بلاگنئون

ماهتاب محبوب جي ناول “خواب، خوشبو، ڇوڪري” جو تنقيدي جائزو

گذريل سال ھنن ئي ڏينھن ۾ بي انتھا مصروف ھئڻ جي باوجود، چوويھن ڪلاڪن جي اندر اندر ناول ‘خواب، خوشبو، ڇوڪري’ پڙھي پورو ڪيو ھئم. ھي ناول، ان جي ڪھاڻي، ان جو سٽاءُ ۽ ٻولي سڀ اھڙا ته وڻندڙ ۽ موھيندڙ ھئا جو صفا قابو ڪري ڇڏيو ھيائون. جيستائين پڙھي پورو نه ڪيو ھئم، ڪتاب مان ھٿ نه ڪڍيم، پر ھي ناول پڙھي ٿورو ٿورو منجھي مٽر ٿي پيو ھئم ته ھن ناول تي ڪھڙو تجزيو لکان ڇو ته منھنجي سادي سودي دماغ ۾ ڪجھ سوال جنم وٺي اٽڪي چڪا ھئا ۽ انھن  سوالن جو ناول جي ليکڪا مھتاب محبوب، جنھن کي موھن ڪلپنا ‘سنڌي ادب جي خاتون اول’، جو تخلص ڏنو ھو، ئي ڏئي پئي سگھي، پر ھوءَ منھنجي سامھون ته ڪانه ھئي جو پڇانس؟

ھا! يونيورسٽي واري دور کان ھُن سان ملڻ جي ھڪ حسرت ضرور رھي آھي، پر آئون ميڊم ماھتاب سان ڪڏھن مليو ناھيان نه ئي ڪڏھن ان کي ڏٺو آھي، پر آئون ميڊم جو ذڪر تقريبن ڪو ٽن ڏهاڪن کان ٻڌندو پيو اچان! ھي پھريون دفعو آھي جو مون ماھتاب جو ڪو لکيل ڪتاب پڙھيو آھي. ھي سندس پھريون ناول آھي، پر ھن ڪتاب کانپوءِ مون سندس ھندستان سفر جو سفرنامو پڻ پڙھيو آھي جيڪو شايد منھنجي ڄمڻ کان به اڳ واري دور جو لکيل آھي. خير، ان کان علاوه،  ممڪن آھي ته لاشعوري طور ڪڏھن ھن جي لکيل ڪا ڪھاڻي پڙھي ھجي، پر مون کي اھو سڀ ياد ناھي. ٿوري ڌنڌلي ياد آھي ته جنھن زماني ۾جيجي انيتا شاھ لکندي ھئي، اھا اڪثر ماھتاب کي پنھجي ڪالم ۾ Quote ڪندي ھئي. خير، ھلون ٿا ناول جي ڪھاڻي طرف!

ماھتاب جي ھن ناول ‘خواب خوشبو ڇوڪري’ جي ڪھاڻي ڏاڍي دلچسپ ۽ ڏکوئيندڙ آھي. ناول فون جي گھنٽي تي شروع ٿئي ٿو ۽ ھيروئن يا ناول جي مرڪزي ڪردار صنم جي المناڪ موت تي ختم ٿئي ٿو. ھن ناول جي ھيروئن صنم تيرھن سالن جي ھڪ خوبصورت نينگري آھي، جيڪا ھڪ رٽائرڊ پوليس آفيسر وقار ۽ مائي نور بانو جي ننڍي ۾ ننڍي سڪيلڌي دادلي ڌيءَ آھي ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل اسڪول جي شاگردياڻي آھي. وقار ۽ نور بانو کي صنم کان علاوه ٽن پٽن ۽ ھڪ ڌيءَ جو اولاد پڻ آھي. اسد، عاصم ۽ عابده پرڻيل آھن ۽ الڳ رھن ٿا جڏھن ته عادل ميڊيڪل ڪاليج جو شاگر ۽ ھاسٽل ۾ رھندڙ آھي. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ سندس ٽئي پٽ ٻاھرين ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ نڪتل آھن

