بلاگنئون

ڪتاب: تاريخ نصرپور جو مختصر جائزو

سنڌ سونهاريءَ جي جديد علم ۽ ادب جي کيتر ۾ هونئن ته گهڻن ئي سنڌي سڄاڻن سنڌ جي تاريخي شهرن جو ذڪر فڪر پئي ڪيو آهي. اهو پنهنجي ڌرتي سان سچائي جو ثبوت آهي. ”تاريخ نصرپور“ ڪتاب به، هڪڙي اهڙي قلمڪار محقق جو پورهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور کي جامع ۽ نئين انداز سان مثالن ۽ دليلن جي روشني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي هڪ ڏاهو انسان هو، جيڪو پنهنجي ڌرتي ۽ سماج سان گهڻي کان گهڻو پيار ڪندڙ هو، سندس انهيءَ ڏاهپ جو پتو سندس ڪيل تحقيقي پورهئي مان سمجهي سگهجي ٿو. هونئن ته، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ڪيترن ئي موضوعن تي قلم کنيو آهي ليڪن، سندس وڻندڙ موضوع سنڌ جي جديد توڙي قديم شهرن جي تاريخ رهيو آهي. محمد مهراڻ لکي ٿو ته: ”خانائي صاحب تواريخ لکڻ جو ڪم ڪنهن جي فرمائش تي نه، بلڪه پنهنجي مرضيءَ سان ۽ خلوص دل سان ڪيو آهي. سندس اسلوب ۾ جذبي جي جي گرمي ۽ احساس جو خلوص ٿو ڏسجي.“ )مهراڻ: 2011: 282( سنڌ جي تاريخي شهرن ۾ نصرپور به قديم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن شهر کي ارغون حاڪمن جي دور ۾ هڪ وڏي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ٺٽي کان پوءِ ”نصرپور“ ۾ ورهين جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو سرمايو موجود هو. هن شهر جي ”بيگلار سادات“ خانوادي جو سڀ کان پهريان ذڪر، سيد حسام الدين راشديءَ ادارڪي بيگلاريءَ جي فارسي ڪتاب )”مثنوي چنيسر نامه“ مطبوعه 1956ع( جي مقدمي ۾ ڪيو هو. راشدي صاحب کان پوءِ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌ جو مشهور جهونو شهر“ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکيو، جنهن ۾ هن شهر جي باري ۾ علمي ڄاڻ ڏني وئي هئي. اهو مقالو روزاني ”مهراڻ“ حيدرآباد جي سالگرھ نمبر، مورخه 22 نومبر 1959ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻنهي پنهنجي ڪتابن ۽ مقالن جي ذريعي ڄڻ ته نصرپور جي تاريخ جي پيڙھ وڌي. کانئن پوءِ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ ”تاريخ نصرپور“ جي صورت ۾ جامع نموني هي ڪتاب پيش ڪيو. هي تحقيقي پورهيو نصرپور جي قديم خاندانن جي بزرگن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا سوانحي خاڪا ۽ علمي ادبي ذڪر تي مشتمل آهن. دراصل ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي کي نصرپور تي قلم کڻڻ لاءِ، سنڌ جي اديب شاعر ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد جي ايڊيٽر: مولانا غلام محمد گراميءَ آماده ڪيو هو. گرامي صاحب، کيس مذڪوره موضوع تي قلم کڻڻ لاءِ خطن ذريعي مختلف عنوانن جي نشاندهي ڪري کيس مقالا لکڻ لاءِ اتساهيندو رهيو. هن ڪتاب جي شروعات ۾ نصرپور شهر جي تاريخ، قديم آثارن، خاندانن، ڪتب خانن جي گهري مشاهدي ۽ مطالعي کان پوءِ هيٺيان تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيا، جيڪي سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا آهن.
