جنم ڀومي
انسان چاهي ڪيتري به ترقي ڪري وٺي، ڪٿي به هليو وڃي رهي، پر هو پنهنجي پيدائش واري جاءِ نه وساري سگهندو آهي، ڇو جو اتان جي مٽي سندس وجود ۾ شامل هوندي آهي.
منهنجي پيدائش جي جاءِ ڦلجي اسٽيشن تعلقو ضلعو دادو آهي، هن جديد ۽ جمهوري دور ۾ جنهن ۾ هر انسان کي لڳ ڀڳ پنهنجي بنيادي حقن جي ساڃاهه آهي، اتان جون حالتون پٿر جي دور واريون آهن، جڏهن ته وقت سان گڏ گڏ سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ايندو رهي ٿو، پر ان جو فائدو ڪڏهن به ڦلجيءَ کي حاصل نه ٿي سگهيو آهي، بنيادي سهولتون نه هجڻ برابر آهن ۽ ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهر جي آبادي اٽڪل پنجاھ هزار تائين وڃي پهتي آهي. ڦلجي هن وقت ٽائون جو درجو رکي ٿو، پر تنهن هوندي به ڦلجي بنيادي سهولتن کان محروم آهي جنهن ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار نه هئڻ برابر آهن. ڦلجي کي دادو شهر سان ڳنڍيندڙ روڊ سالن کان تعمير نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب اتي خبر ناهي ته ڪيترو جاني نقصان ٿي چڪو آهي، ان کان علاوه اتي ڪاروباري ترقي ٿيڻ به ممڪن نظر نٿي اچي، ڇو جو روڊن جي خراب صورتحال جي ڪري ڪاروبار تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. شهري روڊ جي تعمير لاءِ سالن کان سراپا احتجاج آهن، پر ڪير سڏ ورنائڻ وارو ڪونهي، ڦلجي ٽائون تعلقي جو ٻيو وڏو شهر آهي، پر هن جديد دور ۾ به سهولتن کان محروم آهي. گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ڪيترن ئي سالن کان ڇت ڪرڻ سبب بند پئي آهي ۽ هن وقت ڇوڪرين جو اسڪول گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ۾ هلي رهيو آهي، جنهن جي ڪري نياڻين کي ۽ سندن والدين کي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ڪيترن گهراڻن جون ڇوڪريون ڌار اسڪول جي بلڊنگ جي سهولت نه هجڻ ڪري پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ويهي رهيون آهن. ڳالهه اتي ختم نٿي ٿي پر حالت گورنمينٽ بوائز اسڪول جي به صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن جي ڇت هنڌان هنڌان اکڙي وئي آهي ۽ ڪنهن به وقت ڪا خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ڪوبه حادثو پيش اچي سگهي ٿو، جنهن جي ذميدار سنڌ حڪومت ئي هوندي. صحت جي لاءِ به ڪي خاص اپاءُ نه ورتا ويا آهن، سرڪاري اسپتال جيڪا هن وقت (پي پي ايڇ آءِ) جي سهڪار سان ڪم ڪري رهي آهي، اتي مقرر ڪيل ڊاڪٽر وقت تي موجود نظر نه ايندا آهن، اسپتال اڻ تجربيڪار ڪمپائونڊرن حوالي ٿيل آهي، جيڪي انساني جانن سان کيڏي رهيا آهن.
ڦلجي ٽائون ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن، جهڙوڪ مٿي ذڪر ڪري آيس ان کان علاوه پيئڻ جو پاڻي تمام گهٽ دستياب آهي ۽ اهو پاڻي غير شفاف ۽ گدلو هجڻ ڪري ماڻهن جي صحت خراب ٿي رهي آهي. نيڪال جو نظام به ڳڻتي جوڳو آهي. بجلي جي لوڊ شيڊنگ 18 کان 20 ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪري ٿي، جنهن جي ڪري ڪيترائي ڪارخانا، مشينون، هلي نٿا سگهن، ماڻهن جو روزگار متاثر ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي گرميون اچڻ واريون آهن جنهن جي ڪري ماڻهن جي زندگي شدت سان متاثر ٿيندي. ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي جو گئس جنهن جو وڏو حصو سنڌ مان حاصل ڪيو وڃي ٿو، سنڌ جي ماڻهن کي گهرن ۾ چلهو ٻارڻ لاءِ دستياب ڪونهي، جنهن جي لوڊ شيڊنگ به 8 کان 10 ڪلاڪ ٿئي ٿي ۽ جڏهن گيس اچي ٿي ته ان جو پريشر به اهڙو هوندو آهي جو هن تي کاڌو پچائي نٿو سگهي. ان لاءِ ماڻهو ڪاٺيون، ڪوئلا ۽ تيل جا چلها ٻارڻ لاءِ مجبور آهن.
اها درد ڪٿا جديد دور جي آهي ايڏي تڪليف ۾ ماڻهو زندگي گهارين پيا، پر حڪمران ڌر جا لوڪل نمائندا، اگهور ننڊ ستل آهن. لڳاتار پندرهن سال سنڌ تي راڄ ڪندڙ حڪمران سڄي سنڌ جيئان منهنجي جنم ڀومي کي به اونداهي دور ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. شهري جڏهن پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته لوڪل نمائندا کين پنهنجي سياسي تعصب جو نشانو بڻائي، پنهنجا اختيارات استعمال ڪري سندن نالي ماتر مليل سهولتن کي به کانئن ڦرڻ جي ڪوشش ڪري تڪليفون ڏين ٿا ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڪورٽن جا چڪر لڳرائن ٿا يا پنهنجي پاليل پگهاردارن هٿان حملا ڪرائي چپ ڪرائي ڇڏين ٿا، ڇو جو صاحبان پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي چڪر ۾ آهن. جيڪڏهن ڪو شهري حساب گهرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ته همراهه جيل جو منهن ٿو ڏسي.
ڦلجي جي موجوده حالت سندن بدانتظامي جو ثبوت آهي، پر الميو اهو آهي جو عوام خوف ۾ مبتلا آهي. ڪُڇي به ڪيئن ڪجھ لالچ جي ور چڙهي ويا آهن، ڪجھ ظالمن جي خوف کان ٻِرنَ ۾ وڃي لڪا، ها پر اڃا ڪي بچيل آهن، جيڪي اڄ به ظالمن اڳيان سينو تاڻي بيٺا آهن.
ان اميد سان ته نيٺ ته هڪ ڏينهن مثبت تبديلي ايندي. مان انهن جوانن کي سلام ٿو پيش ڪيان جيڪي وقت سر پنهنجو آواز بلند ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي شهر جا مسئلا اختيارين آڏو پيش ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿا.

