ايم ڪيو ايم هاڻ روڊن تي نه حڪومت مان ئي ٻاهر نڪرندي: مرتضيٰ وهاب جي تنقيد
سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي حڪومت مان ناراضگي جي اعلان تي طنز جا تير وسائيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هاڻ روڊن تي نه پر حڪومت مان ئي ٻاهر نڪرندي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان روڊ تي اچڻ جون ڳالهيون ڪيون آهن، پر حڪومت مان نڪرڻ کانسواءِ روڊن تي نڪرڻ جي ڪابه اهميت ناهي هوندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم لالي پاپ ڏيڻ بند ڪري ۽ پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته صوبي جي عوام سان گڏ آهي يا نه. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو هو ته روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي بچيو. حڪومت ۾ رهي احتجاج جو آپشن استعمال نٿو ٿي سگهي. حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو به آپشن آهي.