)1( نصرپور جا خوش نويس: ماهوار “الرحيم” حيدرآباد سنڌ، ڊسمبر 1978ع
)2( نصرپور سنڌ جو قديم تاريخي شهر: ڇماهي ”سنڌي ادب“ ڄام شورو سنڌ، نمبر.1 سال 1979ع
)3( تورڪيءَ جو تاريخي قبرستان: ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد ، نمبر.3، 4 سال 1982ع
)4( نصرپور جا خوش نويس: ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد سنڌ، جون 1983ع
هن سموري محنت ۽ جستجو کان پوءِ ”تاريخ نصرپور“ جوڙي راس ڪيو. تاريخ نصرپور ڪتاب جو سنواريندڙ بشير احمد هيسباڻي آهي پيش لفظ، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري جو لکيل آهي، هن ڪتاب جي حال حقيقت، بشير احمد هيسباڻي ۽ مهاڳ ڊاڪٽر حامد علي خانائي، جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڏھ )10( باب آهن. بابن جا عنوان: 1. شهر جو آباد ٿيڻ ۽ نالو پوڻ، 2. تاريخ جا اهم واقعا ۽ حادثا، 3. قديم آثار، 4. تهذيب صنعت ۽ واپار، 5. محلا، پاڙا ۽ حويليون، 6. هندن جا محلا، 7. متفرق عالم، بزرگ، صوفي درويش ۽ خوش نويس، 8. آزادي جون تحريڪون، 9. مذهبي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تنظيمون، 10. نامور عالم، حڪيم، اديب ۽ شاعر ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ڏسڻي جنهن ۾ ماڻهن جا نالا، ذاتيون، قومون ۽ قبيلا جاگرافيائي ماڳ ۽ مڪان، ڪتاب، رسالا ۽ مخزنون، تاريخي دور، ديني، علمي، ادبي، ثقافتي، سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي ادارا ۽ تنظيمون شامل آهن. هي سمورو ڪتاب 473 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي ڊاڪٽر اين اي بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي، حڪومت سنڌ طرفان سال 2014ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت چار سئو پنجاھ )450( رپيا رکيل آهي. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ اديب هو. سنڌ جي تاريخ جا واقعا، سلسلا ۽ شهرن جي تاريخ جو مطالعو پڻ گهڻو مرغوب هو. جنهن ڪري ”ضلعي نوابشاهه“ جي تاريخ کان پوءِ سندس اهم تصنيف ”تاريخ نصرپور“ آهي، جنهن جي تحقيق ڏانهن سال 1976ع کان متوجهه رهيو. نصرپور جي تاريخ جي مختلف گوشن کي نروار ڪرڻ لاءِ ٽيهه سال لڳاتار اڀياس ڪندي ڏهن بابن تي مشتمل چارسَوءُ اٺاويهن صفحن جو نهايت ئي مستند مطالعو لکي 22 سيپٽمبر 2006ع تي مسودو مڪمل ڪيائين. اهو مسودو سال 2014ع ۾ سندس وفات کانپوءِ چئن سالن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڊاڪٽر ڪليم لاشاري پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ صوبي جو قديم ۽ تاريخي شهر نصرپور تاريخ، تهذيب ثقافت ۽ قديم آثارن جو صدين کان گهوارو رهيو آهي. ڊاڪٽر خانائي صاحب نصرپور شهر جي تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي تاريخ لکي، تاريخ جي طالب علمن کي يقيناً اتساهيو آهي ته هو ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪن ته جيئن هڪ مڪمل ۽ مستند تاريخي دستاويز ٿي سگهي.