بلاگنئون

تعليم، مرد ۽ عورت لاءِ شعور جو برابر ذريعو

نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جي آزادي ۽ نسلي امتياز جي خاتمي لاءِ هڪ اهم عالمي شخصيت هئا. سندس هڪ وڏو ۽ تاريخي ڪارنامو “اپارٿائيڊ” (نسلي امتياز) جي نظام جو خاتمو آهي جيڪو ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪارن ۽ گورن جي وچ ۾ سخت تفريق ۽ ظلم تي ٻڌل هو. منڊيلا کي امن لاءِ نوبل انعام ڏنو ويو، جيڪو ان جي قربانين ۽ نسلي مساوات لاءِ ڪيل ڪم جي عالمي سڃاڻپ هئي. “تعليم دنيا کي بدلائڻ لاءِ سڀ کان طاقتور هٿيار آهي” منڊيلا جو ھي قول تعليم جي اهميت ۽ ان جي سماجي اثر کي واضح طور تي بيان ڪري ٿو، جيئن ته تعليم سماج جي بهتري ۽ ترقي لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي.

1994ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين آزاد ۽ برابريءَ وارن چونڊن کانپوءِ نيلسن منڊيلا ملڪ جو پهريون ڪارو صدر بڻيو. هن پنهنجي صدارت دوران قومي هم آهنگي ۽ صلح لاءِ ڪم ڪيو. صبر، قرباني ۽ انسانيت لاءِ عالمي سطح تي هڪ علامت بڻجي ويو ۽ سندس زندگي اڄ به جدوجهد ڪندڙ ماڻهن لاءِ هڪ مشعل راهه آهي. تعليم جو ڏينهن ملهائڻ واري روايت ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر ان جي اصليت ۽ مقصد تي سوچڻ لازمي آهي. اڄ اسان اُهي ڏينهن ملهايون ٿا، جيڪي اسان کي ٻاهران عطا ڪيا وڃن ٿا، ڄڻ ڪنهن ٻئي جي فڪر ۽ ثقافت کي پنهنجو معيار بڻائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هجي. تعليم جو ڏينهن 8 جنوري تي ملهائڻ جو تصور به ان ڳالهه جو تسلسل آهي، پر ڇا تعليم صرف هڪ ڏينهن لاءِ آهي؟ تعليم انسان جي شعور جو بنيادي اوزار آهي، پر ان کي هڪ ڏينهن تائين محدود ڪرڻ ۽ ان ڏينهن کي جشن جو روپ ڏيڻ شايد تعليم جي اصل روح سان ناانصافي آهي. تعليم هڪ عمل آهي جيڪو روزمره جي زندگيءَ ۾ هر لمحي جاري رهڻ گهرجي. اهو عمل فرد کي پنهنجي وجود جي معنيٰ ۽ پنهنجي سماج جي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ تيار ڪري ٿو.

غور سان ڏسجي ته ڏينهن ملهائڻ انسان جي اندروني خال کي ڀرڻ جي هڪ ڪوشش آهي. اهو ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي زندگي ۾ ڪجهه کوٽ آهي، جنهن کي يادگار لمحن يا خاص ڏينهن سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، پر ڇا اسان واقعي تعليم کي پنهنجي ذات جو حصو بڻايو آهي؟ ڇا اهو ڏينهن اسان جي لاپرواهي ۽ اسان جي سماجي مسئلن جو اعتراف نٿو ٿئي؟ اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي تعليمي نظام ۽ ان جي مقصد ۾ ڪو فڪر موجود آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اهڙا ڏينهن ملهائڻ صرف هڪ روايتي مشق آهي، جنهن جو ڪوبه اثر نه رهيو آهي. جيڪڏهن تعليم هڪ ڏينهن تائين محدود ٿي وڃي ته پوءِ انسانيت جو مستقبل به هڪ محدود دائري ۾ بند ٿي وڃي ٿو. تعليم جو حقيقي ڏينهن اهو آهي، جڏهن انسان پنهنجي جهالت کي ختم ڪري، پنهنجي ۽ پنهنجي سماج جي لاءِ روشن راهون پيدا ڪري ٿو. بيشڪ علم انسان جي وجود جو هڪ اڻ کٽ حصو آهي، جيڪو ان کي شعور جي روشني