بلاگنئون

پروفيسر ساجد سومرو موجوده وقت جو هڪ وڏو شاعر…!

رُدالي روحُ ڪاٿي آ،

رنو پَل پَل ڪٿي آهي! (ساجد سومرو)

پاڻ هن شيخ اياز جي شهر سکر ۾ رهائش پذير آهن. هن جي غزل، گيت ۽ نظم ۾ ٻوليءَ جو اسلوب، شائستگي ۽ روانگي ايئن آهي جيئن شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ هئي. هن جي شاعري موضوعاتي طور به نت نئين ۽ گوناگون آهي. توهان سمجهي ته ويا هوندا ته مان ڪنهن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جي ها پروفيسر ساجد سومرو جو…! پروفيسر ساجد سومرو دادو دَيال، تلسي داس، ميران، ڀاڳو ڀان، سمنگ چارڻ، راڄِيو سَتيو دَل، ڀڳت ڪبير، شاھ لطيف، خليفو نبي بخش، سچل، سامي ۽ شيخ اياز جو تسلسل آهي..! هو ته پاڻ کي سنڌ جي ڪَوڙين صدين تي ڀٽڪندڙ هڪ رولاڪ روحُ سمجهندو آ..! جيڪو پنهنجو ويس مٽائي ڪڏهن قلندر ته ڪڏهن خرقه پوش، ڪڏهن ازل ته ڪڏهن مئه نوش، ڪڏهن سچل ته ڪڏهن منصور جي روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي، وري وري جنميو آهي، وري وري وَرِيو آهي…! هو چوي ٿو؛

مان قلندر مان ئي خَرقه پَوشُ آهيان

مان اَزل جو مئڪدو مَئه نوشُ آهيان

دل سچل ۽ روحُ آ منصور جهڙو

ڏيو سَزائون مان ڪِٿي نِردوشُ آهيان.

شاعري انسان جي من اندر ۾ موجود احساس، سچ ۽ تَخيل جو اظهار آھي! شاعرُ وري حساس دل وارو ٿيندو آهي. سماج ۾ جيڪا به اٿل پٿل ٿيندي آهي، هو ان تي شعر پڙهي ماڻهن کي ان اٿل پٿل خلاف سراپا احتجاج ڪرڻ لاءِ اتساهيندو آهي. شاعر پنهنجي پيغام کي پنھنجي تخليقي پورهئي سان ٿورڙن لفظن ۾ سونين آڱرين واري سونهن پري ڇوڪريءَ وانگر برٿ ڀَري اُڻِي بيان ڪندو آهي. جيڪو ايڏو سولو ناهي نه ئي ڪنهن جي وس ۾ آهي. اها ڏات صرف ڪنھن ڪنھن ماڻهو کي عطا ٿيندي آهي. اها ڏات ڪنهن ماهر رنگريز وانگر اکرن ۾ رنگ ڀري لفظن کي پوپٽ وانگر رنگين ۽ خوبصورت ڪري ڇڏيندي آهي. پروفيسر ساجد سومرو مطابق ته “شاعري به دراصل ذهني مزدوري آهي، جيڪا تاريخ جي هڪ اهڙي تغاري آهي جنهن جو گارو تهذيب ۽ آرٽ تي چڙهيل آهي.”