صنم دادلي ھئڻ ڪري تمام گھڻي واتري ۽ بدتميز قسم جي ڇوڪري آھي جيڪا اڪثر پنھنجي پيءُ، ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ عابده سان بدڪلامي ڪندي رھي ٿي. اسڪول ۾ پڙھائي دوران صنم جو اسڪول جي دروازي وٽ نوس نوس ڪندڙ ھڪ سورھن سترھن سالن جي ڇوڪري فھد سان نينھن لڙي ٿو وڃي، جنھن سان ھوءَ فون ۽ خطن جي ذريعي رابطو رکي ٿي، پر اھا خبر سندس گھر وارن کان لڪي نٿي سگھي. لوڪ جي لڄ ۽ عزت خاطر، سندس پيءُ ڇوڪري تي فون تي ڳالھائڻ سميت مختلف قسم جون پابنديون ھڻڻ شروع ٿو ڪري جيڪي ڇوڪريءَ کي باغي ڪري وجھن ٿيون، پر مڙني پابندين ۽ طعنن تنڪن باوجود ھوءَ پنھنجي آشنا فھد سان چوري چوري ملندي رھي ٿي ۽ ھڪ ڏينھن ڪلفٽن جي ڪنھن بنگلي ۾ وڃي ھن سان پيار جا پينگھا لوڏي ٿي.

 اھڙي سڌ پوڻ تي سندس گھر وارا صنم جي شادي ھڪ ٻائيتاليهن سالن جي عمر جي عرفان نالي مڙسالي، جيڪو دبئي ۾ نوڪري ختم ڪري اتفاق سان واپس اچي ٿو ۽ جيڪو صنم جي پيءُ وقار جو ماسات آھي، سان ڪرائي ٿا ڇڏين. ٻن چئن سالن جي عرصي ۾ ئي ھوءَ ٻن خوبصورت ٻارن شايان ۽ افراح جي ماءُ بڻجي وڃي ٿي. ٻارن جي ڄمڻ ۽ مڙس جي سٺي رويي ۽ پيار جي ڪري ھوءَ ماضي وساري اڳتي وڌڻ چاھي ٿي، پر ڪجھ ئي عرصي ۾ گھرو اڻوڻت، مڙس جي بي شڪلي ٿي وڃڻ، سماجي دٻاءُ ۽ پنھجي چلولي مزاج سبب ھن جا خيال وري پنھجي پراڻي پريئن فھد ڏانھن ھليا ٿا وڃن جنھن کي ھوءَ سوچن ئي سوچن ۾ ڳولهيندي ٿي رھي. بي خبر ھڪ ڏينھن اھو کيس ڪٿي ٽڪرائجي ٿو وڃيس ۽ ھن سان ٻيھر ميل ميلاپ شروع ٿي ڪري. مڙس جي ڪم ڪار ۾ مصروفيتن جي ڪري ھو بي خوف ٿي پنھنجي آشنا سان پنھنجي ئي گھر ۾ ملي جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ٿي ڪري. جيئن چوندا آھن نواني راتيون چور جون ۽ ھڪ رات ڀاڳيئي جي،  ھڪ ڏينھن سندس مڙس  ھن جي چوري پڪڙي ٿو وجھي. ھن جي اھڙين حرڪتن کان بيزار ٿي بدنامي کان بچڻ لاءِ سندس مڙس، زال ۽ ٻارن سان، دبئي شفٽ ٿي ٿو وڃي جتي صنم وري شھزاد نالي ڪنھن نئين ماڻھو سان نينھن جو ناتو جوڙي ٿي وٺي. سندس اھو افيئر به ھڪ ڏينھن پڪڙجي ٿو پوي. مڙس ڪاوڙ ۾ اچي ھن کي طلاق ڏئي واپس پاڪستان روانو ڪري ٿو.