“ )قريشي، 2014: 19( ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي هي تحقيقي تصنيف نصرپور جي جي تاريخ نه هئڻ واري ڪميءَ کي پورو ڪري، تاريخ ۽ تحقيق جي علمي، عقلي ۽ دانشمندي توڙي دانائي جا ثبوت قائم ڪيا آهن. هن ڪتاب جي تحرير ڪرڻ وقت ڊاڪٽر خانائي بيش بها تصنيفن ۽ تاليفن توڙي مخطوطات مان استفاده ڪيو آهي ۽ تحقيقي مباحثن کان پوءِ نتيجن تائين پهچي بابن کي ۽ عنوانن کي مستند بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان ڪري ڇهن صفحن جو مهاڳ لکي مختصر وضاحتون پيش ڪيون، ورنه ٽيهه ورهيه هڪ تصنيف جي تياريءَ ۾ سرزد ٿيا هجن ۽ تحقيق ۽ تقابلي، ڇنڊڇاڻ ۽ پختي مواد ملڻ تائين، محقق جن ڪيفيتن مان لنگهيو هوندو، تن جي ذڪر جو احاطو ڪرڻ لاءِ قلم پيو ڪوڏ هوندو! البت ڊاڪٽر خانائي جو اهو تدبر به ٺهراءُ ئي هو جو پاڻ پنهنجي مزاج مطابق خود کي عالم ۽ محقق نه، پر شاگرد ۽ سکندڙ سمجهي رڳو حقيقت تي اڪتفا ڪرڻ کي اهميت ۽ ترجيح ڏني. مصنف هن تاريخ جي مواد، اهميت ۽ ترتيب متعلق لکي ٿو، ته: “تاريخ نصرپور” ڏهن بابن تي مشتمل آهي. پهرين ٻن بابن ۾ شهر جي بنياد قدامت ۽ تاريخي اهميت ۽ حيثيت تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. ٽئين باب ۾ قديم آثار عنوان هيٺ شهر جي قديم مسجدن، درگاهن، قبرستانن ۽ هندن جي مندرن ۽ ٽڪاڻن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چوٿين باب ۾ شهر جي تهذيبي، تمدني، معاشرتي، ثقافتي ۽ شهر جي روزمره جي زندگيءَ، هنرن ۽ هنرمندن جو احوال ڏنو ويو آهي. پنجين باب ۾ شهر جي ستاويهن محلن ۽ پاڙن جي جاگرافيائي محل وقوع سان گڏ، نامور نيڪ مردن ۽ مشاهيرن جو مختصر ۽ جامع احوال بيان ڪيو ويو آهي. ڇهين باب ۾ هندن جي محلن ۽ پاڙن ۽ اتان جي مکيه شخصيتن جو احوال ڏنو ويو آهي. ستين باب ۾ شهر جي پسگردائيءَ جي عالمن، صوفي بزرگن ۽ خوش نويسن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي. باب اٺين ۽ نائين ۾ شهر ۾ آزادي جي تحريڪن سان گڏ مذهبي، ادبي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو تفصيل بيان ڪيو ويو آهي. ڏهين باب ۾ شهر جي نامور عالمن، حڪيمن، اديبن ۽ شاعرن جو احوال، سندن ڪيل خدمتن ۽ ڪلام جو نمونو پيش ڪيو ويو آهي.