شاعرن، شاعريءَ جي ذريعي قديم دور کان وٺي هن وقت تائين ڪيتريون ئي تحريڪون هلايون. نقادن ان کي ڪلاسيڪل شاعري، نشات ثانيه، نئين ڪلاسيڪيت، رومانويت، حقيقت نگاري، علامت نگاري، جديديت، تصويريت، وجوديت، سريئلزم، باغيانه، مابعد جديديت، نسائيت، بعد نو آبادياتي ۽ ڊجيٽل شاعريءَ ۾ ورهايو ۽ ونڊيو آهي. هنن دورن ۾ شاعريءَ جا موضوع گهڻي قدر خدا، فطرت، انسان، انسانيت، حُسن، جماليات، قديم ۽ جديد خيالن ۾ مِماثلت، آزادي، رومانويت، سماجي مسئلن جي عڪاسي، علامت نگاري، نفسياتي ۽ سماجي پيچيدگيون، تخيل ۽ تصوراتي دنيا، وجوديت، خواب، شعور، لاشعور ۽ تجريدي تصور، سياسي ۽ سماجي نظام خلاف بغاوت، طنز، عورتپڻو، نسائيت، شناخت، غلامي، آزادي، وطن پرستي، قوم پرستي، مختصر نظم وغيره آهن! هنن مختلف دورن ۾ هزارين شاعر ٿي گذريا آهن جن پنهنجي نينهن جو پورهيو ڪيو آهي. انهن ۾ سوفوڪلس، هومر، ورجل، ڪاليداس، امرالقيس، شيڪسپيئر، دانٽي، اليگزينڊر پوپ، جان ڊرائيدن، وليم ورڊس ورٿ، ڪالرج، شيلي، بائرن، لطيف، سچل، سامي، بودليئر، شيخ اياز، لورڪا، پئبلو نرودا، ازرا پائونڊ، سارتر، ٽي ايس ايليٽ، نياز همايوني ۽ ٻيا کوڙ سارا…! پروفيسر ساجد سومرو بلا جو عالم، گهڻ پڙهيو، سماجي سائنس کان واقف ۽ ڳوڙهو مشاهدو ڪندڙ شاعر به آهي ته سوشل سائنٽسٽ به. هو مٿي ذڪر ڪيل شاعراڻي تحريڪن کان ۽ شاعرن کان به واقف آهي. انهن شاعرن ۽ تحريڪن جو شعوري ۽ لاشعوري طور هن جي شاعريءَ تي اثر به ٿيو آهي!

چارلس بودليئر کي علامت نگاريءَ جو ابو ڪوٺيو وڃي ٿو، پر هيٺين سٽن ۾ پروفيسر ساجد سومرو ڇا ته ڪمال جي ڪاريگريءَ سان سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ موجوده ۽ هڪ قديم شهر کي علامتي طور پيش ڪيو آهي.

روهڙيءَ جھڙو روحُ اسان جو،

آهي ڄڻ ته اروڙِ حياتي!

هنن سٽن ۾ پروفيسر ساجد صاحب پنهنجي روح کي، پنهنجي وجود کي، پنهنجي نفس کي، پنهنجي مزاج کي، پنهنجي شُناخت کي ۽ پنهنجي سُڃاڻپ کي “روهڙيءَ” جي شهر سان علامتي طور ڀيٽي ٿو. روهڙي سنڌ جو هڪ تاريخي شهر آهي جيڪو ڪيتريون ئي صديون گذرڻ بعد به اڄ شاد و آباد آهي. ايترين صدين گذرڻ بعد ڇا ڇا نه هن شهر سان وهيو ۽ واپرايو هوندو، ڇا ڇا نه هن ڏٺو هوندو، سَٺو هوندو. هنن ئي سٽن ۾ هو وري پنهنجي حياتيءَ کي، پنهنجي زندگيءَ کي، پنهنجي جيئدان کي سنڌ جي قديم شهر “اَروڙُ” سان علامتي طور ڀيٽي ٿو. اروڙُ سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ رهيو، جنهن کي حملا آورن گھوڙن جي ٽراپ ٽراپ سان تاراج ڪيو..! شاعر جي حياتي به ايئن پئي گذري جيئن گهوڙا هن جي خاڪي جسم تي ٽراپ ٽراپ ڪندا هجن! ايئن جيئن ٺٽي جي ڳلين کي رت سان رنڱيو هُئن..! سندس جون ئي ٻيون سٽون هيٺ ڏجن ٿيون؛

ٺَٽَي جَي ڳلين جون پَچارُون اُدَاس!

ھُو مِيرَان جَي سُرَندَي جُون تَارُون اُداس!

هُو عربن جَي گهَوڙَنِ جِي آ ٽراپ- ٽراپ

هُو تاريخَ جُون سڀ تَرارُون اداس!

سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته “وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر.” ٿر ۾ جڏهن وسڪارو نه ٿيندو آهي ته پوءِ ٿر مان سُڪار لڏي ويندو آهي ۽ ڏُڪار اچي پنهنجو گهر اڏيندو آهي. پوءِ ٿر جا ماروئڙا ۽ جهانگيئڙا جنهن ڏک، تڪليف، مفلسي، غربت ۽ بيمارين ۾ گذاريندا آهن، تنهن جو ڪو ڇيد ۽ ڇيهه ڪونهي. پنهنجي سانگيئڙن جي اهڙي حالتِ زار ڏسي پروفيسر ساجد صاحب به وڏي درد، پيڙاءُ، تڪليف، آنڌ مانڌ مان گذري ٿو. اهڙي حالت ۾ پروفيسر ساجد سومرو به دوستن کي، همدردن کي، هڏڏوکين کي، ماڻهن کي ۽ خُدا کي مخاطب ٿي پڪاري ٿو ۽ چئي ٿو؛

من وسلوا ڪو دليلُ آھي جَي،

اي خُدا ٿَرَ تان ڏُڪار لاهي ڇڏِ!

اهڙي طرح جڏھن سنڌو سڀيتا (جنهن کي دنيا جي تهذيبن جي ماءُ مڃيو وڃي ٿو) کي جنم ڏيندڙ سنڌو نديءَ جي زوال کي ڏسي ٿو، جنهن جو ڪمال “موهن جو دڙو” هو. ان سنڌو مها جَلِ کي سُڪندو ڏسي ٿو جنهن جي ڪِنارن ۽ ڪنڌين تي ڀِڪشوئن “ويد ۽ اشلوڪ” لکيا. هنن ويدن جي ڪري اسان سنڌي به صاحبِ ڪتاب آھيون. اهڙي شينهن درياءَ جي زوال کي ڏسي، هو پاڻ کي ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو؛

اڃا ساڌُ- ٻَيلَو پڇي ٿو سوال؟

ٿيو ڪيئن آخر سنڌوءَ جو زَوال!

وُجود Existence جي شروعات “ڪن فيڪون” کان شروع ٿي. يعني حضرت آدم جي وجود اچڻ سان، وجوديت Existentialism جي فڪر ۽ فلسفي ڪَرُ کنيو. هن فڪر جو مرڪز خدا ۽ انسان جو وجود آهي. قديم دور ۾ سقراط به خُدا ۽ خوديءَ کي سڃاڻڻ تي زور ڏنو. مسلمان مفڪرن الفرابي، بايزيد بسطامي، حسين بن منصور حلاج ۽ ٻين خدا ۽ انسانن کي “ہمه اوست” سمجهيو. سچل سرمست به برملا اناالحق جي سدا بلند ڪئي. جديد وجوديت جو عَلم سورن ڪئڪيگارڊ کنيو. فريڊرڪ نٽشي، جان پال سارتر، سيمون دي بووا، البرٽ ڪامو، مارٽن هيڊ گر ۽ ٻين به هن فِڪر ۽ فلسفي ۾ پنهنجو حصو ڳڻايو..! وجود ڇا آهي؟ انسان ڇا آهي؟ هي اهڙا سوال آهن جيڪي هر باشعور ماڻھوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن. اها ساڳي ئي سوچ پروفيسر ساجد سومرو جي دماغ جي ڦرهيءَ کي اڻ تڻ ۾ وجهي ڇڏي ٿي ۽ هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ڪشمڪش کي هيٺين انداز ۾ اظهاري ٿو؛

تَراشَي ڪڍيو مون بُتن جَي بَدن مان!

خُدا کي به ٺاهيم مِٽي جي ڳَنڍَن مان!

نه سجدن کي ڪوئي رهيو خوف هاڻي؛

هي منبر به نِڪتو ڪُنڀر جي هٿن مان!

يا

ڪٿ خودي ۽ خُدا ۾ وِٿي؟

پاڻ کي پاڻ ڄاڻي ته ڏس!

يا

مان اَزل، مان ابد، مان ئي مان هر جڳهه

ناهِ هابيل ڪو، نه قابيل ڪو!