عطا ڪري ٿو. علم انسان جي اندر اهڙي تبديلي آڻي ٿو جيڪا ان کي ٻين مخلوقن کان ممتاز ڪري ٿي. جيڪڏهن انسان وٽ علم نه هجي ته سندس زندگي ڪنهن به معنيٰ کان خالي آهي، ڄڻ هو صرف وجود ۾ آهي، پر شعور کان محروم آهي. علم جي ذريعي ئي انسان پنهنجي اندر ۽ ٻاهر جي دنيا کي سمجهڻ جي قابل ٿئي ٿو. علم کي انسان جي ٽين اک قرار ڏيڻ ۾ هڪ وڏي حقيقت سمايل آهي. اها اک صرف ڏسڻ جو اوزار نه آهي، پر پرکڻ ۽ سمجهڻ جو هڪ ذريعو پڻ آهي. علم انسان کي حق ۽ ناحق، نيڪي ۽ بديءَ جي فرق کي سمجهڻ ۽ پنهنجي عمل کي ان سان هم آهنگ ڪرڻ سيکاري ٿو. جنهن جي ذريعي انسان پنهنجي وجود جي گھرائيءَ ۾ لهي پنهنجي لاشعور کي جاڳائي ۽ هڪ اعليٰ ۽ بامقصد زندگيءَ لاءِ تيار ٿئي ٿو.

مولانا ابوالڪلام آزاد جو قول ان سوچ جو عڪس آهي، جيڪو علم جي حقيقي مقصد کي اجاڳر ڪري ٿو. هو “گلن جي عاشقي کي رد ڪري، ان ٻج جي ڳولا ۾ آهي، جيڪو نون باغن جي شروعات ڪري سگهي.” اهو ٻج اصل ۾ علم آهي جيڪو نه رڳو فرد کي سنواريندو آهي، پر سماج ۽ قوم کي به ترقي جي راھ تي آڻيندو آهي. علم اهو آهي ته هو انسان جي شخصيت مان غرور ۽ وڏائي ختم ڪري ان ۾ عاجزي ۽ انڪساري پيدا ڪري. تعليم جو عمل صرف پڙهڻ ۽ لکڻ تائين محدود نه آهي، بلڪه اهو انسان کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهڻ، سماج لاءِ ڪارآمد بڻجڻ ۽ هڪ اهڙي نظام جو حصو بڻجڻ سيکاري ٿو، جيڪو نه صرف ذاتي خوشحالي، پر اجتماعي بهتري جو سبب بڻجي. علم جي روشني ۾ ئي انسان حقيقي آزادي حاصل ڪري ٿو. آزادي جهالت کان پاڻ ۾ قيد خيالن کان ۽ ان بندش کان جيڪي انسان کي مڪمل صلاحيت تائين پهچڻ کان روڪين ٿيون. تعليم اهو ٻج آهي جنهن سان سماج جا باغ سرسبز ٿين ٿا ۽ علم اهو وسيلو آهي جيڪو انسان جي شعور کي جاڳائي ٿو ۽ ان کي پنهنجي وجود جي حقيقي اهميت سمجهڻ جي قابل بڻائي ٿو. علم کانسواءِ زندگي نه صرف بي معنيٰ آهي، بلڪه بي مقصد به آهي. حديث شريف “علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي” پنهنجي لفظن ۾ انسانيت لاءِ هڪ جامع پيغام آهي، جيڪو ڪنهن جنس، عمر يا حالتن جي حدن کان مٿانهون آهي. ان ۾ علم کي هڪ اهڙو مقدس فرض قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو زندگيءَ جي هر مرحلي ۾ سڀني لاءِ لازمي آهي. حديث جي لفظن تي غور ڪرڻ سان هڪ عظيم حقيقت آشڪار ٿئي ٿي. علم جي طلب کي ڪنهن به حال ۾ محدود ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته علم انسان جي اخلاقي، سماجي ۽ ذاتي ترقيءَ جو بنياد آهي، پر ڇا اسان جو سماج هن کي پنهنجي عمل ۾ آڻي سگهيو آهي؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته عورت لاءِ تعليم جي ميدان ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، اهي صرف مادي حدون نه آهن، بلڪه سماجي سوچن ۽ قدرن ۾ جڙيل مسئلا آهن. اسان جو سماج علم جي مفهوم کي مڪمل طور تي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جنهن جي ڪري عورتن کي تعليم ۽ زندگيءَ ۾ برابر جا موقعا ڏيڻ بدران سندن خواب ۽ صلاحيتن کي “روايتن” جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي.