“ )قريشي، 2014: 29( باب پنجين کان ڏهين تائين ڊاڪٽر خانائي اٽڪل روءِ ٽي سَوءُ ويهن مشاهيرن جو تحقيقي تذڪرو رقم ڪري، علائقي جي تاريخي شخصيتن سان پورو پورو انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر خانائي هن ڪتاب ۾ هرهڪ باب جي آخر ۾ حوالا پيش ڪيا آهن ۽ حوالي ڏيڻ وارو دستاويزي طريقو ڪتب آڻي، آخر ۾ ببليوگرافي ڪونه ڏني آهي. ڪتاب جي آخر ۾ بشير احمد هيسباڻي پنجن قسمن جون ڏسڻيون ترتيب ڏيئي محققن لاءِ گهربل مواد حاصل ڪرڻ لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن. چاليهن صفحن جون اهي ڏسڻيون بيشڪ مفيد آهن. ڊاڪٽر خانائي جي لکيل تاريخ نصرپور بيشڪ تحقيق جي فن ۾ مواد جي چونڊ، ترتيب، اسلوب ۽ حاصلات جي لحاظ کان معياري تصنيف چئي سگهجي ٿي. سندس هن ڪتاب کي نوجوان محققن ساراهيو آهي. منصور مڱريو هن ڪتاب کي نصرپور جي مڪمل، مستند ۽ جامع تواريخ چوندي لکيو آهي، ته: “ڊاڪٽر خانائي تحقيق جي جديد اصولن کي اختيار ڪندي، سهڻي سٽاءَ ۽ ترتيب سان ڪتاب جي شروعات ۾ نصرپور جو تواريخي ۽ جاگرافيائي پسمنظر ڏيڻ کان علاوه نصرپور جي تواريخ سان واسطو رکندڙ تواريخي واقعا، تهذيب ۽ ثقافت جو ڀرپور جائزو پيش ڪري، ان جي هرهڪ پهلو کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“ )هيسباڻي بشير: 2011: 135( مذڪوره ڪتاب جو هرهڪ باب پنهنجي اهميت ۽ قيمتي معلومات سان سينگاريل آهي، تنهنڪري سمورن بابن جو ذڪر ڪرڻ مختصر جائزي هيٺ ڪرڻ ناممڪن لڳي ٿو. هن ڪتاب جي ٽئين باب جو عنوان آهي، قديم آثار جنهن ۾ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو: “نصرپور جو قديم تاريخي شهر، هاڻي آهستي آهستي زبون ٿيندو ٿو وڃي ۽ هن وقت سندس اڳ واري اها رونق ۽ عظمت گهڻي قدر ختم ٿيندي پئي وڃي! ممڪن آهي، ته هن وقت جيڪي ڪجھ آثار/نشان، تاريخي ماڳ مڪان ۽ جايون آهن، اهي وقت گذرندي، اڳتي هلي هميشه لاءِ صفحه هستيءَ تان مٽجي وڃن“ )قريشي: 2014: 129( انهيءَ ڳالھ کي مدِنظر رکندي نصرپور جي مسجدن جي اندروني ۽ بيروني مُهاڙين، ڪتبن، مکيه دروازن، ڪاشيءَ جي ڪم، سُرن تي نقش ٿيل حديث شريف کان ويندي درگاهن جا آثار ۽ مزارن، ڪتبن ۽ نصب ٿيل ڪاشيءَ جي نمونن، اُڏيري لال جو جنم اسٿان، ڪاشيءَ جي بٺيءَ جو منظر، سيد نورالله شاھ ”نُوري“ رضوي ۽ سندس خاندان ۽ ميون شاھ عنايت رضويءَ جي مزار ۽ ٻين ڀلارن بزرگن جون تصويرون ڏنيون ويون ويون آهن. مطلب ته، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي مذڪوره ڪتاب ۾ هر رخ ۽ پاسي کان نصرپور متعلق وڏي معلومات ڏني آهي. هتان جي تهذيب، صنعت ۽ ثقافت کي اجاگر ڪري پيش ڪيو اٿس، جيڪو هڪ نهايت ئي ڪمال جو پورهيو آهي. هتان جي قديم قبرستان، هندن جي مندرن، ٽڪاڻن، مڙهين ۽ تيرٿن، واڍڪي هنر ۽ ڪاريگرن، لوهارن، ڪاغذ سازيءَ جو هنر، سڪي سازيءَ جو هنر، موچڪو هنر، کير جا پيڙا، اٽي پيهڻ جا ڪارخانا، وڻج واپار، ميلا، ملھ ۽ ملاکڙو وغيره وغيره بابت معلومات ملي وڃي ٿي. جنهن مان نصرپور شهر جي سونهن سوڀيا ۽ جمال پسي سگهجي ٿو. تاريخ ۽ ادب تي ”تاريخ نصرپور“ هڪ اهم ڪتاب آهي جنهن جو مواد قيمتي ۽ مفيد معلومات سان آراسته آهي. هي چار سئو ٽيهتر صفحن جو هڪ جامع معلومات تي مشتمل ڪتاب آهي، ان ڪتاب جو هرهڪ باب قيمتي