اچو ته البانيه گهمون (قسط 9 حصو ڇهون)
البانيا جي آزاديءَ جو اهڃاڻ، ڪروجا قلعو
اوچائي تي ٺهيل سڪندر بيگ ميوزم ڏسڻ کانپوءِ جڏهن ڏاڪڻون لهي ٻاهر اچجي ٿو ته ڪافي کنڊر ٿيل عمارتون نظر اچن ٿيون، جيڪي پنهنجي وقت ۾ امير امراءُ، سپاهين جون رهائشون ۽ اسلحه بارود ۽ کاڌ پيت جا گدام هئا. ميوزم جي ٻاهران مختلف لوڪيشنس تي اُن دور جون توبون به نسب ٿيل آهن. اڃان ٿوروئي اڳيان انهن کنڊرن مان گذرندئو ته ميوزم جي بلڪل سامهون سڏ پنڌ تي بيڪتاشي ٽيمپل نظر اچي ٿو، جنهن کي الباني Dollma Bektashi Teqe ڪوٺين. بيڪتاشي اسلام ۾ صوفي ازم (صوفي مت) جو هڪ فرقو آهي. هي ٽيمپل Dollma خاندان جو ٺهرايل آهي ۽ اُنجي نالي پويان سڏيو وڃي ٿو. الباني ٻولي ۾ Teqe لفظ عبادت گاهه (Temple) لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هن وقت هن ٽيمپل جو ڪجهه حصو سلامت آهي جڏهن ته اُن جا ڪافي حصا ڊهي چڪا آهن ۽ اُنهن جو ذڪر باقي وڃي تاريخ ۾ رهيو آهي. جيڪو حصو سلامت بچيو آهي اُن ۾ ڀتين ۽ ڇتين تي چٽسالي ۽ ڪاٺ جي درن ۽ درين جي پراڻي اسٽائل جي ڊزائننگ ڏسڻ وٽان آهي. هن بچيل حصي جي ڪافي حد تائين مرمت ڪري اُنکي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
بيڪتاشي شيعه مسلمانن ۾ صوفي ازم (Bektashism) جو هڪڙو فرقو (Sect) آهي. 13 صدي ۾ اوسر پائيندڙ هي صوفي ازم جو فرقو اُنجي خالق حاجي بيڪتاش ولي (Haji Bektash Wali وفات (1271) جي نالي پويان سڃاتو وڃي ٿو جيڪو اصل ۾ اناتوليه (ترڪي) جو هو. هي پنهنجي صوفي فڪر کي بيڪتاشي يا درويشي طريقت ڪوٺين. 14 ۽ 15 صدي ۾ هي فڪر اناتوليا ۽ آسپاس ۾ ڪافي ڦهليو ۽ 16 صدي ۾ Bahim Sultan هن فڪر جا جامع قاعدا ۽ قانون ٺاهيا. بيڪتاشي 12 امامن ۽ 14 معصومين ۾ يقين رکن ٿا. وحدت الوجود ۾ يقين رکندڙ هي صوفي پنجن نمازن کان علاوه ٻه اضافي نمازون هڪ فجر ۽ ٻي نماز شام جي به پڙهن ٿا. هي هڪ خدا ۽ سڀني نبين کي مڃيندڙ آهن. حضرت علي رضه جي ڄمڻ جي ڏينهن کي نوروز طور ملهائين. هن صوفي فرقي ۾ شراب پيئڻ جي اجازت آهي. هنن جي نظر ۾ شراب ماڻهن جي اندر جي سچ کي پڌرو (ظاهر) ڪري ٿو. هنن جي فڪر ۾ عورت لاءِ برقعو ضروري ناهي. ترڪي ۾ پروان چڙهندڙ هن صوفي ازم جي فرقي ۾ سرواڻ (گادي نشين يا اڳواڻ) کي ڊيڊيبابا (Dedebaba) ڪوٺين. 1826ع ۾ عثمانيه سلطنت جي بادشاهه سلطان محمد II هن صوفي فرقي تي Janissary corps سان تعلقات سبب بندش وڌي. ڪافي صوفي درويشن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو ۽ گھڻن کي جلاوطن ڪيو ويو، جن ۾ گهڻائي البانين جي هئي. ياد رهي ته اُن وقت البانيا ترڪي جي سلطنت عثمانيه جي زير تسلط هو. هتي Janissary Corps جو ذڪر نڪتو آهي ته ٿورو گهڻو اُن بابت به ڄاڻي وٺون. Janissaries دراصل اُنهن ٻار جنگي قيدين کي چئبو آهي جيڪي سلطنت عثمانيه مختلف علائقن فتح ڪرڻ ۾ حاصل ڪندي هئي. انهن عيسائي مذهب جي