اھڙي خبر ٻڌندي صنم جو پيءُ دل جو دورو پوڻ ڪري مري ٿو وڃي. طلاق کانپوءِ ھوءَ پنھنجي ماءُ سان گھر ۾ رھڻ ۽ ھڪ آزاد زندگي گذارڻ ٿي لڳي. ڪڏھن اظھار، ڪڏھن وجاھت ۽ ڪڏھن ڪنھن سان ته ڪڏھن ڪنھن سان. ھلي ھلي ھوءَ اھو محسوس ڪري ٿي ته مرد ھن کي ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪندا رھيا آھن ان ڪري ھو ھڪ پروفيشنل ايپروچ رکي ڪري ڪڏھن ماڊل ٿئي ٿي، ڪڏھن بيوٽي پارلر ھلائي ٿي ۽ آخر ۾ هڪ فاحشه ٿي وڃي ٿي. ھوءَ جلد ئي پئسو شھرت وغيرہ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح ھو ھڪ رنگين زندگي گذارڻ ٿي لڳي.  سگريٽ، ولائتي شراب ۽ نئين مرد کانسواءِ ھن کي ڪٿي به سڪون نٿو ملي، پر آخر ڪيستائين؟ ھر شئي جي ھڪ انتھا به ٿيندي آھي. ھوءَ محسوس ڪري ٿي ته سندس پراڻو حسن ۽ جلوا آھستي آھستي وکرندا پيا وڃن. جسم ۾ بي انتھا سور، ٿڪاوٽ ۽ ڳاڙھن رڦڙن جي ڪري ھوءَ پريشان رھڻ لڳي ٿي ۽  ھڪ ڏينھن تمام گھڻو بيمار ٿي پوي ٿي. ھن جو معائنو ڪري ڊاڪٽر کيس ٻڌائين ٿا ته ھوءَ AIDS  جو شڪار ٿي چڪي آھي. ھن جا سڀ خواب ٽٽي ٿا پون ۽ موت جون راھون نھارڻ ٿي لڳي. سندس ماءُ جيڪا ھميشه ھن جي پردہ پوشي ڪندي آئي ھئي ھن دفعي وري ھن جي بيماري تي پردو رکي بيماري کي ڪينسر جو نانءُ ٿي ڏئي. اھڙو اطلاع ملڻ تي سندس اڳوڻو مڙس عرفان ٻارن سميت ملڻ ٿو اچيس ۽ ھمدردي جو اظھار ٿو ڪري. ڪھاڻي جي پڇاڙي ۾ صنم جو ساھ پرواز ٿيڻ سان ناول پنھنجي پڄاڻي تي پھچي ٿو.

ھن ناول جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گھٽ آھي ڇو ته ھي ناول ھڪ اھڙي وقت ۽ اھڙي موضوع تي لکيل آھي، جيڪو ھن معاشري جو ھڪ اھم مسئلو آھي يعني اسان جي معاشري ۾ عورت جي اھميت، ڪردار ۽ مردن جي معاشري جي بيحسي. ھن ناول جو پلاٽ يا ڪھاڻي پنھنجي ھڪ تسلسل سان ھلي پڄاڻي تي پھچي ٿو. ناول جا ڪردار جھڙوڪ: صنم، عرفان، وقار علي، نور بانو، عابد، شھزاد، فھد، شھناز ۽ وڏيرو شھمير حقيقي زندگي جا ڪردار لڳن ٿا. پوري ڪھاڻي ڪردارن جي ذريعي ھلي ٿي، پر ڪٿي ڪٿي ناول نگار پنھنجي طرفان به ڪردران جي نفسيات کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جيڪا ناول جي بنيادي اصولن جي خلاف آھي. ھن ناول ۾ ماھتاب محبوب عورت کي ڪمزور ۽ مرد کي تمام گھڻو ظالم ڪري پيش ڪيو آھي. البته ڪٿي ڪٿي ھن اھا ڪوشش ضرور  ڪئي آھي ته ڪردارن جي خوبين ۽ خامين کي بيلنس ڪري، پر پوءِ به ھن جو پورو پورو ساٿ ۽ ھمدردي عورت جي ڪردار سان آھي. حالانڪه ڇوڪري جي پيءُ ۽ مڙس جا ڪردار تمام سٺا ۽ مثبت ڪردار آھن، پر ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ناول ۾ ھنن ٻنھي ڪردارن سان ماھتاب رڳو مردن تي ڪاوڙ جي ڪري ‘ڪتي واري ڪئي آھي.’ اھو شايد ليکڪا جو عورتاڻو بغض آھي.