علم صرف معلومات يا مهارتن جي منتقلي نه آهي، اهو انسان جي سوچ، شخصيت ۽ شعور جي اڏاوت آهي. جڏهن عورت کي هن اهم عمل کان محروم رکيو وڃي ٿو ته اهو سماج جي اخلاقي ۽ فڪري نظام جي ڪمزوري ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن سماج عورت جي علم ۽ صلاحيت کي دٻائي ٿو ته اهو نه صرف عورت کي، پر ان سڄي سماج کي انڌڪار ۾ ڌڪي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا اسان جو سماج عورت کي علم حاصل ڪرڻ، سوچڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ جي آزادي ڏئي ٿو؟ حقيقت اها آهي ته عورت کي اڪثر پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪرڻ ۽ پنهنجي قابليت کي تسليم ڪرائڻ لاءِ مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. مرد ۽ عورت جي برابريءَ جا نعرا سماجي سطح تي اڃان تائين عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيا آهن. اهو الميو آهي ته تعليمي نظام، جيڪو ماڻهن جي سوچ ۽ ڪردار کي بهتر بڻائڻ جو ذريعو آهي، خود انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. عورتن جي گهٽ موجودگي نه صرف تعليمي ادارن ۾، پر ملازمت، عهدي سازي ۽ معاشرتي قيادت ۾ به ظاهر ڪري ٿي ته اسان جو سماج جنسي برابريءَ جي بنيادي اصول کان ڪيڏو پري آهي. اهو تصور ته عورتن لاءِ گھر ۽ ور جي پناھ ئي محفوظ جڳھ آهي، خود هڪ سوال پيدا ڪري ٿو. ڇا اها “محفوظ پناھ” عورت جي صلاحيتن، خوابن ۽ مقصدن کي زنده رکڻ جي قابل آهي؟ يا اها صرف سماجي خوفن ۽ پابندين جو نتيجو آهي؟ اهو وقت آهي ته علم ۽ تعليم جي حقيقي مفهوم تي سوچجي. جيڪڏهن علم کي واقعي “فرض” سمجهيو وڃي ته پوءِ اهو مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ کانسواءِ مڪمل ٿي نٿو سگهي. تعليم جو مقصد صرف انفرادي بهتري نه آهي، پر هڪ اهڙو سماج ٺاهڻ آهي جتي هر انسان خواهه اهو مرد هجي يا عورت، پنهنجي مڪمل صلاحيتن تائين پهچڻ لاءِ آزاد هجي ۽ اها آزادي صرف ان وقت ممڪن آهي، جڏهن اسان عورتن جي حقن ۽ تعليم کي هڪ سماجي فرض سمجهون. چين جي مشهور چوڻي آهي ته “جيڪڏهن توهان هڪ سال جي منصوبابندي ڪرڻ چاهيو ٿا ته چانور پوکيو، هڪ ڏهاڪي جي منصوبابندي ڪرڻ چاهيو ٿا ته وڻ پوکيو ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ جي منصوبابندي ڪرڻ چاهيو ٿا ته ماڻهن کي تعليم ڏيو” هڪ گهري معنيٰ رکندي آهي جيڪا نه صرف فرد جي زندگيءَ ۾ بلڪه قومن جي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ۾ تعليم کي زندگيءَ جي اصل منصوبابندي جو ذريعو قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به سماج جي خوشحالي ۽ ترقي جو بنياد آهي. تعليم جيڪا صرف علم جو حصول نه آهي، پر سوچڻ ۽ سمجھڻ جو هڪ طريقو آهي. تعليم انسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ مقصد ۽ راھ ڏيندي آهي. جڏهن هڪ فرد تعليم حاصل ڪري ٿو، تڏهن ان ۾ شعور، فڪر ۽ تنقيدي سوچ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا ان کي پنهنجي زندگيءَ جي چئلينجن کي سمجھڻ ۽ انهن سان نڀائڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. اها شعور جي روشني انسان کي نه رڳو پنهنجي شخصيت کي نئين سر ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي بلڪه ان کي هڪ بامقصد ۽ سنجيده زندگي گذارڻ جو اشارو پڻ ڏيندي آهي.