ٻارن جن ۾ گهڻائي البانين، آرمينين، يونانين، بلغارين ۽ سربين جي هئي کي طهر ويهاري مسلمان ڪيو ويندو هو ۽ اُنهن جي ننڍي هوندي کان ئي فوجي تربيت ڪئي ويندي هئي. اهڙي طرح هي نئين ٺهندڙ فوج ترڪي سلطنت جي انتهائي وفادار بڻجي ويندي هئي ۽ اُن کي بادشاهه جي خاندان جي ذاتي حفاظت تي معمور ڪيو ويندو هو. انهن فوجين کي 40 سالن تائين نه ته شادي ۽ نه ئي ڪو ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت هئي. ترڪي جو بادشاهه سلطان مراد I جي 14 صدي ۾ ٺاهيل هن فوج ۾ اڳتي هلي بغاوت جنم ورتو ۽ 1826 ڌاري اُن فوج جي باغيانه حرڪتن سبب سلطان محمد II جي وقت 1826 ۾ اُن کي مڪمل طور ڪچلي ناس ڪيو ويو.
تقريبن 1876ع ڌاري عثمانيه سلطنت جي ٻئي دور ۾ بڪتاشي صوفي فرقو وري نئين سري سان منظم ٿيو ۽ بڪتاشي ميمبرن جي گڏيل راءِ سان Salih Nijazi کي ڊيڊيبابا مقرر ڪيو ويو. سلطنت عثمانيه جي زوال ۽ ڪمال اتاترڪ جي دور حڪومت ۾ هنن جي عبادت گاهن (Teqes) کي بند ڪيو ويو. نتيجن هن درويشي (Dervish) فرقي جا زياده تر ماڻهو البانيا لڏي ويا ۽ هنن پنهنجو مرڪز ترانا ۾ قائم ڪيو. 1967 ۾ ڪميونسٽ دور حڪومت ۾ البانيا جي ڪميونسٽ اڳواڻ سڀني مذهبي عبادتگاهن تي پابندي لڳائي جن ۾ هنن جون عبادت گاهون (Teqes) به بند ڪيون ويون. 1990 ڌاري ڪميونسٽ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ٻيهر هنن جون عبادتگاهون کوليون ويون ۽ هو پنهنجي صوفي فڪر جو پرچار ڪرڻ لڳا. هن وقت هنن جو اڳواڻ (ڊيڊيبابا) بابا مونڊي (Baba Mondi) آهي جيڪو اُنهن جو 18هون ڊيڊيبابا آهي. هن وقت بيڪتاشي صوفين جو سڄي دنيا ۾ تعداد تقريبن 70 لک جي برابر آهي ۽ البانيا ۾ اُهي ڪل آبادي جو %20 سيڪڙو آهن. البانيا جي گادي جي هنڌ ترانا ۾ هنن جو وڏو ٽيمپل (Teqe) آهي، جنهن ۾ جڏهن هنن جو روحاني اڳواڻي ڊيڊيبابا ايندو آهي ته حاضرين کي ترڪش ڪافي يا راڪي شراب سان خاطر تواضح ڪئي ويندي آهي. بيڪتاشي فڪر موجب بيڪتاشي درويش ٿيڻ لاءِ سڀ کان پهرين انسان ٿيڻ ضروري آهي. جيڪو بهتر انسان ناهي اُهو ڪڏهن به بيڪتاشي ٿي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ سڀئي عقيدا، مذهب ۽ فرقا انسانيت، رواداري، امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر جي انهن جي تاريخ ٿي پڙهجي ته اُنهن هڪ ٻئي جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. نه صرف پنهنجن ملڪن ۾ بلڪه يورپ سميت سڄي دنيا ۾ عقيدت جي نالي ۾ انسان پنهنجي انا کي تسڪين پهچائڻ ۽ فقط پاڻ کي ۽ پنهنجي فڪر کي ئي صحيح سمجهڻ ۽ ٻئي کي پاڻ جهڙو انسان نه سمجهڻ جي ڪري ايڏو خون ۽ گارتگري ڪئي آهي جو سڪون ۽ امن سان رهڻ لاءِ دنيا ۾ ڪا ڪنڊ خالي ڪونه بچي آهي. ڪاش! جي انسان عقيدن کي پنهنجي ذات تائين محدود رکي ها ۽ پاڻ جهڙا حق ٻين کي به ڏي ها ته نه صرف هي دنيا امن جو گهوارو ٿي وڃي ها پر ترقي جي مٿاهين ڏاڪي تي به هجي ها.
