گذريل پنجن سالن کي ڏسجي ته خاص ڪري اهي پنج بڪر پرائيز ناول جن ۾ سڀ کان اهم پاسا گڏيل نفسيات، جتي تاريخ جي ڀوڳنا، سماجي تضاد، شناخت، گهرو ويڙھ جا فرد جي ذات تي اثر، اڪيلائي ۽ وجودي بحران، سياسي ڇڪتاڻ، طبقاتي اڻبرابري، معاشي ڏيوالپڻو، سياسي آمريت ۾ پيڙهجندڙ فرد جا احساس انهن جو مرڪز رهيا آهن. سماجن جي اٿل پٿل، خارجيت جي باھ ۾ فرد جي تباھ ٿيندڙ داخليت، محبت ۽ اجتماعيت جي وچ ۾ تضاد، سياسي دٻدٻو ۽ فرد جي ذميداري، تاريخ جيڪا پنهنجو وياج نئين نسل کان وصول ڪري رهي آهي، عالمي تضادن اندر فرد جي زمين کسڪي رهي آهي، مستقبل ڌنڌلو، هستي ڀُري ۽ ڀسم ٿي رهي آهي. انهن ناولن جون ڪهاڻيون هن دور جو نوحو آهن، عالمي سطح تي ويڳاڻپ، ڏک، پيڙاءَ ۽ رشتن ۾ پوندڙ ڏار سان گڏ پڇتاءُ، خانداني تضاد، حال ۽ ماضي جو يادگيرين جي شڪل ۾ هلندڙ پاڇو فرد سان گڏ آهي.
انهن ناولن جي اندر ڪردارن جي زندگي مان پتو پوي ٿو ته انساني جوهر دٻدٻي، خوف، قبضي يا دهشت ۾ ناهي، پر ان همت ۾ آهي جيڪا وکريل دنيا، نااميدي، ذهني وڳوڙ، مايوسي، جبر، تڪليف ۽ اذيت کان بعد ۾ به جيئڻ جي تمنا رهي. مقصد جي تلاش، داخلي تضادن سان منهن ڏيڻ ۾ آهي. انساني جوهر اهو آهي ته ماڻهو جيئڻ کي محض ساھ کڻڻ نه سمجھي، پر هڪ شعوري چونڊ سمجهي، انهن سڀني حالتن جي باوجود، جيڪي کيس ٽوڙي، موڳو ۽ نفسياتي مريض بڻائي ڇڏين ٿيون. اهوئي لمحو انسان کي انسان بڻائي ٿو، جڏهن هو بي معنيٰ، بي مقصد دنيا ۾ جيئڻ جي جستجو کي برقرار رکي، تضادن کان ڀڄڻ بدران انهن کي منهن ڏئي، جبر کي آفاقي سمجهڻ بدران ان سان جنگ جوٽي رکي. جديديت کي اسان ادب جي اندر هڪ تاريخي تحريڪ/لاڙي طور پڙهيو ۽ لکيو آهي، جڏهن ترقي پسند ادب اندر معروضي حالتن کي بدلائڻ لاءِ لکيو پئي ويو ان وقت فرد جي داخليت، وجوديت، حساسيت، معنيٰ جي کوٽ، مايوسي، نااميدي، بي معنويت تي لکڻ واري خال کي جديديت ڀريو. اصل ۾ انهن ناولن جي اندر جديديت ۽ نيو جديديت پڄاڻان جا باقاعده عڪس ملن ٿا.
