خاص

ٻارن کي فون ڏئي وندرائڻ سندن روين ۾ مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ضد ڪندڙ ٻارن کي فون ڏئي وندرائڻ مستقبل ۾ سندن روين ۾ مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪاوڙ ۾ دانهون ڪندڙ ٻار کي ڊجيٽل ڊوائس ڏئي فوري طور تي چُپ ته ڪرائي سگهجي ٿو پر اهو طريقو پنهنجي اندر ڊگهي مدي وارا مسئلا رکي ٿو. آمريڪا جي يونيورسٽي آف مشيگن جي تحقيق ڪندڙن جي ٽيم تحقيق لاءِ 422 والدين ۽ سندن ٽن کان پنجن سالن جي ٻارن جي چونڊ ڪئي.

سائنسدانن والدين کان پڇا ڪئي ته هو ٻارن کي وندرائڻ لاءِ فون يا آئي پيڊ جهڙن ڊجيٽل آلات جو ڪيترو استعمال ڪرائندا آهن ۽ ڇا هنن ٻارن ۾ گذريل ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصي اندر جذباتي يا رويي جي مسئلن جي علامتن جو مشاهدو ڪيو آهي. انهن علامتن ۾ اداسي مان خوشي جي وچ ۾ جذبات جي فوري منتقلي، مزاج يا احساسات ۾ فوري تبديلي ۽ انتهائي فعليت شامل آهن.