بلاگنئون

هائي هيءَ بيقدري دنيا

ڏينهون ڏينهن وچ اوڀر جون حالتون هڪ نئين جنگ ڏانهن وڌي رهيون آهن، جيڪي اهڙي رتو ڇاڻ ۽ بربادي تي پهچي سگهن ٿيون، جنهن جو هن وقت اندازو ڪرڻ به مشڪل آهي. گذريل ڳچ عرصي کان اسرائيلي صيهوني رياست غزه کي موهن جي دڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هيستائين هڪ اندازي مطابق 60-70 هزار فلسطينين کي قتل ڪيو ويو آهي، جن ۾ 90 سيڪڙو عام ماڻهو آهن. صيهوني فوج ان قتل عام ۾ پوڙهن، عورتن، ٻارڙن ايستائين ته اسپتالن جي بيڊن تي پيل زخمين ۽ مريضن کي به نه بخشيو آهي، پر حماس کي چٿڻ ۾ ناڪام ذهني مريض نيتن ياهو جيڪو اسرائيل جو جلاد وزيراعظم بڻجي چڪو آهي. هاڻي غزه ۾ جاري قتل ۽ بربريت کي ايران کانپوءِ قطر سان گڏ هڪ کليل جنگ جي صورت ۾ سموري علائقي ۾ پکيڙڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته مسلسل جنگي حالتون ئي سندس اقتدار ۾ رهڻ جون ضامن آهن. ٻي صورت ۾ ڪرپشن جي سنگين ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندس، پر ان بنيادي مقصد کان هٽي ڪري به آمريڪا سميت مغربي سامراج کي خطي ۾ سڌي سنئين مداخلت ۽ اسرائيل جي پٺڀرائي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ. غزه ۾ جاري بربريت کان دنيا جو ڌيان هٽائڻ ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ جهڙا ارادا اسرائيل جي موجوده روين جي پٺيان سرگرم آهن، جنهن ۾ دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو ۽ اهم ايراني ڪمانڊرن جو قتل ۽ ان کانپوءِ ايران تي بمباري، جنهن ايران کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسرائيل کي سڌي سنئين نشاني بنائڻ تي مجبور ڪيو ۽ جهڙي طرح هن وقت صورتحال نظر اچي رهي آهي ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته جنگ ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري نه صرف سموري وچ اوڀر بلڪه ان کان به ٻاهر پکڙجي وڃي. ايٽمي هٿيارن جو استعمال، خطي جي رجعتي ۽ عوام دشمن رياستن جي خلاف ماڻهن جي ڪاوڙ بغاوتن جي لاوي جيان ڦاٽي پوي ۽ اڳ کان ئي تباهه ٿيل عالمي معيشت جي ڳوڙهي بحران ۾ ڌڪجي وڃڻ جي خوف کان سامراجي طاقتون بحيثيت آمريڪا، يورپ، روس ۽ چين اسرائيل کي وڌيڪ ڪنهن اشتعال انگيزي کان منع ڪري رهيون آهن، پر اهي تنبيهون، ڌمڪيون ۽ اپيلون نيتن ياهو جهڙي ذهني مريض کي روڪڻ جي لاءِ ڪافي ناهن.

ساڳئي وقت يوڪرين جنگ جون خونريزيون به جاري آهن. بي بي سي جي هڪ نئين رپورٽ مطابق ان جنگ ۾ هيستائين 50 هزار کان وڌيڪ روسي فوجي پنهنجي جان وڃائي چڪا آهن ۽ عام شهرين جا موت ان کان وڌيڪ ٿيا آهن. اهو جهڳڙو به ڪنهن حل کان خالي ڏيک ڏئي ٿو ۽ خاص حالتن ۾ پکڙڻ ڏانهن وڃي سگهي ٿو، پر وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ۾ هلندڙ اهو موتمار ٽڪراءِ ڪو الڳ ٿلڳ يا اوچتو واقعو ناهي، بلڪه سامراجي قوتن يا ڪيمپن جي وچ ۾ مسلسل شدت وٺندڙ انهن ٽڪرائن جي پيداوار آهي، جنهن جي پٺيان وري بحران ۾ ڦاٿل عالمي سرمائيداري جون پنهنجيون بيوقوفيون شامل آهن. جنگين کان هٽي ڪري لاطيني آمريڪا کان وٺي ڪري آفريقا ۽ اوڀر ايشيا تائين اهي بين الاقوامي ٽڪراءُ بارودي سرنگن جيان هڪ دٻيل ۽ ڄميل حالت ۾ موجود آهن، جيڪي اچڻ واري عرصي ۾ ڦاٽي ڪري وڌيڪ جنگين، گهرو ويڙهن ۽ دهشتگرديءَ جي شڪل ۾ نئين بربادين جو حصو بڻجي سگهن ٿا.