ڪروجا قلعي ۾ بڪتاشي ٽيڪي هن وقت ڪا ٿوري گهڻي صحيح حالت ۾ وڃي بچي آهي. اُن جي ٻاهرين اڏاوت ۾ ڇت بلڪل اهڙي ٺهيل آهي، جهڙي پاڻ واري ننگر جي شهر ۾ لاهي (سلوپ) تي نريا کپريل) ٺاهي ويندي آهي. دنيا جي جابلو علائقن ۾ اڏاوت جو تقريبن اِهو خاص انداز آهي. ٽيڪي ۾ ٿورا گهڻا نوادرات به رکيل آهن. ڪجهه پراڻي اسٽائل جا در ۽ ڇت تي چٽسالي هن وقت به موجود آهي. ٿوري گهڻي عبادتي سامان جي، باقي سڀ ڪجهه وقت ۽ حالتن جي نذر ٿي تاريخ جي پنن ۾ محفوظ ٿي ويو آهي. هن ٽيڪي ۾ البانيا جي هيرو سڪندر بيگ جي شادي جي ڏينهن کي يادگار بنائڻ لاءِ سندن چاهيندڙن زيتون جو وڻ به پوکيو هو. پاڻ ٿوري دير ٽيڪي جي ٻاهران وڻڪار ۾ کنڊرن ۾ ويهي مزو ورتو. قلعي ۾ ڦهليل کنڊرن، جبلن جي هيٺان ڌرتي جي منظرن ۽ مٿي اُڀ ۾ رمندڙن بادلن ۾ نهاريندي گهڙي پل لاءِ ماضي جي قصن، واقعن ۽ ڪهاڻين ۾ گم ٿي ويس. ڪالهه (ماضي ۾) هِتي جيڪا زندگي روان دوان هئي، اڄ اُها هِتي ناهي. اڄ اسان آهيون سڀاڻي اسان به ماضي جي کنڊرن ۾ هليا وينداسين ۽ وري واپس نه موٽنداسين پر عمل زنده رهندا ۽ اُنهن ۾ ساهه کڻندڙ ڪردار هميشه زنده رهندا ۽ اُهي ڪڏهن به ماضي نه بڻبا.
ڊولما ٽيڪي يا ٽيمپل (Bektashi temple) جي بلڪل ويجهو ترڪش باٿ (حمام) آهي. هن کي Medieval Hamam به سڏيو وڃي ٿو. هي حمام چئن ڪمرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لباس تبديل ڪرڻ جو ڪمرو، پاڻي جي ذخيري (ٽئنڪ) جو ڪمرو ۽ وهنجڻ جا ڪمرا آهن. پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري ڪمري ۾ هڪ کوهه به ٺهيل آهي ۽ اُن ۾ هڪ وڏي ڪٽلي به هوندي هئي، جنهن ۾ پاڻي گرم ڪيو ويندو هو. هي حمام 15 صدي جي آخر جو ٺهيل آهي ۽ 1963 تائين شهر جي معزز گهراڻن جي استعمال ۾ ايندو رهيو. موجوده دور ۾ اسٽيم باٿ (Steam Bath) جي پئٽرن تي ٺهيل هي قديم باٿ ڏسندي مونکي هڪ شاعر (نالي جي خبر ناهي) جي شاعري جو هڪ بند دل تي تري آيو:
واهه ۾ وهنجي ويٺي ڇوري، پائي سنهو لباس،
پاڻي ۾ پئي ٻوڙي سارو راتوڪو احساس.