معلومات تي مبني آهي. اسان هت باب ستين، عنوان: متفرق عالم، بزرگ، صوفي درويشن ۽ خوشنويسن جو احوال ڏئي رهيا آهيون، انهن بزرگن جو احوال نه لکيو وڃي ها ته زماني جي گردش سبب انهن جا علمي ڪارناما گمنام ٿي وڃن ها. پاڻ جتي مسلمان صوفي بزرگن ميان عبدالقدوس، شيخ تودهن دمياري، مخدوم سينهڙو، ميان احمد عطائي، مخدوم حاجي هارون، شيخ عبدالرحمان حقاني، محمد اسحاق فقير، شيخ موسيٰ آهيداڻي، ميون ونهيو چانيهو، درويش آلو، درويش پلي، مخدوم آدم ٿيٻو، مولانا عباس، شيخ ڇتو ۽ شيخ سڌو نهڙيو جا احوال قلمبند ڪيو آهي، اتي هندو طبقي جي صوفي بزرگن ۽ مجذوبن جو به ذڪر ڪيو آهي جن ۾، شري اڏيرو لال/شيخ طاهر، مجذوب وتايو فقير وغيره به اچي وڃن ٿا. مذڪور تحقيق ۾ جيڪي موضوع ترتيب ڏنل آهن تن جي تحقيق مان، سندس اسلوب بيان مان سنڌ جي ادبي ۽ سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جا گوشا نڪري نروار ٿي بيٺا آهن.
حاصلات: قريشي حامد علي خانائي پنهنجي تحقيق ۾ ڪنهن نه، ڪنهن نئين ڳالهه کي پنهنجي تحقيق ۾ شامل ڪري ٻين محققن جو ڌيان ڇڪرايو آهي، ڇاڪاڻ جو هن کان اڳ جي محققن انهيءَ جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي، اها وڏي ۾ وڏي حاصلات جو ڪارج معلوم ٿي رهي آهي، جيئن پاڻ شري اڏيري لال بابت لکي ٿو ته: “شري اڏيري لال جي متعلق، سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۾ ڪوبه تفصيلي احوال ڪونه ٿو ملي. شري اڏيري لال جي باري ۾، سڀ کان پهريان سنڌ جي مشهور مورخ ۽ تذڪره نگار، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي پنهنجي ڪتاب “تحفته الڪرام” ۾ مختصر تذڪرو بيان ڪيو آهي. ليڪن مير “قانع” ٺٽويءَ سندس زندگيءَ جي احوال ۽ خانداني پس منظر تي ڪابه روشني ڪونه وڌي آهي.“ )قريشي: 2014ع: ص، 348( قريشي حامد علي خانائي ”تحفته الڪرام“ جي مختصر حوالي کان پوءِ هن شخصيت بابت شري ٽهلرام آسودي مل گربخشاڻي جو حوالو ڏيندي مثالن ۽ حوالن سان هن صوفي بزرگ جو احوال قلمبند ڪيو آهي جا اڳ جي ڀيٽ ۾ هڪ نئين تحقيق جو اضافو آهي. اهڙي طرح ڪتاب جو باب اٺون، آزاديءَ جون تحريڪون، باب نائون، مذهبي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تنظيمون ۽ هن ڪتاب جو آخري باب، نامور عالمن، حڪيمن اديبن ۽ شاعرن، تن سمورن موضوعن کي نهايت قابليت سان ذڪر هيٺ آندو ويو آهي.
حوالا
قريشي خانائي حامد علي ڊاڪٽر _ تاريخ نصرپور _ سهيڙيندڙ ۽ سنواريندڙ: هيسباڻي، بشير احمد، ڇاپو پهريون: 2014ع، مطبوعه: ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو، حڪومت سنڌ
هيسباڻي بشير احمد )مرتب( ـــ ساهتي پرڳڻي جو وِهائو تارو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سوانح حيات، علمي ۽ ادبي خدمتون ــ ڇاپو پهريون 2011ع، مطبوعه: ساهتي ادبي اڪيڊمي نواب شاهه سنڌ.