ايڊيٽوريلنئون

احسن اقبال جي سادگي ۽ (ن) ليگ سنڌ جي منافقي

            جڏهن کان سنڌو درياءَ مان ڇهن ڪئنالن نڪرڻ جو منصوبو سامهون آيو آهي، ان وقت کان وٺي سنڌ جو عوام شدت سان انهيءَ منصوبي جي مخالفت ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽي پڻ هڪ واضح موقف اختيار ڪيو آهي جيڪا پڻ انهيءَ منصوبي جي کليل مخالفت ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي متفقه قرارداد پاس ڪري چڪي آهي ته سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ 6 نوان ڪئنال سنڌو درياءَ جي وهڪري ۾ وڏي رڪاوٽ پيدا ڪندا ۽ سنڌ جون زرخيز زمينون غير آباد ٿي وينديون. ڊيلٽا ۾ مٺي پاڻيءَ جو مخصوص مقدار نه وڃڻ جي ڪري ساحلي پٽي سمنڊ جي ور چڙهي ويندي ۽ هڪ وڏي زرعي ايراضي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. هن وقت روزانو جي بنياد تي سنڌ دوست سياسي پارٽيون پرامن جلسا جلوس، ريليون ۽ مظاهرا ڪري احتجاج ڪري رهيون آهن ته انهيءَ منصوبي کي هڪدم رد ڪيو وڃي. ايستائين جو ايم ڪيو ايم جيڪا ماضيءَ ۾ سنڌ جي گڏيل مسئلن سان گهٽ سلهاڙبي هئي هن وقت اها به انهيءَ سنڌ دشمن منصوبي جي کليل مخالفت ڪري رهي آهي. جڏهن اسان هي سٽون لکي رهيا آهيون ان وقت به سنڌو بچايو تحريڪ ڪاميٽي جي ريلي جنهن ۾ 9 سياسي پارٽيون شامل آهن، حيدرآباد کان عمرڪوٽ طرف روان دوان آهي. جنهن ۾ لاتعداد گاڏيون شرڪت ڪري رهيون آهن. ان قافلي جي رستي تي هر هنڌ آجيان ٿي رهي آهي، گلن جي ورکا ٿي رهي آهي، جيڪو ان ڳالهه جو کليل اظهار آهي ته سنڌ جو ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي تي جيڪو کيس پاڪستان جي آئين تحت 1991ع جي ٺاهه موجب مليو آهي ان تان هڪ قدم به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ پنهنجي حق تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار ٿيڻ لاءِ راضي نه آهي.

            انهيءَ وقت احسن اقبال جيڪو پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جو وزير پڻ آهي ان (ن) ليگ سنڌ جي صدر ۽ مرڪزي نائب صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين طرفان ڪئنالن واري منصوبي تي سوال پڇڻ تي فرمايو آهي ته هي منصوبو بلڪل آئيني طور تي ۽ قانوني طور تي ٺاهيو ويو آهي جنهن سان صوبن جي حصي جي پاڻيءَ کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پوندو. اسين ان کي سندس سادگي چئون، منافقي چئون يا چالاڪي چئون ۽ ويٺل (ن) ليگ جي ٻن اهم عهديدارن جي لاچاري چئون ته جن منصوبن لاءِ پوري سنڌ جو عوام هڪ ليڪو ڪڍي بيٺو آهي، صرف جذباتي طور تي نه، پر انگن اکرن سان ۽ تاريخ جي تناظر ۾ واضح ڪري رهيو آهي ته ملڪ جو هڪ صوبو وفاق کي استعمال ڪندي سنڌو درياءَ تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، جنهن جو سڄو نقصان سنڌ صوبي کي پوندو، لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي، شهرن ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويندي، انهيءَ سلسلي ۾ صرف احتجاج ۽ ريليون نه ڪيون ٿيون وڃن، پر ملڪي ليول تي ڪانفرنسون گهرائي انگن اکرن ذريعي واضح ڪيو ٿو وڃي ته سنڌو درياءَ ۾ وڌيڪ پاڻي موجود نه آهي، انهيءَ ڪري ان مان ڪوبه نئون ڪئنال نٿو ڪڍي سگهجي. سنڌ ۾ مسلسل وڌندڙ آدمشماري ۽ ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري به پاڻيءَ جي مسلسل کوٽ سامهون اچي رهي آهي. ڪراچي ۾ ٿيندڙ پاڻيءَ تي گذريل ڏينهن سانا طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس ان شيءِ جو واضح ثبوت آهي جنهن ۾ نه صرف سنڌ ۾ موجود پاڻي جا نالي وارا ماهر شريڪ ٿيا، پر سياسي، سماجي ۽ دانشورن به ان مسئلي تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. پنجاب مان پڻ انهن دانشورن ۽ پاڻي جي ماهرن کي گهرايو ويو جيڪي حق سچ جي ڳالهه ٻڌن ٿا ۽ ڳالهه ڪن ٿا. وفاقي وزير احسن اقبال وانگر لفظن جي راند نٿا کيڏن. وفاقي سرڪار جو پورو منصوبو آهي ته ڪنهن به نموني پنجاب جي بنجر زمين کي زرخيز بڻايو وڃي ان لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت آهي جيڪو پاڻي سنڌ جي حصي جو کنيو وڃي.

            احسن اقبال صاحب کي جيڪڏهن انگ اکر ٻڌائڻا آهن ۽ پڇڻا آهن ته پوءِ اهڙين ڪانفرنسن ۾ کيس ضرور اچڻ گهرجي ته جيئن کيس پرڙو پئجي سگهي ته ماهر ان منصوبي کي صرف جذباتي طور رد نه ڪري رهيا آهن، پر انگن اکرن ذريعي واضح ڪري رهيا آهن ته اهو منصوبو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندو. ان منصوبي جو فائدو صرف هڪ صوبي پنجاب کي پوندو وفاقي وزير شايد هڪ صوبي يعني پنجاب جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ (ن) ليگ جا عهديدار سنڌ جي نمائندگي نه ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن سندس ذهن ۾ بدنيتي آهي جنهن جو اظهار سندس بيان مان ٿئي ٿو ته پوءِ سنڌ جو عوام کيس واضح طور ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ڀلي ان سان (ن) ليگ سنڌ جي قيادت گڏ هجي مجبوري ۾ يا منافقي ۾، پر باقي سنڌ جو عوام ان منصوبي کي ڪنهن به طرح پاياءِ تڪميل تائين پهچڻ نه ڏيندو. جيئن ڪالا باغ ڊيم جي منصوبي کي سنڌ جي عوام پرامن جدوجهد ذريعي رد ڪرايو. ساڳئي نموني سان پرامن آئيني جدوجهد ڪري هن سنڌ دشمن منصوبي کي پڻ رد ڪرائيندو. ان وقت (ن) ليگ سنڌ ڪٿي بيٺل هوندي، جڏهن کانئن عوام سوال ڪندو ته اوهان سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ڇو نه ادا ڪيو؟ ۽ هاڻي ڪهڙي منهن سان اسان کان ووٽ گهرڻ اچو ٿا.