تصور ڪيو ته جڏهن نازينن جي بدن کي ڇهندڙ تالاب جي ٻاڦ مٿي اُٿندي هوندي ته چئوڏس فضا ڪيڏي نه معطر ٿي ويندي هوندي ۽ من (ماڻهو جو اندر) انهن انگڙاين کائيندڙ ٻاڦ (دونھن) جيان ڪيئن نه جهومڻ لڳندو هوندو. الارينس (llIyrians) جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته الباني اُنهن جي نسل جو تسلسل آهن، انهن جي قديم ڳوٺ شڪودرا (Shkodra) مان پڻ 14 صدي جو ٺهيل ان سان مشابھت جھڙو حمام (باٿ) ڳولي لڌو ويو آهي، جنهن ۾ رومن طرز تي ديوارن ۽ فرش کي گرم ڪرڻ جو نظام (سسٽم) موجود آهي. مشهور آرڪيالاجسٽ Piotr Dyczek جي تحقيق جي مطابق ترڪش باٿ (حمام) جو پئٽرن رومن تان ورتل آهي. بهرحال اِهو پئٽرن ڀلي رومن کان ئي ورتو ويو هجي، پر اِها ڳالهه طئه آهي ته اُهي هئا وڏي ذوق وارا بندا ۽ رومانس جو مختلف انداز ۾ مزو وٺي ڄاڻندا هئا. پاڻ وٽ هن وقت کڻي گهٽ ٻوسٽ جو ماحول آهي پر پاڻ به ماضي ۾ وڏي ذوق وارا هئاسين. موهن جي دڙي مان کوٽائي ۾ پڌرو ٿيل گريٽ باٿ اسانجي ذوق جو اعليٰ مثال آهي جيڪو ساري جڳ ۾ عيان آهي. پنھنجي جوڀن سان تالاب جي جل ۾ خوشبوءِ وکيرڻ ۽ ھوا ۾ وار سڪائيندڙ سندرين جي سحر مان نڪري هاڻي پاڻ هلون ٿا ايٿنوگرافڪ (Ethnographic) ميوزم ڏسڻ.
قلعي جي مين داخلا گيٽ کان ٿورڙو اڳيان ٻنهي پاسي کنڊرات جي وچان هيٺ لاهي تي ايٿنوگرافڪ ميوزم ڏانهن رستو وڃي ٿو، هن ميوزم جي داخلا ٽڪيٽ 500 ليڪ (Lek) آهي. هي ميوزم هڪ عاليشان عمارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪا اصل ۾ اسماعيل پاشا توپتاني (Ismail Pasha Toptani) جي فيملي جي رهائش گاهه هئي. اوٽومين ايمپائر (خلافت عثمانيه) دور جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ جي طرز تي ٺهيل هي عاليشان محلات نما گهر 1764 ۾ جڙي راس ٿيو. هن طرز تعميرات کي الباني پنهنجي ٻولي ۾ Cadak اسٽائل چون. توپتاني خاندان اصل ڪروجا جو آهي ۽ اُتي جي معزز گهراڻن ۾ اُن جو شمار ٿيندو هو ۽ 1959 ڌاري ترانا شهر ڏي لڏي ويا. 1959 ۾ ئي هن توپتاني هائوس کي ايٿنوگرفڪ ميوزم ۾ تبديل ڪيو ويو. اُن کي ميوزم ۾ سجائيندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ پروفيسر Emin Riza هو. توپتاني خاندان کي اوٽومين ايمپائر هن علائقي (ڪروجا) جو انتظام هلائڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. توپتاني فيملي جي ان نالي جي بئڪ گرائونڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اِهو لفظ توپ مان نڪتل آهي. توپ کي پاڻ سنڌي ۾ توب (Canon) چوندا آهيون. هن فيملي ۾ اُن زماني ۾ جڏهن عام ماڻهن وٽ اسلحه گهٽ هو، هنن وٽ توب هوندي هئي جنهن ڪري ان فيملي تي نالو ئي توپتاني فيملي پئجي ويو. چون ٿا ته هن مالدار گهراڻي وٽ ترانا ۽ ڊيوريس ۾ 50000 هيڪٽر ذاتي زمين هئي جيڪا وٽن ٻي عظيم جنگ جي اختتام تائين رهي. 19 صدي ۾ توپتاني فيملي جو ترانا ۾ ٺهيل گهر به ميوزم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