آئون نٿو سمجھان ته ھتي ماھتاب محبوب جي ھن ناول ۽ ٿامس ھارڊي جي ناول The Tess of D’Urbervilles  جي ڪا ڀيٽ ٿيڻ کپي، پر ھتي اھا ڀيٽ ڪرڻ ضروري آھي. ھارڊي جيڪو مرد آھي اھو ھڪ عورت تي ناول `ٽيس آف ڊي اربرولز` لکي ٿو ۽ مرد ھئڻ جي باوجود به ھو ھڪ عورت سان پورو پورو انصاف ڪري ٿو. ھو ڪٿي به مرد کي رعايت نٿو ڏئي. اھوئي سبب آھي جو `Rape` ٿيڻ باوجود انگريزي ادب ۾ ٽيس ھڪ پاڪيزه عورت يا ڪردار سڏجي ٿي.  اھو ھارڊي جو ئي ڪمال آھي جو ھن عورت کي بلڪل Neutral ٿي لکيو آھي. خير! اھو ھڪڙو تمام وڏو بحث ٿي ويندو. ٽيس جي ابتڙ، خواب خوشبو ڇوڪري جي ھيروئن شادي کانسواءِ تقريبن ھر غلط ڪم پنھنجي رضا خوشي، ياري دوستي، پيار، پئسي ۽ فيشن طور ڪري ٿي. ھن سان ڪنھن به، ڪابه زور زبردستي نه ڪئي، پر صنم پاڻ به ڪا جستجو نٿي ڪري. جڏھن ته ٽيس جستجو ڪرڻ کانپوءِ ڦاسي چڙھي امر ٿي وڃي ٿي.

ھن ناول جي ٻي خوبي ناول جي ٻولي آھي. ناول نگار ٻولي جو استعمال تمام شاندار نموني ڪيو آھي. ٻھراڙي، شھري، اردو، سرائيڪي يا انگريزي يا اترادي ٻولي، خاص ڪري وڏيري شھمير جي ٻولي جي اترادي لھجي، ناول کي حقيقي رنگن سان رنڱي ڇڏيو آهي. باقي ناول جي ٻولي وڏي ڪمال جي آھي. صفا ڪمال. ڪوبه جواب ناھي. ناول ۾ ڪٿي ڪٿي humor  جو به element آھي جيڪو تمام مھارت سان استعمال ٿيل آھي.

پر اگر ھن ناول جي ڪردارن جو تنقيدي جائزو وٺجي ته، صنم جو ئي ھڪ اھڙو ڪردار آھي جيڪو ھڪ غير فطري ۽ ڪمزور ڪردار نظر اچي ٿو. ھن وٽ ڪا جستجو ناھي. ڪو مقصد ناھي. شادي تي به ھا ڪري ٿي وٺي ته عشق مشق لڙائڻ کان وٺي گراھڪن کي جسم ارپڻ تائين ھر چيز ھوءَ خوشي خوشي ٿي ڪري. ھن وٽ معاشري سان ويڙھ ڪرڻ جي ڪابه سگھ ناھي، بغاوت ناھي. ھوءَ ھڪ راويتي ڪردار آھي. صنم جو ڪردار ڪنھن به موڙ تي ڪنھن به قسم جي ڪا به مزاحمت نٿو ڏيکاري، جيڪا دراصل ناول نگار جي ڪمزوري ظاھر ڪري ٿي. دراصل اھو ته خودڪشيءَ جو رستو آھي. مطلب عورت کي مزاحمت ڪرڻ سيکارڻو ئي ناھي!

