ملڪ جا قرض جي ڊي پي جو 80 سيڪڙو ٿي ويا: گورنر اسٽيٽ بينڪ
ڪراچي ۾ هڪ سيمينار ۾ خطاب ڪندي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر چيو ته پاڪستان ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالياتي خساري جهڙن ٻن اهم مسئلن کي منهن ڏيندو رهيو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ماهوار ٻه ارب ڊالرن جو خسارو نه رهيو آهي. جڏهن ته 2014 کان 2017 تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻه ارب ڊالر جي رڪارڊ سطح تائين پهچي ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معيشيت کي ٻيون وڏو مسئلو مالياتي خساري جو آهي. وڌندڙ مالياتي خساري سبب پرڏيهي ناڻي جا ذخيره به ڪرندا رهيا آهن.