ڪروجا قلعي ۾ توپتاني فيملي جو محل نما گهر جيڪو هاڻ ايٿنوگرافڪ ميوزم سڏجي ٿو اُن ۾ مٿئين فلور تي گهرڀاتين جي رهائش لاءِ ڪل 15 ڪمرا آهن، جن ۾ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ گهر اندران وڃي ٿي. هي ڏاڪڻ ان حساب سان ٺاهيل آهي ته جيئن ڪنهن حملي يا ٻئي خطري جي صورت ۾ اُن کي اُتان هٽائي سگهجي، جيئن دشمن مٿين منزل تي پهچي نه سگهي. هنن 15 ڪمرن ۾ جتي گهرڀاتين ۽ مهمانن جي رهائش جو انتظام ٿيل آهي اُتي هنن ڪمرن ۾ ديوارن تي شاندار پينٽنگس به سجايل آهن، ته وري سيڪيورٽي لاءِ هٿيار پڻ رکيل آهن. هن خوبصورت عمارت جي ڪمرن ۾ لڳل در ۽ درين تي سون ۽ چاندي جي جڙاءُ جو ڪم به ٿيل آهي. هن محل نما عمارت (ميوزم) ۾ توپتاني فيملي جي استعمال هيٺ آيل شيون جهڙوڪ زيور، چمڙي جا پرس، فرنيچر، کاڌي پيتي جا ٿانو، هنري ۽ ثقافتي شيون پڻ محفوظ ڪيون ويون آهن. هن محل نما بلڊنگ ۾ هڪڙو ننڍو ترڪش باٿ به آهي ۽ اُن کي پاڻي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ واٽر مل به لڳل آهي. هن عمارت جي هيٺئين فلور تي جانورن جو واڙو، زيتون جي تيل پيسائي جي مل، اٽي جي چڪي، اوني ٽوپلا ۽ برتن ٺاهڻ جا ورڪشاپ پڻ موجود آهن. توپتاني فيملي جو هي گهر هڪ لحاظ کان هڪ مڪمل يا خودڪفيل گهر جيان آهي جنهن ۾ ضورريات زندگي جا سڀ لوازمات موجود آهن.
ڪروجا قلعي ۾ جتي ڪافي عمارتون ملبي جو ڍير بڻيل آهن ته اُتي اُنهن ۾ باقي بچيل عمارتن ۾ هڪ واچ (Watch) ٽاور به آهي. اهڙا ڪيئي واچ ٽاور هن قلعي کي دشمن جي حملن ۽ چرپر جي آگاهي ڏيڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا پر هن وقت اِهو هڪ ئي واچ ٽاور موجود آهي، جيڪو به زبون حالت ۾ آهي. هي واچ ٽاور قلعي جي ديوارن کان به 16 ميٽر مٿي جي بلندي تي آهي. هي واچ ٽاور دشمنن جي ٽن طرفن کان چرپر کي نظر ۾ رکڻ لاءِ کڙو ڪيو ويو هو. هن ۾ اُن زماني ۾ هڪ وڏو گهنڊ به لڳل هو جيڪو خطري جي آگاهي لاءِ وڄايو ويندو هو. اهو گهنڊ البانيا جي آزادي جي هيرو سڪندر بيگ جي وفات جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ به وڄايو ويو هو. اهو تاريخي گهنڊ هن وقت سڪندر بيگ ميوزم ۾ موجود آهي. ان قسم جا گهنڊ گهڙيالا اُن زماني ۾ مندرن، ڪليسائن ۽ ٻين عبادت گاهن ۾ به لڳل هوندا هئا، جن جو مقصد عبادت گذارن کي عبادت جي ٽائم جي آگاهي ڏيڻ هوندو هو. اڳتي هلي انهن جي جاءِ لائوڊ اسپيڪرن ورتي ۽ هاڻي ته ڪميونيڪيشن جا الاهي جديد ذريعا اچي ويا آهن ۽ بس سيڪنڊن ۾ هر ڳالهه جي ڄاڻ ملي وڃي ٿي. هن وقت جيتوڻيڪ اهي گهنڊ گهڙيالا مدي خارج ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويئي رهيا آهن پر پوءِ به هن جديد ڪميونيڪيشن جي دور ۾ اِهي گهنڊ گهڙيالا نه صرف عبادت گاهن جي زينت بڻيل آهن پر هن وقت به شاعرن جي دلين ۽ محبوبن جي آمد جي علامت طور ادب جو حصو بڻيل آهن.