جيڪڏهن تعليم فرد جي زندگي کي بھتر بڻائي ٿي ته پوءِ اها ئي تعليم هڪ قوم جي اجتماعي فلاح ۽ ترقي جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي. جيئن دنيا جي ترقي يافته قومن جهڙوڪ: سوئيڊن، انگلينڊ ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ تعليمي شرح بلند آهي، اهڙيءَ طرح انهن قومن جو معاشي ۽ سماجي معيار به بلند آهي. انهن قومن ۾ تعليم صرف هڪ فرد جي ذهني ارتقا لاءِ ناهي، پر ان کي سڄي سماج جي فلاح ۽ ترقيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. جيئن ته انسان ۽ سماج جو تعلق هڪ مڪمل چرخي کي ياد ڏياري ٿو، جتي هر ٽڪرو پنهنجي جاءِ تي اهميت رکندو آهي. تعليم ان چرخي ۾ انهن لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي آهي. جڏهن هڪ قوم پنهنجي عوام کي تعليم ڏئي ٿي، تڏهن ان قوم جي سوچ، فڪر ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ انقلاب اچي ٿو جيڪو معاشرتي، اقتصادي ۽ سياسي لحاظ سان ان کي طاقتور ۽ مستحڪم بڻائي ٿو. تعليم ڪنهن هڪ قوم کي طاقتور بنائڻ ۾ صرف ان جي علمي سطح کي بلند نٿي ڪري، بلڪه اها سماجي رويي ۾ به اهم تبديليون آڻي ٿي. جڏهن هر فرد کي مساوي تعليمي موقعا ميسر هوندا آهن، تڏهن ان ۾ انفراديت ۽ خود اعتمادي جو جذبو پيدا ٿيندو آهي جيڪو ان کي سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. ان ڪري جڏهن تعليم کي سماج ۽ انسانيت جي بنيادي جز طور سمجهڻ ۽ اپنائڻ جي ضرورت آهي ته پوءِ اهو لازمي بڻجي ٿو ته اسان پنهنجي هر نسل لاءِ بهتر تعليمي موقعا فراهم ڪريون. تعليم جو اصل مقصد صرف علم حاصل ڪرڻ ناهي، پر اهو فرد ۽ سماج کي انهن جي مڪمل صلاحيتن تائين پهچائڻ آهي، جيئن اهي هڪ خوشحال، بامقصد ۽ ترقي يافته زندگي گذاري سگهن. ڏٺو وڃي ته نوجوان قوم جا معمار هوندا آهن، پر هڪ قوم جو مستقبل ان جي نوجوانن جي حقيقي تعليم ۽ ان جي فڪر، فهم ۽ شعور تي مدار رکندو آهي. جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ نوجوانن جو تعداد پوڙهن ۽ ٻارن کان وڌيڪ هجي ٿو ته اها هڪ زبردست امڪاني طاقت آهي، جنهن سان اهو ملڪ نوان افق ڳولي سگهي ٿو، پر افسوس جو ڪهڙي صورتحال آهي جڏهن ان نوجوان قوت کي سمجهڻ ۽ ان کي بهترين استعمال ۾ آڻڻ جي بجاءِ ان کي مايوسي، بي مقصديت ۽ اڻ ڪاميابي ۾ ٽوڙيو وڃي ٿو.

