اسد شاهه جي حمايت ۾ ڪٺ ڪوٺائي پوليس ۽ صحافين کي ڌمڪيون ڏيندڙن مٿان ڪيس داخل
راڻيپور پوليس اسد شاهه جي حمايت ۾ ڪٺ ڪوٺائي پوليس ۽ صحافين کي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ڪيس ۾ 3 سڃاتل ۽ 40 اڻڄاتل جوابدار نامزد. سڃاتل جوابدارن ۾ درگاهه راڻيپور جو خليفو علي حسن ملاح، مريد عباس سولنگي ۽ اڪرم بهڻ شامل آهن. اي ايس آءِ سيد اصغر شاهه جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار علي حسن ملاح ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ ڪٺ گهرايو، اطلاع تي اسان پهتاسين ته علي حسن ملاح ماڻهن ۾ نفرت ڀڙڪائي رهيو هو. گذريل ڏينهن راڻيپور جي دستگير هائوس تي پير سورج جي صدارت هيٺ ڪٺ ٿيو هو، ڪٺ دوران خليفي علي حسن ڊي آءِ جي سکر تي 3 ڪروڙ روپيا رشوت گهرڻ جو الزام به هنيو هو.