ڪروجا جي جبلن جي اوٽ ۾ ٺهيل ڪروجا قلعو ڏسي ڪجهه دير ٿڪ ڀڃڻ لاءِ موهن جي دڙي جيان کنڊر بڻيل قلعي جي ننڍي ديوار تي ويهي رهيس. هنن کنڊرن ۾ نه ڄاڻ ڪيترا قصا ڪهاڻيون، عروج و زوال، فتح ۽ شڪست جون لڙايون، شاهي دٻدٻا، بندي خانا، لوڪ ورثا، پيار محبت ۽ نفرت جا داستان، جيڪي ماضي ۾ جيئرا جاڳندا ساهه کڻندا هئا، هاڻ تاريخ ۾ دفن ٿي چڪا آهن. هاڻي شام جو وقت چڙهي آيو آهي ۽ سج به ڪروجا جي جبلن ۾ لهي موڪلائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. جڏهن هتي پهتو هئس ته سج پنهنجي آب و تاب سان جلوہ گر هو ۽ هاڻي اُلهي رهيو ھو، بلڪل ايئن ئي جيئن هن قلعي جا ڪردار جيڪي ڪنهن وقت ۾ جوڀن جي جولان ۽ مستي ۾ پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندا هئا ۽ اڄ سج جي اُلهڻ جيان تاريخ جي پنن ۾ رهجي ويا آهن. پر جيئن سج ڀلي اُلهي وڃي پر هو ٻيهر پنهنجي آب و تاب سان اُڀري ٿو. تيئن ارڏا ۽ اڙٻنگ ڪردار تاريخ ۾ سدائين جيئن ٿا. سڪندر بيگ 15 صدي ۾ ٿي گذريو آهي پر ڌرتي کي پاڻ ارپيندڙ هن سورهيه جي ڪردار جو سج لٿو ئي ناهي. هو اڄ به البانيا جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. هو ڪو پروموٽ ٿيل هيرو ته آهي ڪونه. هي ته آهي ڌرتي جو دلبر جنهن جون پاڙون ڌرتي جي روح ۾ گهريون ۽ پختيون ٿيل آهن. وقت جي وير ۽ تاريخ جي بي رحمي هنکي نه ميساري سگهي آهي ۽ نه ميساري سگهندي.
پاڻ ٿورڙو ٿڪ ڀڃي هاڻ هلڻ جي ڪئي. ڪروجا قلعي جي آسپاس ڪافي هوٽلون آهن جتي Puleme Qull (ڳوٺاڻي روايتي انداز ۾ ٺهيل ڪڪڙ جو ٻوڙ)، راڪي (Raki) شراب جيڪو بليڪ بيري ۽ چيري مان ٺهيل هجي ٿو ۽ البانيا جي ماڻهن جو صدين کان وٺي پسنديده شراب آهي ۽ ٻيا به کاڌي جا آئٽم ملي وڃن ٿا. جبل ۽ وادين جي خوبصورت ماحول ۾ ٺهيل الباني آرڪيٽيڪٽ ڊزائن تي ٺهيل هوٽلن ۾ ويهي مزي سان ماني کائو، سوم رس (شراب) جون سرڪيون ڀريو ۽ سگريٽ جا ڪش ڀريو، ڪوبه چوڻ وارو ڪونهي. نه ڪو ڇاپو هڻڻ وارو ۽ نه ئي ڪو اُبتيون سبتيون نصيحتون ڪرڻ وارو. کُلو ماحول، وشال فطرت، بس سڀ ڪجهه موجود آهي. پر اهڙي خوبصورت ماحول مان مزو وٺڻ لاءِ ماڻهو وٽ فطرت جهڙي کُلي ۽ وشال دل هئڻ به ضروري آهي.
(ختم).