جديديت کان جديديت پُڄاڻان تائين:
ماڊرنزم/جديديت ۾ جڏهن فرد جي داخليت تي ڪافڪا، ڪاميو، ورجينا وولف، هرمن هيس، ڊي ايڇ لارينس، سيميوئل بيڪٽ جڏهن لکيو انهن نفسياتي پيچيدگين، وجودي بحرانن، خيالن جو وهڪرو، مونجهارن، غير يقيني ۽ غير روايتي انداز اپنايو، پر موجوده بڪر پرائيز ناول جن ۾ فڪشن ۽ حقيقت جي لڪير کي ڌنڌلو بڻايو ويو آهي جيئن ڊسٽوپين ناولThe Seven Moons of Maali Almeida آهي جنهن ۾ اجتماعي امينشيا جو عڪس آهي، جنهن ۾ مافوق الفطري قوتن کي يادداشت سان جوڙي تاريخ، جادوئي حقيقت نگاري ۽ سريئل خيالن ذريعي فوٽوگرافر/ڪردار جي جستجو، معنيٰ ۽ مقصد کي وائکو ڪيو ويو آهي. ان ناول ۾ جيڪڏهن ڏسجي تهMeta-narrative جون جهلڪيون به موجود آهن. جيئن يادگيري، فوٽوگرافي/فن ۽ تاريخ معنيٰ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. ناولProphet Song ۾ انفرادي ويڳاڻپ، ذهني دٻاءُ بدران سماج جو ٽٽڻ، سياسي دٻاءُ ۽ اجتماعي خوف هر فرد جي ذات تي اثر انداز ٿئي ٿو، اها ويڳاڻپ انفراديت مان نڪري سماج ۽ تاريخ سان جڙي وئي، انفرادي ويڳاڻپ جو مثال ڪاميو جو ناولThe Stranger يا ڪافڪا جو ناولThe Metamorphosis آهن. ماڊرنزم ۾ زور فريگمينٽيشن تي هو، پر موجوده ناولن اندر ان جي جديد شڪلcross-genre آهي يعني ٽيڪسٽ، خط، ايميل، ورچوئل شيون، تخيل ۽ حقيقت جي ڌنڌلائپ، بي ترتيبي، مختلف نيريٽو استعمال ٿين ٿا. جيئنOrbital ناول آهي جنهن ۾ فلڪيات جي ماهر جو نيريٽو، زمين بابت معلومات، وقت، خلا ۽ وجوديت تي فلاسافيڪل بحث ٿيل آهي. انهن ناولن اندر ڪردار صرف داخلي تضادن جو شڪار ناهن، پر ان سان گڏ ماحوليات، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي اڻبرابري جي اثرن ۾ پڻ ڀوڳيندڙ آهن جيئنThe Seven Moons of Maali Almeida جو ڪردار مالي جنهن ۾ اخلاقي ذميواري، ميڊيا، سماجي ناانصافي، سياسي انتشار، انساني حقن جي لتاڙ، گهرو ويڙھ جي ڀوڳنا ۾ مالي جي شناخت، جنس ۽ موت کان بعد جي ذميواري بابت ناول اندر ارتقا ٿيل آهي.
منفرد پاسا:
ناولThe Seven Moons of Maali Almeida جو مرڪزي ڪردار جن/روح آهي، جنهن جي موت سان ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي. گهوسٽ نيريٽو ڪهاڻي ٻڌائڻ جو اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ ڪهاڻي ٻڌائيندڙ جن جي صورت ۾ شامل هوندو آهي. جنهن ۾ طنز، تنقيد، موت کان بعد جي زندگي يا پڇتاءُ شامل هوندو آهي جيئن هن ناول جي اندر ڪردار پنهنجي ئي موت، سماجي ذميداري ۽ سريلنڪا جي اندر قائم نظام تي تنقيد ڪري ٿو. مالي جي ڪردار ۾ ميٽا فزيڪل جهلڪيون ملن ٿيون.
هر دور ظاهري طور جديد ۽ ماضي کان وڌيڪ تبديل ۽ سڌريل هوندو آهي. تاريخ، سماج ۽ حالتون سڌي لڪير ۾ ناهن هلنديون(Progress is not linear; it is dialectical) ماضي بيرحم آهي ۽ حال کي ماسڪ پاتل آهي، جنهن ۾ ماضي جا پڇتاءَ، اڻپوريون خواهشون، ناانصافي ۽ هر معاشرو پنهنجي جڙن ۾ پنهنجي ماضي جي خوف، خواهش، زخم، تباهي، ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي شڪل کي کڻي هلندو آهي. ماضي جو ٽراما حال جو نسل ڀوڳيندو آهي اهڙي ناول ۾ جديديت پڄاڻان، پوسٽ ڪالونيل اسٽوري ٽيلنگ، ڪرٽيڪل ريئلزم/تنقيدي حقيقت نگاري، سوشو هِسٽاريڪل ڪمينٽري جا عنصر موجود هوندا آهنThe Promise ناول ان جو مثال آهي.
ناولProphet Song ۾ خيالن جو وهڪرو، ڊگها هڪ هڪ صفحي جا جملا، ذهني اذيت، دٻيل ماحول اهي ڪلاسٽروفوبيا جا عنصر آهن. ان سان گڏ ان ناول اندر پوسٽ پوسٽ ماڊرنزم جا اثر پڻ شامل آهن يا ائين چئون بڪر پرائيز پنجن ناولن جي ئي اندر اها ٽيڪنڪ رکيل آهي. ان سان گڏ ناول ۾ هائپر ڪامينٽري شامل آهي، جنهن مان مراد سمورن تضادن کي موجوده جديد دنيا جي اندر نئين اک سان ڏسڻ آهي، گرامر کان پاسو ڪيو ويو آهي.
