ايم ڪيو ايم ۽ وفاقي سرڪار ۾ وڇوٽيون
ايم ڪيو ايم ۽ وفاقي سرڪار ۾ وڇوٽيون
ملڪ ۾ هڪ اهڙي حڪومت هلي رهي آهي، جنهن جو چهرو ته بظاهر سويلين آهي، پر ان جو هر عمل آمراڻو آهي. جهڙي ريت هڪ آمر هر فيصلو مڙهيندو آهي، ائين ئي پي ٽي آءِ جي هاڻوڪي حڪومت به فيصلا مڙهڻ جي قائل آهي، پر اهو ان ڪري به ٿي رهيو آهي جو عمران خان پنهنجو پاڻ ڪو فيصلو ڪرڻ جي صلاحِيت نٿو رکي. ڪجهه ئي سيٽن جي سهاري تي قائم هاڻوڪي حڪومت کان اتحادي به ڪاوڙيل آهن ته پارٽي اندر به هڪٻئي سان اڳواڻ سخت اختلافن جو اظهار به ڪن ٿا، پر جيئن ته هاڻوڪي حڪومت کي اڳيان رکي “ڪمپني بهادر” پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ ٿي چاهي تنهنڪري پنجن سالن مان جيترو وقت نڪري سگهي ٿو اوترو وقت ڪڍجي ته “ڪمپني بهادر” لاءِ بهتر آهي.
تازو ئي ايم ڪيو ايم حڪومت کان ڌار ٿيڻ ڌمڪي ڏني آهي. ايم ڪيو ايم وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي اتحادي آهي. بقول عمران خان جي ته سڄي ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم کان نفيس ماڻهو نه آهن. سو نفيس ماڻهن پنهنجا مطالبا پورا نه ٿيڻ ۽ حصو پتي نه ملڻ تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اها پراڻي روايت رهي آهي. اها ڀلي آمريتي دور ۾ ڪنهن جي اتحادي هجي يا وري سويلين سيٽ اپ ۾ ڪنهن جي اتحادي هجي، سدائين اهڙي قسم جون ڌمڪيون ڏيندي رهندي آهي. حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۽ پوءِ وري پرچي وڃڻ جي ايم ڪيو ايم جي پراڻي عادت رهي آهي، پر ايم ڪيو ايم پنهنجي سر اهو فيصلو نٿي ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به اتحاد ۾ جڏهن شامل ٿيندي آهي ته اها به اشاري تي ٿيندي آهي ۽ جڏهن حڪومت کان ڌار ٿيڻ چاهيندي آهي، تڏهن به اشاري تي ٿيندي آهي. اها ان ئي امپائر جي آڱر هوندي آهي، جنهن آڱر کڄڻ جو انتظار 2014ع ۾ عمران خان اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڪري رهيو هو.
ايم ڪيو ايم جي سموري سياست جيئن ته لسانيت ۽ مهاجر ڪارڊ جي چوڌاري گهمي ٿي، تنهنڪري اها ڪراچي جي حوالي سان پنهنجو سياسي اثر رسوخ قائم رکڻ چاهي ٿي، پر 2015ع ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ٿيو ۽ نائن زيرو کان وٺي ڪراچي ۾ سموريون آفيسون بند ڪيون ويون ته ايم ڪيو ايم ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي وئي ۽ ان مان پاڪ سر زمين پارٽي جو به جنم ٿيو. جڏهن ته 2018ع وارين چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جو گهڻو ووٽ بينڪ پي ٽي آءِ ڏانهن هليو ويو، پر ووٽ بينڪ پي ٽي آءِ ڏانهن وڃڻ جو مطلب آهي ته پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي فرشتن ڪامياب ڪرائي ڇڏيو هو نه ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل عالمگير کي ڪير سڃاڻي ۽ هن جو سياسي قد ڪاٺ ڪهڙو آهي، پر جيئن ته عالمگير به سنڌ دشمن پاليسي جو حصو آهي تنهنڪري هن کي ڪراچي مان چونڊرايو ويو آهي.
