خاصنئون

وزيراعظم گوادر ايئرپورٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

وزيراعظم پاڪستان عمران خان گوادر ايئرپورٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پيڙهه جي پٿر رکڻ جي تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ايندڙ وقت ۾ گوادر ملڪي ترقي ۾ مدد ڪندو. ماضي ۾ ترقياتي منصوبن مان مقامي ماڻهن کي فائدو نه ٿيو ترقي اها هوندي آهي ته مقامي ماڻهن کي فائدو پهچي. هن وڌيڪ چيو ته گوادر ۾ پاڻي کي ٻيهر استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سولڊ ويسٽ ٽريٽمينٽ جا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون. گوادر جي 7 لک 20 هزار ماڻهن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيئي رهيا آهيون.