خاص

عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ  ڪوئيٽا جي پوليس لاهور پهچي وئي

ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ کڻي لاهور پهچي وئي، عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ پهتل ٽيم ۾ ايس پي انويسٽيگيشن سميت 3 آفيسر شامل آهن. گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي عدالت ادارن خلاف نفرت ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.  ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ گذريل ڏينهن لاهور لاءِ رواني ٿي هئي، عمران خان جي گرفتاري جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. عمران خان طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوئيٽا جي ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪيل آهي.