هن وقت پاڪستان ۾ سرويڪل ڪينسر جي ويڪسين مهم جاري آهي، اهو واحد ڪينسر آهي جيڪو عورتن ۾ هڪ خاص وائرس جي ذريعي پکڙجي ٿو. جنهن کي هيومن پيپيلوم وائرس (HPV) سڏجي ٿو. اڪثر ماڻهن ۾ اهو وائرس پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي اندر قوت مدافعت گهٽ هجڻ جي ڪري اهو وائرس ڪينسر جو سبب بڻجي ويندو آهي. اهو ڪينسر مردن ۽ عورتن ٻنهي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، پر جيئن ته عورتن جي اندر فطرت پيدائش جو هڪ نظام رکيو آهي، جنهن ۾ ان جي ٻچيداني متاثر ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي اها عورت مختلف مسئلن کي منهن ڏئي سگهي ٿي. حڪومت هڪ بهتر قدم کڻي ان بيماريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص عمر جي نوجوان ڇوڪرين کي هن بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي بچاءُ ڪرڻ جو هڪ بهترين قدم کڻي رهي آهي. جيئن ته اسان جي معاشري ۾ تعليم جي تمام گهڻي کوٽ آهي، ان ڪري ان بابت ڪيترائي افواهه پکڙجي رهيا آهن. نه صرف افواهه پکڙجي رهيا آهن پر گمراهه ڪن بيانيه به ٺاهيا ويا آهن. خبر ناهي اسان وٽ جڏهن به ڪنهن بيماريءَ بابت ڪا مهم هلي ٿي ته هڪ مخصوص گروهه پنهنجي منفي سوچ سان هڪ خاص قسم جي پروپيگنڊا عام ڪري عوام اندر ان ويڪسين خلاف يا ان دوا خلاف خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪري؟ جنهن جي ڪري اهي نتيجا جيڪي اسان جي حڪومت ان ويڪسين جي وسيلي حاصل ڪرڻ چاهي ٿي حاصل نٿا ٿي سگهن. عام ماڻهو مجبور ٿي صحت کاتي جي ٽيمن سان جهيڙو ڪرڻ لڳن ٿا، ڪڏهن پوليو خلاف هلندڙ مهم تي اعتراض والارين ٿا ته ڪڏهن ڪووڊ 19 ويڪسين خلاف هلندڙ مهم کي غير شرعي قدم قرار ڏيئي پروپيگنڊا ڪندا رهن ٿا. ايتري تائين چيو ويو ته جيڪو ڪووڊ ويڪسين لڳرائيندو اهو هفتي اندر مري ويندو ۽ ايترو موت ٿيندو جو ماڻهو دفنائڻ وارا کٽي پوندا، پر وقت ثابت ڪيو ته ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٿي، بلڪه ماڻهن کي ان ويڪسين ڪرائڻ کانپوءِ صحت ملي وئي. هن وقت جڏهن سرويڪل ڪينسر جي ويڪسين مهم شروع ٿي آهي ته اهي ساڳيا عناصر ڪوڙي ۽ منفي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪينسر هڪ متعدي بيماري آهي جيڪا صرف هڪ فرد کي نه، پر سڄي خاندان کي متاثر ڪري ٿي، تنهنڪري ان جو سڀ کان موثر حل بروقت روڪٿام آهي. هن وقت سرويڪل ڪينسر کي روڪڻ لاءِ هڪ ويڪسين موجود آهي، جنهن کي استعمال ڪرڻ سان ڪينسر جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. جيئن اسان ماتا، پوليو ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين جو گهڻي قدر خاتمو آڻي چڪا آهيون. بدقسمتي سان، پاڪستان ۾ هر نئين ويڪسين خلاف شڪ وارو ماحول پيدا ڪيو وڃي ٿو، جيڪو بي علميءَ جي بنياد تي هوندو آهي. جيستائين ويڪسين بابت اصل حقيقتون سامهون اچن تيستائين ماڻهو ان کان خوف کائڻ لڳندا آهن.