سنڌ سونهاريءَ جي جديد علم ۽ ادب جي کيتر ۾ هونئن ته گهڻن ئي سنڌي سڄاڻن سنڌ جي تاريخي شهرن جو ذڪر فڪر پئي ڪيو آهي. اهو پنهنجي ڌرتي سان سچائي جو ثبوت آهي. ”تاريخ نصرپور“ ڪتاب به، هڪڙي اهڙي قلمڪار محقق جو پورهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور کي جامع ۽ نئين انداز سان مثالن ۽ دليلن جي روشني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي هڪ ڏاهو انسان هو، جيڪو پنهنجي ڌرتي ۽ سماج سان گهڻي کان گهڻو پيار ڪندڙ هو، سندس انهيءَ ڏاهپ جو پتو سندس ڪيل تحقيقي پورهئي مان سمجهي سگهجي ٿو. هونئن ته، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ڪيترن ئي موضوعن تي قلم کنيو آهي ليڪن، سندس وڻندڙ موضوع سنڌ جي جديد توڙي قديم شهرن جي تاريخ رهيو آهي. محمد مهراڻ لکي ٿو ته: ”خانائي صاحب تواريخ لکڻ جو ڪم ڪنهن جي فرمائش تي نه، بلڪه پنهنجي مرضيءَ سان ۽ خلوص دل سان ڪيو آهي. سندس اسلوب ۾ جذبي جي جي گرمي ۽ احساس جو خلوص ٿو ڏسجي.“ )مهراڻ: 2011: 282( سنڌ جي تاريخي شهرن ۾ نصرپور به قديم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن شهر کي ارغون حاڪمن جي دور ۾ هڪ وڏي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ٺٽي کان پوءِ ”نصرپور“ ۾ ورهين جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو سرمايو موجود هو. هن شهر جي ”بيگلار سادات“ خانوادي جو سڀ کان پهريان ذڪر، سيد حسام الدين راشديءَ ادارڪي بيگلاريءَ جي فارسي ڪتاب )”مثنوي چنيسر نامه“ مطبوعه 1956ع( جي مقدمي ۾ ڪيو هو. راشدي صاحب کان پوءِ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌ جو مشهور جهونو شهر“ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکيو، جنهن ۾ هن شهر جي باري ۾ علمي ڄاڻ ڏني وئي هئي. اهو مقالو روزاني ”مهراڻ“ حيدرآباد جي سالگرھ نمبر، مورخه 22 نومبر 1959ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻنهي پنهنجي ڪتابن ۽ مقالن جي ذريعي ڄڻ ته نصرپور جي تاريخ جي پيڙھ وڌي. کانئن پوءِ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ ”تاريخ نصرپور“ جي صورت ۾ جامع نموني هي ڪتاب پيش ڪيو. هي تحقيقي پورهيو نصرپور جي قديم خاندانن جي بزرگن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا سوانحي خاڪا ۽ علمي ادبي ذڪر تي مشتمل آهن. دراصل ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي کي نصرپور تي قلم کڻڻ لاءِ، سنڌ جي اديب شاعر ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد جي ايڊيٽر: مولانا غلام محمد گراميءَ آماده ڪيو هو. گرامي صاحب، کيس مذڪوره موضوع تي قلم کڻڻ لاءِ خطن ذريعي مختلف عنوانن جي نشاندهي ڪري کيس مقالا لکڻ لاءِ اتساهيندو رهيو. هن ڪتاب جي شروعات ۾ نصرپور شهر جي تاريخ، قديم آثارن، خاندانن، ڪتب خانن جي گهري مشاهدي ۽ مطالعي کان پوءِ هيٺيان تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيا، جيڪي سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا آهن.