خاصنئون

آمريڪا ايران سان غير مشروط ڳالهين لاءِ تيار آهي

آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته آمريڪا ايران سان غير مشروط ڳالهين لاءِ تيار آهي. واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آمريڪا ڏسڻ چاهي ٿو ته ايران هڪ ذميدار ملڪ وارو رويو اختيار ڪري ٿو يا نه. ٻئي طرف ڳالهين بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته غير مشروط ڳالهين جي دعوت زباني جمع خرچ آهي. اهو به آمريڪا جو نئون ايجنڊا آهي. لفطن بجاءِ آمريڪا پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي. ايران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته آمريڪا ڳالهين کان منهن ڦيرايو آهي. آمريڪا پهريان پراڻي رويي تي واپس اچي. آمريڪا جي واپسي تائين اسان وٽ مزاحمت کان سواءِ ڪوبه رستو ڪونهي. ياد رهي ته آمريڪا ۽ ايران ۾ تعلقات هڪ سال کان ابتر آهن ۽ واشنگٽن ايران تي خطي ۾ ڪشيدگي کي وڌائڻ جا الزام هڻندو رهيو آهي. گذريل سال آمريڪاهڪ ايٽمي معاهدي مان دست برداري جو اعلان ڪيو هيو جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران سميت 6 عالمي طاقتون شامل هيون.  جنهن بعد ايران جي صدر به معاهدي جون ڪجه شقون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪندي الٽيميٽيم ڏنو هو ته جيڪڏهن 60 ڏينهن ۾ عالمي طاقتن ايٽمي معاهدي مطابق ايران تي لڳل پابندين کي هٽائڻ لاءِ عملي قدم نه کنيا ته ايران به وڌيڪ شقون معطل ڪري ڇڏيندو.