي مڇرن کي پنهنجي ويجهو اچڻ کان روڪي ٿو. ان کي اليڪٽرانڪ انجنيئر ڪرٽ  اسٽول تيار ڪيو آهي. برقناطيسي لهرون ڇڏي مڇرن کي پاڻ کان پري رکندو. هن ڪنگڻ کي ٺاهڻ واري ڪرٽ اسٽول جو چوڻ آهي ته هن ڪنگڻ مان خارج ٿيندڙ لهرون تمام گهٽ ليول جون هونديون آهن ان ڪري اهي انساني جسم لاءِ هاڃيڪار نه آهن اهي ته مڇرن لاءِ به نقصانڪار نه آهن، اهي مڇرن کي ڊيڄاري پاڻ کان پري رکن ٿيون. هڪ دفعو چارج ٿيڻ بعد هي ڪنگڻ پورو هفتو هلي سگهي ٿو ۽ بيٽري ختم ٿيڻ جي صورت ۾ ان جي ڳاڙهي ايل اي ڊي ٻري پوندي جنهن جو مطلب ان کي چارج ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.