جڏهن ته نوجوان قوت کي سماجي، سياسي ۽ تعليمي سطح تي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. جڏهن اعليٰ عهدي وارا فرد جيڪي نظام جا حصا آهن، پنهنجو پاڻ کي فطري طور تي محفوظ ۽ مضبوط محسوس ڪري رهيا آهن، ان وقت نوجوان نسل جيڪا قوم جو مستقبل آهي، ان لاءِ ڪنهن به قسم جي موقعن جي گنجائش نه ٿي آهي. ان جو نتيجو اهو آهي ته نوجوانن لاءِ هڪ اهڙو ماحول ٺهڪي ٿو، جتي انهن جي صلاحيتن کي سڃاڻڻ، وڌائڻ ۽ آزمائڻ جو موقعو ناهي ۽ ان جا سمورا دروازا بند ٿي وڃن ٿا. تعليم جيڪا اسان جي سماج ۾ هڪ مقدس ذريعو سمجهي وڃي ٿي، ان جو مقصد صرف معلومات حاصل ڪرڻ ناهي، پر ان جو اصل مقصد نوجوانن کي سچو، خود مختار، فڪر ڪندڙ انسان بڻائڻ آهي جيڪو سماجي انصاف، برابري ۽ صحيح طريقن سان پنهنجو فرض ادا ڪري سگهي، پر جيڪڏهن اها تعليم صرف سرڪاري تعليم جي صورت ۾ محصور ٿي وڃي ۽ اهو نوجوان جو دماغ صرف مارڪن ۽ نمبرن کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ته پوءِ ان تعليم جو ڪنهن مقصد سان ڪوبه تعلق ناهي. اهو تعليم جو جوهر آهي جيڪو فرد جي اندر ڪنهن به سماجي، سياسي يا معاشي طاقت کان مٿانهون ۽ آزاد، هڪ گهري سوچ، حقيقت پسندي ۽ صداقت جي سوچ پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن اها سوچ ان نوجوان ۾ پيدا نه ڪئي وئي ته پوءِ اهو صرف تعليم جي ذريعي کان وڌيڪ هڪ ڪمزور ٻج بڻجي ٿو جيڪو سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ بدران ڪنهن ٻئي ڌنڌي ۾ مبتلا ڪرڻ جو اوزار بڻجي ويندو آهي. تعليم جو سلسلو اهڙو هجڻ گهرجي، جيڪو فرد کي پنهنجي اندر جي حقيقي طاقت ۽ صلاحيت کي سڃاڻڻ، سچ کي سمجهڻ ۽ ان کي هر حالت ۾ بيان ڪرڻ جي قابل بڻائي. ان تعليم کي هڪ “ذاتي انقلاب” بڻائڻ گهرجي، جتي نوجوان فرد صرف پاڻ کي سمجهي، پنهنجي فردي، سماجي ۽ قومي ذميوارين کي سمجھي ۽ ان ۾ هڪ گھري انسانيت کي ڳولي. جيڪڏهن تعليم نوجوانن ۾ فڪري ۽ شعوري انقلاب پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهندي آهي ۽ صرف ڄاڻ حاصل ڪرڻ تائين محدود رهندي آهي ته پوءِ اها ان قوم کي ڪاميابي يا ترقي ڏانهن نه وٺي وڃي، بلڪه ان کي هڪ جمود ۾ رکندي آهي، جتي هر ڪنهن جو ڪردار صرف انوکيائي ۽ دنياوي نظرين جي پٺيان هلڻ تائين محدود ٿي وڃي ٿو. حقيقت ۾ تعليم جو اصل مقصد صرف انفرادي تعليم ۽ معلومات جو حصول ناهي، پر اهو نوجوان کي هڪ زندگي گذارڻ لاءِ تيار ڪرڻ آهي، جتي هو سماج ۾ هڪ سٺو، سچو ۽ ڪارگر فرد بڻجي سگهي، جيڪو پنهنجي قوم کي هڪ مضبوط، فلاح ڪندڙ ۽ روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃي. تعليم جو مطلب صرف اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر اھا هڪ تحريڪ ھجڻ گهرجي جيڪا هر گهر، هر دل ۽ هر دماغ ۾ روشني پيدا ڪري. جيڪڏهن اسان هن تحريڪ کي صحيح رخ ۾ اڳتي وڌايون، ته نه رڳو سنڌ، پر پوري قوم جي محروميءَ جا زخم ڀرجي سگهن ٿا. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته هر فرد، هر اداري ۽ هر نظام پنهنجي ذميواري کي سمجهي ۽ تعليم کي هڪ شعوري انقلاب جو ذريعو بڻائي، تڏهن ته چوندا آهن “تعليم انسان جي شعور جي ٽين اک آهي، جنهن سان هو حق ۽ ناحق، سچ ۽ ڪوڙ، نيڪي ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو.”