خاصنئون

 تيل جي کوهه تي ٿيل حملي بعد سعودي عرب جو رد عمل اچي ويو

سعودي عرب ۾ تيل جي کوهه تي ٿيل حملي بعد پهريون دفعو بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز جو رد عمل سامهون آيو آهي. سعودي عرب جي بادشاهه سلمان چيو آهي ته هي حملو رڳو سعودي عرب تي نه پر عالمي معيشيت تي ٿيو آهي. هن حملي ۾ سڄي دنيا کي ٿيندڙ تيل جي رسد کي نشانو بڻايو ويو آهي. سعودي عرب پاڻ مٿان ٿيل بزدلاڻي حملي جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.