اسانجي ننڍڙي شهر ۾ استاد گوور هوندو هو. هو ته اڻ پڙهيل، پر هو بلا جو ڪاريگر، پوءِ ٺيڪيدار به ٿيو. شهر جون تقريبن اڌ کان مٿي جايون اُن ٺاهيون. اسين ننڍا هوندا هئاسين ۽ جڏهن به اُن سان بحث ٿيندو هو ته چوندو هو ته ملڪ ته هلايو انگريزن. ڇا ته انصاف هو، امن امان هو ۽ سستائي هئي وغيره وغيره، مطلب ته هو انگريزن جي ساراهه مان ڍاپندو ئي ڪونه هو. اسانجا دليل پڙهيلن وارا ۽ هن کان مختلف هوندا هئا. کيس ٻڌائيندا هئاسين ته اسين ڪيئن نه انگريزن جا غلام هئاسين ۽ ڪيئن نه انگريز سامراج هن ملڪ جا وسيلا لٽي ڦري، ناڻو انگلستان کڻي ويندو هو. هڪ پاسي اسين آزادي جي ڳالهه ڪندڙ ۽ ٻئي پاسي هو انگريزن جي غلامي کي ساراهيندڙ. هو مرڻ مري ويو، پر هن جي دماغ مان انگريز دور حڪومت جي عدل انصاف جي مڳي نه نڪتي.
پر اڄ مان سوچيان ٿو غلط هو به نه هو. جي ڪالهه اسين انگريزن جا غلام هئاسين ته اڄ ڪهڙو آزاد آهيون؟ ڪالهه جيڪڏهن انگريز اسانجا وسيلا ڦري لٽي، انگلستان کڻي ٿي ويو ته اڄ اسانجا وسيلا ڪهڙا اسانجي هٿ ۾ آهن ۽ اسان لاءِ استعمال ٿين ٿا؟ انگريزن به حق گهرڻ تي ماريو ٿي ته اڄ به پنهنجا جائز حق گهرڻ تي غدار ڪوٺيو وڃي ٿو. انگريزن جي دور ۾ جي امن امان نه هو ته هاڻي به شريف ماڻهو جو جيئڻ جنجال آهي.
گهٽ ۾ گهٽ اُن زماني ۾ هڪ سوچ هئي ته انگريز ڌاريو آهي، اُن خلاف وڙهي آزادي وٺبي، پر هاڻي ته اسان تي جبر ڪندڙ به اسان جو پنهنجو آهي ۽ اسانجو عام ۽ سادو ماڻهو اِها ڳالهه سمجهي ئي نٿو ته اسانجو ٻيو ڪو ڌاريو دشمن نه پر اسانجو پنهنجو ماڻهو ئي اسانجو دشمن آهي.
سچ ٿو چوين اُستاد! انگريز سامراج کان آزادي ماڻي اسان حاصل ڪجهه به نه ڪيو آهي، پر گهڻو ڪجهه وڃايو آهي.
***
هڪ مشهور چوڻي آهي ته: “جيڪڏهن دولت وئي ته ڄڻ ڪجهه نه ويو. صحت وئي ته ڪجهه نه ڪجهه ويو. پر جي ڪردار تباهه ٿيو ته سڀ ڪجهه تباهه ٿيو”
منهنجي خيال ۾ اهو نجي نقصان آهي جيڪو هڪ فرد برداشت ڪري ٿو. پر جيڪڏهن سماجي قدر (Values) تباهه ٿي وڃن ته پوءِ سماج ڇا تي ترقي ڪندو ۽ ڪيئن محفوظ رهندو؟ تنهن ڪري قدرن (Values) کي تباهه ٿيڻ کان بچايو، جو اُهي عمارت جي ٿنڀن مثل آهن ۽ عمارت جو ٿنڀن کان سواءِ اُڀو ٿيڻ ناممڪن آهي.
***
هن ڪائنات ۾ مادو پهرين پيدا ٿيو ۽ پوءِ اُن مان خيال پيدا ٿيا. اُن جي باوجود به خيال مادي تي برتري رکن ٿا. اُهي نه صرف مادي کي پنهنجي مرضي سان هلائن (Command) ٿا ۽ اُن ۾ تبديلين جا محرڪ بڻجن ٿا، پر اُن کي سنوارين (Refine) به ٿا.
***
ڪالهه آچر هو ۽ آئون موڪل هئڻ سبب آرامي هئس.
فقط هڪ ماءُ ۽ هڪ عاشق ئي آرام نٿا ڪن ۽ نه ئي موڪل ٿا ڪن. ڇاڪاڻ جو ٻنهي کي محبت ۽ شفقت ڀري دل آهي ۽ توکي ته خبر آهي ته فطرت به ڪڏهن آرام نٿي ڪري ۽ مسلسل ڪم ڪندي رهي ٿي.
تو هڪ ڀيرو مون کان پڇيو هو ته پيار ڇا آهي؟ آئون سمجهان ٿو ته توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي چڪو هوندو.
***
آئون جنهن دوست سان بائيڪ تي. ڊيوٽي تي ويندو آهيان، اُن کان سدائين بائيڪ وچ رستي تي بند ٿي ويندي آهي ۽ اسين چوطرف گاڏين جي گهيري ۾ اچي ويندا آهيون. اهڙي صورتحال تي آئون کيس چوندو آهيان ته: “جي تون مرڻ چاهين ٿو ۽ گڏوگڏ مون کي به مارڻ چاهين ٿو ته مهرباني ڪري بائيڪ کي ڪنهن اهڙي گاڏي سان ٽڪرائجان جنهن کي ڪو خوبصورت چهرو هلائي رهيو هجي، نه ڪه ڪو ڊگهي ڏاڙهي وارو پنڊو. ڇاڪاڻ ته مون جڏهن هن دنيا ۾ اکيون کوليون ته، مون سڀ کان پهرين پنهنجي خوبصورت امڙ ۽ پراسرار فطرت کي پسيو ۽ آئون چاهيان ٿو ته جڏهن آئون هميشه لاءِ سڪون ماڻڻ لاءِ موت جي آغوش ۾ وڃڻ لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪريان، ته اُن کان اڳ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خوبصورت ۽ دلربا چهرو پسان.”
***
تون جيڪڏهن هڪ کان مٿي عورتن سان شادي ٿو ڪرين ته اُن کي ڌرمي، اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي عين مطابق ٿو سمجهين، پر جي عورت هڪ کان مٿي مردن سان تعلق ۾ اچي ٿي ته اُن کي رنڊي ٿو ڪوٺين. تنهنجي نگري جو قانون پاڻ لاءِ هڪڙو ته وري ڪمزورن لاءِ ٻيو آهي.