ناولOrbital ۾ مستقبل استمراري حقيقت نگاري جو استعمال ٿيل آهي. ناول جي اهڙي پلاٽ ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي طريقي کي ايڪسٽراپوليٽو ريئلزم (Extrapolative realism) چئبو آهي. ان ۾ ڪهاڻي موجوده وقت جي سياسي، سماجي، وجودي ۽ ٽيڪنالاجي جي صورتحال تحت مستقبل جي اثرن کي ظاهر ڪندي آهي. هي ناول سائنس فڪشن آهي، پر سائنس جي اوزارن کان وڌيڪ ان جو سماج سان تعلق، انساني تجربن ۽ سماجي تضادن جو مستقبل ۾ اڀرڻ ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي ناول کيhard-ish sci ناول چئبو آهي. ان جي ابتڙ جن ناولن جي اندر سائنسي ايجادن ۽ نج سائنس جو ذڪر هجي جيئن ناول Fahrenheit 451،Oryx and Crake ،Klara and the Sun ۽ ناول Dune کيsoft sci-fi چئبو آهي.
ناولFlesh ۾ گلوبلائيزيشن، جديد سرمائيداري ۽ موجوده وقت ۾ تبديل ٿيندڙ دنيا اندر زندگي کي مختلف رخن (Episodic Structure) ۾ ڏيکاريو ويو آهي. نثر لاجواب ۽ اثرائتا جملا(Minimalist) شامل آهن. ناول ۾ متاثر ڪندڙ پاسو بي ڊَپي حقيقت نگاري(unflinching realism) ذريعي زندگي کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويو آهي. مطلب زندگي جي تلخين، انساني خامين، بڇڙاين، روزمره جي زندگي کي بلڪل ساڳي طرح سان ڪردار ذريعي پيش ڪيو ويو آهي. ناول جو هيرو ان سموري ڀوڳنا کي جنهن نموني پيش ڪري ٿو ان کي آبسرويشنل نيريٽو(Observational Narrative) چئبو آهي. ان ۾ ڪهاڻي ليکڪ ئي ٻڌائيندو آهي، پر ڪهاڻي اندر پڙهندڙ کي خطبي جي بدران افسانوي رنگ ايترو ته قابو ڪري رکي ٿو جنهن جو مثال هن ناول ۾ موجود آهي.
تت:
موجوده عالمي ادب جي ناول کي موضوعاتي ۽ ٿيم جي حوالي سان ڏسجي ته ان ۾ مختلف تجربا ٿي رهيا آهن، موضوعاتي، ٿيم، ڪهاڻي ٻڌائڻ جو طريقو هر پاسي تجرباتي ڪم نظر اچي ٿو. نسل پرستي، تاريخي زخمن جا نئين نسل تي اثر ۽ ان جي اهميت، ناول کي 24 ڪلاڪن جي وقت ۾ پيش ڪرڻ، شناخت، جابر سماج ۾ هڪ مئل فرد جا احساس، وجوديت ۽ جديد زندگيءَ جا بحران، بي معنويت ۽ مقصد جي تلاش، سياسي نااهلي جا اجتماعي اثر، اجتماعي شعور ۽ گڏيل خوف، سمورا ڪردار اخلاقي بحران جو شڪار، جديد سماج ۾ زندگي جي عڪاسي جون جهلڪيون، جديد زندگي جي ٿڪاوٽ، جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾، جتي سچائي بهalgorithm ٺاهيندو آهي اتي فرد جي معنيٰ ۽ فن جي اهميت جو ذڪر انهن ناولن ۾ ملي ٿو. وجودي بحران جا جواب ڳولهڻ ۽ نون تضادن ۾ جيئڻ جي مقصد جي تلاش انسانيت جي بقا جو رستو آهي. سمورن ناولن اندر فرد جي داخليت ۽ انفرادي شعور جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي.
مجموعي طور انهن پنجن ناولن جي اندر خاص ڳالھ ڏسجي ته انسان احساسن، اميدن، نااميدن، مايوسين، پريشانين، اذيتن، خوفن، وسوسن، يادگيرين، ڀوڳنائن، سماجي تلخين ۾ به جيئڻ جي خواهش رکي تڪليفن مان معنيٰ تراشي، دنيا جي بي رحميءَ ۾ پنهنجي ساخت، شناخت، انفراديت ۽ اندر جي آواز کي ٻُڌڻ، جديد دور ۾ اهو احساس ٿيڻ ته اسان مشينون ناهيون، پر محسوس ڪندڙ انسان آهيون. بحران صرف ڀڃ ڊاھ ناهن، پر انسان کي نئين رستي ڏانهن مائل ڪندڙ آهن. بحرانن ۾ به انسان زنده رهڻ جي قابل آهي. ناولن جو هڪ سٽ ۾ پيغام ائين چئجي ته انسانيت صرف محسوس ڪرڻ يا زنده رهڻ جو نالو ناهي، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ محبت ڪرڻ جو سنگم آهي. ان ۾ ئي زندگي جي خوشحال، ماحولياتي طور فطرت سان جڙڻ جو دڳ آهي. اهي ناول انسان کي نه صرف سماجي، سياسي ۽ تاريخي بحرانن ۾ ڦاٿل ڏيکارين ٿا، پر نفسياتي ۽ وجودي زاويي سان انهن جي مقصد ۽ ڪارج تي پڻ تنقيدي نظر رکن ٿا.