بلاگنئون

ڇا وفاقي بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي جو ڪو منصوبو هو؟

گذريل ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 26-2025 جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت صحت جي 21 منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڏي رقم مختص ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ صحت جي شعبي لاءِ 14.3 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن سان اڳ ۾ جاري 21 منصوبن تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. ان بجيٽ جو مقصد صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ، حفاظتي قدم وڌائڻ ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. انهيءَ مالي مدد سان اسپتالن ۽ طبي مرڪزن کي جديد طبي اوزار فراهم ڪيا ويندا، مقرر فنڊن مان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ هڪ نئين ڪينسر اسپتال پڻ قائم ڪئي ويندي. صحت لاءِ مختص فنڊن مان سڄي ملڪ ۾ هيپاٽائٽس سي ۽ شگر جي اسڪريننگ ۽ علاج تي به خرچ ڪيا ويندا. هن وقت سمورين اسپتالن ۾ سهولتون اڻلڀ آهن ايتري تائين جو نه دوائون موجود آهن ۽ نه ٽيسٽون ٿين ٿيون، ملڪ جي وڏين وڏين اسپتالن ۾ مريض تڙپي تڙپي ساهه ڏين ٿا، هزارين ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون مقرر ڪرڻ باوجود اهي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. پيراميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف جي کوٽ جي پورائي لاءِ ڪا حڪمت عملي نه ٺاهي وئي آهي، اسپتالن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ناهي، اسپتالن جي انتظاميه ڪروڙن جي بجيٽ هڪ ڌڪ ۾ هڙپ ڪريو ڇڏي ڪوبه کانئن پڇڻ وارو ڪونهي ان صورتحال ۾ بجيٽ جا انگ اکر بيحال مريضن جي لاءِ ڪيئن ڪارائتا ثابت ٿيندا؟

جڏهن ته وفاقي ڪابينا سرڪاري کاتن ۾ 40 هزار خالي جاين کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هيل تائين ڪابينا 10 وزارتن جي رائيٽ سائزنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، انهن وزارتن کي يا ته ٻين وزارتن ۾ ضم ڪيو ويندو يا رائيٽ سائزنگ ڪئي ويندي جڏهن ته هيل تائين 45 ڪمپنين ۽ ادارن کي خانگائڻ يا انهن ۾ رائيٽ سائزنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا انهن وزارتن ۽ کاتن ۾ موجود 40 هزار خالي جاين کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان صورتحال ۾ ملڪ جو ڪاروهنوار ڪيئن هلي سگهندو. اڳواٽ ادارن ۾ ملازمن جي کوٽ آهي ته ٻئي طرف ادارن کي ختم ڪرڻ جو مطلب عوام کي نئين عذاب ۾ ڌڪڻ آهي. سرڪار سدائين ملازمن جو مارو ڪندي رهي آهي، وفاقي وزيرن سينيٽرن اسپيڪرن ۽ ججن جون پگهارون 100 سيڪڙو کان 300 سيڪڙو تائين وڌائڻ ۾ ڪا هٻڪ ئي نٿي ٿئي. جڏهن ملازمن جي پگهار جو وارو اچي ٿو ته آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن جا شرط سامهون اچي وڃن ٿا ۽ پگهاردار ملازمن جي پگهار تي ٽيڪس عائد ڪيا وڃن ٿا، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن مالي سال 26-2025 دوران به وفاقي بجيٽ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 14 هزار 131 ارب رپيا رکيو ويو آهي، ان کانسواءِ دفاعي بجيٽ لاءِ 2550 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11 هزار 72 ارب رپيا هوندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ڪُل خرچن جو ڪاٿو 17 هزار 573 ارب رپيا آهي، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي. جڏهن ته پگهارن تي انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته 6 لک رپين کان 12 لک رپين تائين سالياني پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙي ريت 12 لک سالياني آمدني واري پگهاردارن تي ٽيڪس جي رقم کي 30 هزارن مان گهٽائي 6 هزار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪي ماڻهو 22 لک رپين تائين سالياني پگهار کڻندا آهن، انهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو بدران 11 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 22 لک رپين کان 32 لک رپيا ساليانو پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو مان گهٽائي 23 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. شريڪ حيات جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن جو مدو 10 سالن تائين محدود ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ پينشنز جو خاتمو ڪيو ويو آهي، رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت جي صورت ۾ پينشن يا پگهار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته درآمد ٿيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل سولر پينل وچ ۾ مسابقت ۾ برابري يقيني بڻائڻ لاءِ تجويز آهي ته سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. اهو قدم پاڪستان ۾ سولر پينل جي مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. مجموعي طور پاڪستاني عوام وفاقي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان کي عوام مخالف ۽ مزدور مخالف بجيٽ قرار ڏنو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته وفاقي بجيٽ ۾ غريب مزدور ۽ پگهاردار طبقي جي خواهشن ۽ تجويزن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جڏهن مهانگائي جي شرح عروج تي آهي سڄو سال مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ عوام پيڙهجي ٿو ۽ مٿان وري ٽئڪس جو بوجهه به عوام مٿان ٿئي ٿو ته ان جي باوجود پگهارون رڳو وزيرن ۽ سياسي ماڻهن جي وڌائي وڃي ٿي. وفاق پاران پي آءِ اي ۽ ٻين قومي ادارن کي وڪڻڻ جي منصوبن کي جاري رکڻ هڪ غير دانشمندانه فيصلو آهي. ان ڪري بجيٽ تجويزن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، پگهارن ۽ پينشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ۽ سڀني ايڊهاڪ الائونسن کي بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيو وڃي. اي او بي آءِ پينشنرز کي هر مهيني صرف 10,000 رپيا ملندا آهن، ۽ ان ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. سرڪاري ملازمن جي هائوس رينٽ ۽ ڪنوينس الائونس کي مارڪيٽ ريٽ مطابق وڌايو وڃي. ڊيٿ گرانٽ 8 لک رپين کان وڌائي 10 لک رپيا ۽ شادي گرانٽ 4 لک رپين کان وڌائي 5 لک رپيا ڪئي وڃي. يوٽيلٽي اسٽورن، پاسڪو، اين ايف سي، پاڪ پي ڊبليو ڊي وغيره جهڙن اهم قومي ادارن جي سڀني نجڪاري، آئوٽ سورسنگ ۽ بندش کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. يوٽيلٽي اسٽورن جي 5000 ملازمن سميت سڀني برطرف ملازمن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ سڀني ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويج ملازمن کي مستقل ڪيو وڃي. صنعتي مزدورن کي رهائش لاءِ ملڪيت جي بنياد تي فليٽ فراهم ڪيا وڃن.