ايم ڪيو ايم بظاهر ته آدمشماري واري معاملي تي حڪومت کان ظاهر ٿي آهي، آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪيو ايم کي اهي خدشا آهن ته اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو انگ گهٽ ڄاڻايو ويو آهي، پر رڳو اهو مسئلو نه هوندو، ايم ڪيو ايم پنهنجون بند ٿيل آفيسون وري کولڻ چاهي ٿي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجو اهو ئي اوج چاهي ٿي، جيڪو ماضِي ۾ هو، جڏهن اها ڪراچي تي دهشتگردي وسيلي راڄ ڪندي هئي، پر ڇا عمران خان وٽ اهي اختيار آهن ته هو ايم ڪيو ايم جي انهن مطالبن کي مڃي ۽ سندس مسئلن کي حل ڪري. ايم ڪيو ايم جي مسئلن کي عمران خان حل ڪري ئي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته گم ٿيل ماڻهو، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي، ملڪ جي اندر سياسي پارٽين جي مطالبن جي مڃتا ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا معاملا آهن، جن تي عمران خان جو وس ئي نٿو هلي سگهي. تنهنڪري ايم ڪيو ايم جيڪڏهن اها اميد ڪري رهي آهي ته اها عمران خان ڏانهن جيڪي به مطالبا رکندي ۽ هو پورا ڪندو ته اها ڳالهه ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.
اهي به امڪان آهن ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري ايم ڪيو ايم ڪابينا کان ڌار ٿيڻ واري فيصلي کي واپس وٺندي اهو چوي ته وزير اعظم عمران خان خاطري ڪرائي آهي، ان ڪري اسين وري ڪابينا ۾شامل ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم اقتدار کانسواءِ رهي نٿي سگهي ۽ اها جنهن قسم جي سياست ڪندي رهي آهي، ان کي جاري رکڻ چاهي ٿي. هونئن ته پاڪستان ۾ موجود ايم ڪيو ايم پاڻ کي لنڊن واري ايم ڪيو ايم کان ڌار ڄاڻائي ٿي، پر تنهن هوندي به اهي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. ايم ڪيو ايم لنڊن هجي يا ايم ڪيو ايم پاڪستان هجي، اها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪنهن به ريت مختلف ناهي. ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي سياست جو محور مهاجر ڪارڊ ئي آهي. ٽن ڏهاڪن کان حڪمران جماعتن سان اتحادي رهندڙ ايم ڪيو ايم پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ آبادي لاءِ اهڙو ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، جنهن آڌار اها پنهنجن ماڻهن آڏو اهو چئي سگهي ته ان انهن لاءِ ڪي چڱا ڪم ڪيا آهن. هڪ خوف ۽ ڏهڪاءُ واري سياست ڪندڙ ايم ڪيو ايم پارٽي سطح تي به پنهنجا مفاد ماڻيندي رهي آهي، پر اها عوامي سطح تي ماڻهن آڏو پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي اهو اشارو مليو آهي ته هاڻوڪي حڪومت جو ٽائٽينڪ ٻڏڻ وارو آهي ته اها پهرين سواري طور لهڻ چاهي ٿي ته جيئن سڀاڻي اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي اهو چئي سگهي ته اسين اوهان جي ڪري حڪومت کان ڌار ٿياسين ۽ اصولن تي سودي بازي نه ڪئي. عمراني حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي لوڏن ۾ رهي آهي، اها نه ته ملڪ جي معاشي حالت کي بهتر ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي عوامي سطح تي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. عمران خان ته ڪجهه ڏينهن اڳ ان ڳالهه جو اعتراف به ڪري چڪو آهي ته هن کي ڏيڍ سال تائين معيشت جي سمجهه ۾ ئي نه آئي. جڏهن ته هو دعويٰ ڪري رهيو هو ته هن وٽ سئو ماڻهن جي اهڙي ٽيم آهي، جيڪا ملڪي معيشت ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندي.
بهرحال ايم ڪيو ايم جي سياست جيئن ماضي ۾ رهي آهي اها هاڻ به رهندي ۽ هاڻوڪي حڪومت به ائين ئي وڌ کان وڌ وقت گذارڻ چاهي ٿي ته جيئن عمران خان وڌ کان وڌ وزيراعظم واري منصب جو مزو ماڻي سگهي.