مان سمجھان ٿو ته ليکڪا کي gender blind  ھئڻ گھرجي، پر ماھتاب ائين ناھي. سندس جو تعصب ان ڳالھ مان ظاھر ٿئي ٿو ته ھوءَ تيرھن سالن جي ڇوڪري کي معصوم ٻارڙي ۽ سورھن سترھن سالن جي ڇوڪري کي ظالم مرد ڪري ظاھر ڪري ٿي! تيرھن سالن جي ڇوڪري عورت نٿي سڏجي سگھي، پر سورھن سترھن سالن جو ڇوڪرو، مرد سڏي سگھجي ٿو! جيڪڏھن ھو سورھن سترھن سالن جي `مرد` کي ٻار لکي ھا ته ڪو حرج نه ھو، پر ھن ٻار کي مرد ان ڪري لکيو جو ليکڪ پاڻ به ھڪ عورت آھي! ٻيو ته ليکڪا ھيروئن کي آخر ۾ ھرو ڀرو مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي! ڪھاڻي ڪنھن مثبت طريقي سان به ختم ڪري پئي سگھجي. مثال ڇوڪري پنھنجي غلطين جو ازالو ڪري معاشري ۾ اصلاحاتي ڪم ڪري ھا ته جيئن آئنده اھڙي قسم جي مسئلن جو ڪير به شڪار نه ٿئي. ضروري ناھي ته ھن کي AIDS  سان ماري قبر ڀيڙو ڪجي ھا! جيڪڏھن ڇوڪري اھڙي بيماري جو شڪار ٿي مري وئي ته ساڳي بيماري سان مرڻ ته پنج ست ٻين ڪردارن کي به کپندو ھو؟ بس اھو ھڪ ئي نقص آھي ھن ناول ۾ !

ان کان علاوه ھن ناول ۾ ڪجھ غير ضروري خيال جنھن کي ڪمينٽري چئي سگھجي ٿي، نه ھئڻ گھرجن ھا. مثال عمران خان جي زال جمائما خان جي جسماني جوڙجڪ تي نالو لکي اجائي ٺٺول ڪئي وئي آھي، جيڪا غير اخلاقي ۽ غير ضروري لڳي ٿي. اھا جملا دراصل misogynist remarks آھن جيڪي humor create  ڪرڻ لاءِ ناول جو حصو ڪيا ويا آھن. اھي صفا غير فطري آھن ۽ قانوني طور به جرم جي ذمري ۾ اچن ٿا. مثال جيڪڏھن جمائما خان يا عمران خان ليکڪ کي ڪوdefamation notice  موڪلين ته موڪلي سگھن پيا، پر شڪر آھي جو سنڌ کان ٻاھر اسان جا ڪتاب ڪير گھٽ ٿو پڙھي يا سنڌي گھٽ ٿا سمجھن. ھڪ عورت ھئڻ جي ناتي به ماھتاب کي اھڙا misogynist remarks نه لکڻ گھرجن ھا.

باقي جيڪڏهن ناول جو مقصد سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ناجائزين کي نروار ڪرڻ آھي ته اھا ته حقيقت آھي ته عورت سان اسان جي معاشري ۾ ھزار مسئلا آھن ۽ مردن جي ھن معاشري ۾ عورت کي ڪافي قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون. انھن مسئلن کي ليکڪا سٺو پيش ڪيو آھي، پر ليکڪا کي اڃان وڌيڪ حقيقت پسند ٿيڻ کپندو ھو، جيئن مٿي ھارڊي جي ناول جو مثال ڏئي چڪو آھيان. شين کي ھميشه مثبت پھلو ڏي وٺي وڃجي. جيئڻ جي جستجو ڏيکارجي. مرڻو ته ھر ڪنھن کي آھي. ادب ڪھڙو اتساھ ٿو ڏئي، ان شئي کي اجاڳر ڪرڻو آھي.

منھنجو خيال آھي ته اھڙي قسم جي ڪھاڻين (ناولن) کي ڌارين ٻولين خاص ڪري انگريزي ۾ ترجمو ڪري پيش ڪرڻ گھرجي، پر ھن کي ناوليٽ جي بدران ناول جي ويس پارائڻو پوندو. اسان وٽ اڪثر ماڻھو ناوليٽ لکي، ناول جو نالو ڏئي ڇپرائي رھيا آھن. جيڪڏھن ڳالھ ٿي ڪجي تي ڪاوڙجي چون ٿا ته توھان کي ناول جي خبر ئي ناھي. بابا سائين اسان ڪڏھن ٿا دعويٰ ڪيون ته اسان کي سڀ خبر آھي، پر ايتري ضرور خبر آھي ته ناول ۽ ناولڙي ۾ ڪيترو ۽ ڪھڙو فرق ھوندو آھي.