پي. بي شيلي P. B. Shelly، جڏهن Song To The Men Of England لکيو ته انگلينڊ جي اشرافيه هن تي سخت ناراض ٿي. ڇو ته هن نظم ۾ هن هارين، مزدورن ۽ مظلومن کي مخاطب ٿي چيو ته “اي انگلينڊ جا هاريُو ۽ مزدورو هي توهان تي حڪمراني ڪندڙ اشرافيه طبقو توهان جي محنت تي تَڳي ٿو، جِيئي ٿو ۽ عَياشي ڪري ٿو. توهان انهن جي خلاف اٿي کڙا ٿيو ته هي ڊَهي پوندا ۽ نيست و نابود ٿي ويندا. انگلينڊ جي اشرافيه کي ڪاوڙ ڏاڍي آئي، پر هو پي. بي شيلي کي ڪري ڪجهه نه سگهيا. بعد ۾ جڏهن پي. بي شيلي Necessity of Atheism لکيو ته اشرافيه مذهب جي آڙِ وٺي عام ماڻهن کي پي. بي شيلي جي خلاف ڀَڙڪايو ۽ اُڪسايو ويو. هن جو ماڻهن ايترو ته گهيرو تنگ ڪيو جو هو لنڊن شهر مان خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري “لنڊن کي جهنم جهڙو شهر چئي” الوداع ڪيو. ههڙيون جُٺيون ۽ ڪِيسَ باشعور ماڻهن سان تاريخ ۾ ٿينديون رهيون آهن. تاريخ اهڙن ڪارَن بابن سان ڀَري پئي آهي! پرفيسر ساجد سومرو به پنهنجي شاعريءَ ذريعي پنهنجي ديس واسين جي بدتر سماجي ۽ سياسي حالت ڏسي مخاطب ٿي چيو؛

هوڏي چارَڻ، هيڏي ٻارَڻ،

هو نه اسان جو، هيءُ اسان جو!

يا

وري صُور ڦوڪي انالحق جي

وري جلترنگ ٿي وڄو ڙي وڄو

يا

تَتَلَ ھَا لِڱَ واريءَ جا لَٿَو پَئَي سِجُ سَانجِهيءَ جَو!

بُکيا ھا ٻارَ ھاريءَ جا لَٿو پَئَي سِجُ سَانجهيءَ جو!

ڪَپھَ جو پُورُ ھَو باقي- سَوايو سُورُ ھَو باقي:

ھُئا ڀُڻڪا پَڃاريءَ جا لَٿو پَئَي سجُ سانجهيءَ جو!

ظاهري ڳالهه آهي هاري، مزدورن ۽ ديس واسين جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ اشرافيه (اسٽيبلشمينٽ) جي خلاف ماڻهن کي چارَڻ ٿيڻ بجاءِ ٻارَڻ واري واٽ ڏسي جلترنگ وانگر حملا آور ٿيڻ جي صلاح ڏيڻ تي اشرافيه خوش ته نه ٿي هوندي، پر اها اسٽيبلشمينٽ شاطر شڪاريءَ وانگر تاڙَ ۾ هئي ته ڪڏهن ٿو شڪار ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي…! نيٺ اهوئي ٿيو مذهب جي نالي تي پروفيسر ساجد سومرو کي جيل ۾ وڌو ويو. حالانڪه هن مذهب تي ڪجهه به نه ڳالهايو، پر مذهب کي واپار واري وَکَر طور استعمال ڪندڙ ٺيڪيدارن تي ڇوھَ ضرور ڇنڊيا..! پوءِ اهوئي ٿيو جيئن گيليليو سان ٿيو هو..! گيليليو کي وقت جي طاقتور ڌرين ڪورٽ ۾ گِهليو..! “جج چيو گيليليو توهان چئو ٿا زمين گول آهي ۽ سج جي چوڌاري ڦري ٿي. توھان جي ھيءَ دعويٰ اسان جي ڪتاب کي ڪوڙو ٿي ڪري، جيڪو هڪ وڏو گناھ آهي جنهن سان توکي موت جي سزا ملندي.” گيليليو ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ بيٺو هو، هن هڪ دفعو ڪنڌ هيٺ ڪري ڌرتيءَ کي ڏٺو ۽ آهستي ڀڻڪيو “تون ته پئي ڦرنديءَ منهنجي چوڻ ۽ نه چوڻ سان توتي ڪهڙو فرق پوندو.” گيليليو ڪنڌ مٿي ڪري جج کي چيو ڌرتي سج جي مهور ۾ ڪونه ٿي ڦري..! گيليليو آزاد ٿي ويو…! پر سچ اڄ ثابت ٿيو آھي. ايئن پروفيسر ساجد سومرو به آزاد ٿي ويو باقي سچ ڪڏهن ٿو ثابت ٿئي اهو وقت ئي ٻڌائيندو..! باقي جنت ۽ دوزخ جا ٺيڪيدار خدا جي انصاف کي ڪٿي سمجهي سگهندا هو ته ڪنهن ٿرئيي جي جنت ۾ داخل ٿيڻ تي به ايئن ئي لڄي ٿيندا جيئن هيٺئين تَخيل ۾ رَچيل رَچنا رڙيون ڪري ٿي ٻڌائي..