ماحولياتي بربادي ۽ بحران مسلسل وڌي رهيو آهي. دبئي ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ تازيون شديد برساتون ۽ ٻوڏون انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. ساڳئي ريت مهانگائي، محرومي، غربت، بيروزگاري جهڙين ذلتن جي شڪل ۾ سرمائيداري جي معاشي ڪاهه هڪ بنا محسوس ٿيڻ واري انداز ۾ هر خطي ۽ سماج ۾ نه صرف هلندڙ آهي، بلڪه مسلسل وڌي رهي آهي. اهي اهڙا زخم آهن جيڪي صرف دل، دماغ ۽ جسمن تي ئي نٿا لڳن، پر روح، احساس ۽ جذبن کي پڻ ڀاڱان ڀاڱان ڪريو ڇڏين. انسان کان جيئڻ جي اميد به ڇني ڇڏين ٿا، اهو ڪو اتفاق ناهي ته آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ ڊپريشن ۽ اينگزائٽي جهڙا مرض تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪا آهن ۽ اٽڪل 30 سيڪڙو آبادي انهن ذهني مرضن جو شڪار آهي، جيڪي بنيادي طور مسلسل غير يقيني صورتحال، نفانفسي، مقابلي بازي، ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي تي مشتمل حالتن جي پيداوار آهن. منشيات، ڏوهه، گهريلو تشدد وغيره جهڙا سماج دشمن رويا ۽ مسئلا به انهن ڪارڻن سان ڳنڍيل آهن. مڙهيل ميڊيڪل سائنس اهڙن دماغي مرضن کي جسم ۾ موجود ڪيميائي مادن جي عدم توازن ۾ تلاش ڪري ٿي اهو مسئلي جو حل ناهي، بلڪه نتيجو يا پيداوار آهي. زندگي جڏهن تعمير ۽ تخليق، انساني ٻڌي، محبت، ويجهڙائي ۽ اشتراڪي خوشي ۽ آسودگي تي مشتمل مقصديت کان محروم ٿي وڃي ته انسان جي روح کي غربت، احساس کي هيڻو ۽ جيئڻ جي اميد کان ويڳاڻو ڪري ڇڏي ٿي. انسان سرمائيداري جي انهن المين جو شڪار آهي. ساحر، ڏهاڪا اڳ ڪيتري دردناڪ ۽ زوردار انداز سان سرمائيداراڻي معاشري جي تصوير ڪڍي هئي.

يي دنيا جهان آدمي ڪڇ نهين هي

وفا ڪڇ نهين دوستي ڪڇ نهين هي

جهان پيار ڪي قدر هي ڪڇ نهين هي

يي دنيا اگر مل ڀي جائي تو ڪيا هي.

اهي ڪيفيتون اچڻ واري وقت ۾ نظام جي زوال پذيري سان گڏ شديد ٿينديون. سرمائيداري جي نفعي جي شرح سان گڏ ان جي واڌ ويجهه ۾ ڪمي ۽ آمدني ۾ تاريخي لاٿ کان پريشان آهي. محنت ڪش عوام جي لاءِ ان جو مطلب وڌيڪ جوکو ۽ محرومي آهي. آسٽيرٽي کان وٺي بيروزگاري ۽ نجڪاري کان وڃي مهانگائي تائين ان جون ڪيتريون ئي معاشي شڪليون ٿي سگهن ٿيون. ان نظام جي زوال پذيري سان گڏ ئي نقصان به آهن، جيڪي بنياد پرستي، نهايت ساڄي ڌر جي واڌ ۽ مضبوطي، پولرائيزيشن، محلاتي سازشون رياستن جي ٽوڙ ڦوڙ کان وٺي عوامي ڪاوڙ ۽ ڏمر، بغاوتن ۽ انقلابي تحريڪن وغيره تائين وڃن ٿا.

انهن حالتن ۾ پاڪستاني رياست به اڄ هڪ وجودي بحران جو شڪار نظر اچي ٿي. سامراجي پاليسيون ٺاهيندڙن جون پنهنجون رپورٽون نشاندهي ڪري رهيون آهن ته پاڪستان کي ڊگهي عرصي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي پروگرامن ۾ رهڻو پوندو. ڪٽوتين جون پاليسيون مسلسل جاري رهنديون. معيشت مثلن ماٺي ۽ مهانگائي نهايت بلند سطح تي رهندي، جنهن جي نتيجي ۾ عام انسانن ۾ ڪاوڙ ۾ واڌارو ٿيندو. موجوده حڪومت شايد ئي ملڪي تاريخ جي غير معمولي حڪومت آهي. جڏهن ته رياست ڪيترن ئي نقطهءِ نظر کان اندروني ورهاست ۽ ٽڪرائن جو شڪار آهي. بحران سان گڏ بدعنواني ۽ ڪاري ناڻي جي اڏوهي رياستي ادارن جي نظم و ضبط کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري نظرين ۽ بيانن کان پاڻ رياست مشينري ۽ سندس هلائڻ وارن جو اعتماد کڄي چڪو آهي. مسلسل ڇڙواڳي ۽ افراتفري جو عالم آهي، پر پنهنجي زوال پذيري، ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڪرندڙ ساک سان گڏ رياست وڌيڪ وحشت ۽ جارحيت تي لهندي پئي وڃي.

باوجود انهيءَ جي اها به حقيقت آهي ته اهڙي صورتحال هميشه ائين برقرار نٿي رهي سگهي. نه ئي ان طريقي سان اڳتي وڌي سگهي ٿي. اچڻ وارن ڏينهن ۾ نه صرف هي ملڪ بلڪه سڄي دنيا ۾ گڏ ٿي رهي آهي. معاشي، سياسي ۽ سماجي ٽڪرائن جو معياري اظهار ڪرڻ وارن ڌماڪن سان ڀرپور واقعا لازم ٿي چڪا آهن، جن ۾ رجعتي مظهرن سان گڏوگڏ اهڙيون ڪيفيتون به لازمي جنم وٺنديون جن ۾ انقلابي قيادتن جي تحت ان نظام کي پاڙون پٽي ڦٽي ڪرڻ جو عمل شروع ڪري سگهجي ٿو. انسانيت دشمن سماجن کي هن دنيا کي بدلائڻ جو اهوئي هڪ رستو آهي. ٻي صورت ۾ وڌيڪ جنگيون، محروميون، ذلت ۽ بربريت انسان جي اوسيئڙي ۾ آهي.