ايڊيٽوريلنئون

ملڪ کي مستحڪم دائمي انتظام ۽ نظام جي ضرورت آهي

ڪنهن به ملڪ ۽ سماج کي هڪ نظام جي ضرورت رهي ٿي، جنهن ۾ اهڙو انتظام هجي جو انهيءَ ملڪ جي شهريءَ جون سڀ ضرورتون پوريون ٿين. ڪنهن به سماج جو هڪ فرد يا سڀ ماڻهو ايترو ته حق رکن ٿا جو انهن کي زندگي گذارڻ لاءِ سهولتون ملن ۽ انهن کي اظهار جي آزاديءَ جو حق هجي ۽ قانون سماج جي سڀني طبقن لاءِ برابر هجي. انتظام ۽ قانون تائين رسائي جا رستا سڀني لاءِ ساڳيا هجن، اهو سڀ ڪم هڪ رياست دائمي انتظام ۽ نظام هيٺ ڪندي آهي. هتي اسين اها ڳالهه ضرور ڪريون ٿا ته اسان جو ملڪ دنيا جي طاقتور ملڪن مان هڪ آهي. اسان کي انهيءَ تي فخر پڻ آهي، پر شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسين هڪ نظام ۽ هڪ انتظام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿيا آهيون.

 اسان جو ملڪ جيئن ته هڪ ترقي پذير ملڪ آهي، انهيءَ ڪري اسان کي لازمي هڪ نظام لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي جيئن عام ماڻهو لاءِ زندگيءَ کي آسان بڻائي سگهجي. سال 2024ع ۾ معيشت جو نوبل انعام ماڻيندڙ ٽي معاشي ماهر آهن. ٽنهي معاشي ماهرن پنهنجي تحقيق ۾ اهو ٻڌايو آهي ته جن ملڪن ۾ قانون جي ناقص حڪمراني هجي ۽ اتي ادارا عوام جو استحصال ڪندا هجن اتي ترقي ۽ تبديلي نٿي اچي سگهي ۽ هنن هڪ ٻي اهم ڳالهه ڪئي آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن جي آمدني ۾ وسيع فرق کي ختم ڪرڻ اسان جي وقت جو وڏو چئلينج آهي ۽ اسين سمجهون ٿا ته اسان جو ملڪ به انهيءَ چئلينج کي به منهن ڏيئي رهيو آهي. اسين نظام ۽ انتظام جي ڳالهه ان ڪري ڪريون ٿا ته اڃان به وقت نه ويو آهي جو اسين پنهنجا مسئلا حل نه ڪري سگهون ۽ پنهنجي لاءِ هڪ دائمي نظام ۽ انتظام نه ٺاهي سگهون. اسان جي ارباب و اختيار کي صرف اهو طئي ڪرڻو آهي ته اسان جو نظام يعني سسٽم ڪهڙو ٿيڻو آهي. اسين هڪ جمهوري ملڪ هجڻ جا دعويدار آهيون ته پوءِ سڀئي سياسي جماعتون جيڪي وفاقي پارليامينٽ، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ موجود آهن يا انهن کان ٻاهر آهن انهن سڀني کي گڏ ويهي اسان لاءِ هڪ نظام ۽ انتظام جوڙڻو پوندو. اسين سال 2024ع مان گذري رهيا آهيون، دنيا ترقيءَ جا گهڻا ڏاڪا طئي ڪري وئي آهي ۽ اها ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي دور مان گذري رهي آهي، پر اسين اڃان تائين پنهنجو سسٽم جوڙي نه سگهيا آهيون، جيڪو سدائين لاءِ هجي ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سهولت لاءِ هجي. ڪو ته اهڙو انتظام اسان کي ڳولڻو پوندو جيڪو اسان جي ادارن جي هٿان اهڙي قانون سازي ڪري اهڙو نظام آڻي جو سماجي فرق کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ روزگار، تعليم، صحت کان وٺي انصاف تائين رسائي عام ماڻهو لاءِ ڪيئن آسان ٿئي، اسان کي اهڙو نظام گهرجي، اهڙو انتظام گهرجي. اسان کي بدعنواني ۽ آمريت جو رجحان رکندڙ ادارا نه گهرجن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي انهيءَ اميري ۽ غريبي کي ختم ڪرڻ وارو نظام اسان کي ڳولڻو آهي ته جيئن ماڻهن جي آمدنيءَ ۾ وڏو ۽ ڏسڻ ۾ ايندڙ فرق ختم ٿيڻ گهرجي. وقت اچي ويو آهي ته اسان وٽ انهيءَ تي ڪم ٿيڻ گهرجي. اسان جا سماجي ادارا، اسان جون چونڊيل حڪومتون، اسان جي اعليٰ عدالت ۽ سماج جا سجاڳ طبقا معيشت ۽ سماج جا ماهر سڀ گڏجي ويهن ته جيئن هڪ بهتر نظام جو بنياد رکي سگهجي.

 نوبل انعام حاصل ڪندڙ ٽنهي معيشت جي ماهرن آمدنيءَ ۾ وسيع فرق کي ختم ڪرڻ ۾ موجوده دور جي وڏن مسئلن مان هڪ ڄاڻايو آهي ۽ انهن پنهنجي تحقيق ۾ واضح ڪيو آهي ته ڪهڙي طرح سماجي ادارا انهيءَ فرق کي گهٽ ڪري سگهن ٿا. اسين هتي معيشت جي ماهرن جي مٿين ڳالهين جي تناظر ۾ اها ڳالهه ڪندا هلون ته هاڻي اسان کي هڪ مستحڪم سسٽم ۽ هڪ انتظام گهرجي، جنهن ۾ عام پاڪستاني کي جيئڻ جا سڀ حق ملڻ گهرجن.