آبَ- ڪوثر سڄا ڄڻ لَڄي ٿِي پيا،

هو جَو جنت اندر ڪو ٿَرِي آ ويو!

وليم ورڊس ورٿ، ڪالرج ۽ جان ڪيٽس وڏا رومانوي شاعر هئا. رومانوي شاعريءَ ۾ اندر جي داخلي جذبن ۽ احساسن سان گڏ خارجي فطرتي رنگن کي بيباڪ ۽ بيخوف ٿي اظهاريو ويندو آهي. ايئن ساجد سومرو جي شاعري به رومانويت سان سرشار آهي. هيٺين سٽن ۾ محبوب جي ڳل جي چُگهه کي خُدا تائين پهچڻ جو گسُ، واٽ، دڳ ۽ پيچرو ٿو سمجهي يا وري محبوب جي وارن جي چَڳَ کي جڳ جهان جي خوبصورتيءَ جو مهوَر ۽ نيوڪليئس (ٽٻڪو) ٿو ڀائين.! جنهن جو معشوق اهڙو خوبصورت هجي جنهن جي ڳلن جا چُگهه خدا جو رستو ٻڌائين ۽ وارن جون چَڳون دنيا ڀر جي خوبصورتيءَ جي شاهدي ڏينِ ته هو اهڙي محبوب کانسواءِ ڪيئن گذاريندو هوندو. سو هو پاڻ ئي چئي ٿو اهڙي يار سان سوا گهڙي يا سوا پلُ گذارڻ سڄي عمر گذارڻ کان ڀلي آهي، بهتر آهي، سجائي آهي.

تنهنجي ڳَل جي چُگهه ٻڌايو،

مون کي رستو نيٺ خدا جو.!

جڳ جهان جو هي جلوو جمال،

چَڳَ تنهنجي جو آهي ڪمال!

هيٺين سٽن ۾ ته پنهنجي محبوب جي ياد کي، پنهنجي محبوب جي سارَ کي چمين جي ڪهڪشان سان ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه ڏني اٿس.

اوھان جي ياد به جانان! اسان لئه جانِ جانا..

چمين جي ڪهڪشان آهي ٻکن جي ديس ۾ آهيون.!

شاعريءَ ۾ تصوراتي Imagism باضابطه طور ازرا پائونڊ آندي. اميجِزِم جو سادو مطلب اهو آهي ته توهان شاعريءَ ۾ لفظن کي ايئن ڏيکاريو جيئن اها شئي اوهان کي جيئري جاڳندي نظر اچي. پروفيسر ساجد سومرو جا کوڙ سارا اهڙا نظم آهن جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ توھان کي ايئن لڳندو ته اها تصوير توهان جي اکين آڏو بيٺي هجي. هنن سٽن کي پڙهي ماڻهو تصوراتي/خَيالي دنيا ۾ هليو ٿو وڃي. هي سٽون پڙهڻ کانپوءِ ماڻهو پاڻ کي موکيءَ جي اوتاري تي ٿو ڀائين ۽ مَڌ جو پيالو پِي متارن سان گڏ همنوا بڻجي مي رقصم ۾ ٻڏل آهي.

ڇُلي ٿو مَڌُ- مَوکِيء جو- مَتارا رقص ۾ آهن!

زَمينُون رَقصَ ۾ آهن- زمانا رَقصَ ۾ آهن!

ڪَندو ڇا رَقصُ رُوميءَ جو؟ نَشو ڇا خِيامَ جو هِتڙي

وَڄَي ٿِي شاھَ جِي وَائي- تَنبورا رَقصَ ۾ آهن!

پروفيسر ساجد سومرو پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن ڪردارن کي تمثيلي طور کنيو آهي جن کي ڀانن، چارڻن، لطيف، سچل، سامي ۽ شيخ اياز به ڳايو هو. هن جي شاعريءَ ۾ اوائلي شهرن ديبل، اروڙ، موهن جو دڙو، اگهم ڪوٽ، رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي، ساڌ ٻيلو ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن جو ذڪر به ملندو ته تاريخي پسمنظر به…! نوري، سسئي، ماروي، موکي، مورڙو ميربحر، ڄام نِندو، تماچي، جي ايم سيد ۽ جيڪي به سنڌي سورما ۽ سورميون رهيا آهن، هن انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳاتو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ رومي، شمس تبريز، نٽشي، اسٽيفن هاڪنگ ۽ ٻين ڪيترن عظيم فلسفين جو به ذڪر ملندو. يعني هن جي شاعري ڄڻو تاريخ جو ڀنڊار آهي جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي امَر ڪردار هڪيا تڪيه ملندا.

نقاد جي حيثيت ۾ جڏهن مان پروفيسر ساجد سومرو جو شاعريءَ جو مجموعو “پيئڻ مڌ مون سان ڀٽائي اچي ٿو” پڙهان ٿو ته ڪجهه ڪردارن ۽ لفظن جو پرفيسر صاحب “ورجاءُ” جام ۽ جھجھو ڪيو آهي. جيئن “موکي، مڌ ۽ مئڪدو”…! انهن ڪردارن ۽ لفظن جي وري وري استعمال ڪرڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو پنهنجي ڌرتي سان بي انتها، بي لوث ۽ اٿاهه محبت هجي…!

پروفيسر ساجد سومرو شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ کان گهڻو متاثر آهي. انهيءَ اثر ۾ هن ڪيترائي بيت ۽ نظم به لکيا آهن. مثال طور:

جيسين رتو راس ٿئي، تيسين ڀڳو ئي ڀيرِ، (شاھ لطيف)

رتو ڀي راس ڪهڙو ٿئي، ڀڳن جي ديس ۾ آهيون، (ساجد سومرو)

قدم قدم تي هجوم رندا نظر نظر م شراب خانا،

ڪري ويو ڪير بارشي مئي خمار الود ٿيا زمانا، (شيخ اياز)

روش روش ۾ صَليب جانا- ڳلي ڳلي ۾ قَصاب خانا

اسان به آهيون نقوشِ عيسيٰ اسان صفاتِ- قلندرانا (ساجد سومرو)

تاريخ گواهه آهي ته هر شاعر ۽ اديب تي پنهنجي همعصر شاعرن اديبن ٺٺول، ٽوڪ، طنز ۽ تعنن جا تير وسايا آهن. ايئن پرفيسر ساجد سومرو به پنهنجي همعصرن جي اهڙين ڪريل حرڪتن جي عُتاب هيٺ رهيو آهي. جنهن کي هو جواب هيٺين سٽن ۾ هيئن ٿو ڏئي…!

مڇرجي ايئن پيا همعصر مون مٿان،

ڄڻ قلندر لٿو در ابابيل تي!

هن جڏهن هوش سنڀاليو آهي ته پنهنجي وطن واسين کي سدائين عذابن ۽ سورن ۾ ڏٺو آهي. هن جو وطن واسي ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ڪُٺو ويو آهي ته ڪڏھن ڪشمور مان “غائب” ڪيو ويو آهي. ڪڏهن هن جي درياءَ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ته ڪڏھن ڌرتيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويا آهن. ڪڏهن هن جي ڌرتيءَ تي موجود وسيلن کي ڦريو لٽيو ويو آهي ته ڪڏھن سياسي ڪارڪنن  جي جسمن کي چيريو چچريو ويو آهي. يعني هن جي ديس واسين ڪڏهن سک جو ساهه ناهي کنيو، سدائين سڏڪن مٿان سڏڪا پلجندا رهيا آهن. هن جي شاعري انهن سڀني سورن جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙين حالتن ۾ هن جي مٿان اهڙي ڪيفيت طاري آهي جو هو صرف سِنڌُ سِنڌُ ڪري ٿو…!

سنڌ ئي سنڌ آ هر جڳهه هر گهڙي،

مون مٿا ڪيفيت آهي طاري نه ڪا.!