ڪرييون: (ٿيبس جي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي) اي ٿيبس جا مظلوم ماڻهون! مون ٻڌو آهي ته باشاهه (ايڊيپس) مون مٿان تمام ڪرِيل ۽ بڇڙا الزام مڙهيا آهن، مان اهڙي قسم جو ماڻهو هرگز ناهيان جو اهڙا الزام برداشت ڪيان.
جيڪڏهن بادشاهه اهو سوچي ٿو ته مون هن جي حڪومت ڪيرائڻ جو سوچيو آهي ته مان اهڙو ذليل الزام کڻي رهڻ پسند نه ڪندس. مون مٿان لڳايل الزام ناهي، پر اهو بادشاهه جو ڄاڻي واڻي ڪم آهي. هي تمام ڳنڀير مسئلو. انهي جو مطلب اهو ٿيو ته مان پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ واسين سان سچو ناهيان.
ڪوراگوز: اسان مڃون ٿا ته بادشاهه سلامت اوهان جي باري ۾ گٿو ۽ نازيبا ڳالهايو آهي، پر اهو عمل بادشاهه سلامت ڄاڻي واڻي نه، پر ڪاوڙ ۾ ڪيو آهي.
ڪرييون: ڇا توهان اهو نه ٻڌو هو ته بادشاهه مون تي اهو الزام مڙهيو هو ته مون ان فقير (ٽائريسياس) کي ورغلايو آهي؟
ڪوراگوز: هُنَ بلڪل به اهو چيو، پر بادشاهه سلامت جو اهو هرگز مقصد نه هو.
ڪرييون: پر تون ته ڏسي رهيو هئين بادشاهه ڪيئن نه منهنجي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو؟ ڇا اوهان واقعي به هن کي نه ڏٺو هو، بادشاهه بلڪل چريو ۽ سنجيده ٿي لڳو.
ڪوراگوز: ڪنهن عظيم شخصيت کي سولائي سان نٿو سمجهي سگهجي، بادشاهه سلامت اوهان تي سنجيده تنقيد هرگز ناهي ڪئي، نه ئي بادشاهه سلامت جي اوهان سان ڪابه ذاتي دشمني آهي. انهيءَ گفتگو جي دوران ايڊيپس اچي ٿو.
ايڊيپس: (ڪرييون ڏانهن مخاطب ٿيندي) تون وحشي قاتَلَ! هتي وري ڇو آيو آهين توکي هرگز هتي نه اچڻ گهرجي ها. تون هڪ بيغيرت انسان آهين ڇا تون اهو سمجهين ٿو ته مان اوهان جي چالاڪين ۽ دوکن کان اڻ واقف آهيان. تون منهنجي خلاف سازش ڪري: مون کي تخت تان هٽائڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي بادشاهه بڻائڻ چاهيندو هئين. مان توکي خدا جو قسم ٿو ڏيان ته ڇا تون: مون کي بزدل ۽ بيوقوف سمجهين ٿو جو مان توکي اهو ڪم ڪرڻ ڏيندس. مان ته اهوئي چوندس ته ڪرييون تون وڏو بيوقوف آهين، تون چاهين ٿو ته تون ماڻهن جي مرضي کان سواءِ ڏنڊي جي زور تي بادشاهه ٿيندين، تون نه ئي تخت کٽي سگهين ٿو نه ئي خريد ڪري سگهين ٿو.
ڪرييون: هاڻي مون کي ڳالهائڻ ڏي، توکي جيڪو به چوڻو هو سو تون چئي چڪو آهين، تون منهنجي متعلق ايستائين ڪابه راءِ قائم نٿو ڪري سگهين جيستائين توکي اصل حقيقت جي خبر نٿي پوي.
ايڊيپس: تون بلڪل صحيح چئي رهيو آهين، اصل حقيقت اها آهي ته: مون کي ڪنهن به حقيقت جي خبر ڪونهي، پر مان اهو هرگز به نه پسند ڪندس ته منهنجو ڪميڻو دوست (ڪرييون): مون کي ڪنهن به حقيقت جي باري ۾ آگاهه ڪري.
ڪرييون: مان اوهان کي للڪاريان ٿو.
ايڊيپس: مان به اوهان جي ڪوڙين تهمتن کي للڪاريان ٿو ۽ توکي اجازت آهي جيڪو تون ڪرڻ چاهين.
ڪرييون: جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته تون حقيقت کي نظر انداز ڪري سگهندين ته پوءِ تون غلط آهين.
ايڊيپس: اِنَ جي ڪري ئي ته مان اوهان کي منافق سمجهان ٿو.
ڪرييون: نه، تون بلڪل به بي تڪي ڳالهه ڪري رهيو آهين. تو وٽ ڪو به ثبوت ڪونهي جيئن مون وٽ آهي. ڇا ڪوبه عقل وارو ماڻهو اهي بادشاهه واريون پريشانيون يا ذميواريون کڻندو جيڪو بنا بادشاهه هئڻ جي باوجود به هڪ وڏو مقام رکندو هجي. مان يقين سان چوان ٿو ته مان بادشاهه ٿيڻ وارو ڪٺن ڪم ڪڏهن به نه ڪيان ها. مان بادشاهه وارا اختيار رکڻ کي پسند ڪيان ٿو (جيئن ته مان به هڪ شاهي فرد آهيان)، پر بادشاهه جا ذاتي اختيار نه. ڪوبه عقل وارو ماڻهو منهنجي ڳالهه کي رد نه ڪري سگهندو. هاڻي مون وٽ پنهنجو رستو آهي، پر جيئن ته اوهان بادشاهه آهيو ۽ مون تي هن عوام جا قانون لاڳو ٿين ٿا سو مان اوهان جي اصولن جي فرمانبرداري ڪندس. مان وڌيڪ جي لالچ ڇو ڪندس جيتوڻيڪ مون وٽ سڀ ڪجهه حد کان وڌيڪ آهي ۽ اهو سودو مان ڪيئن ڪندس جنهن ۾: مون کي ماڻهن جون پريشانيون ۽ ذميواريون کڻڻيون پَوَن.ِ مان چريو ناهيان جو هرگز هي عمل ڪيان. بادشاهه هئڻ کان سواءِ به منهنجي هر هنڌ عزت آهين ماڻهو منهنجي ذريعي اوهان کان سهڪار وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته مان ڄاڻان ٿو ته انهن جون گهرجون ڪيئن پوريون ڪجن جيڪي اهي چاهين ٿا.
مان وڌيڪ اهو چوندس ته هڪ شريف ذهن وارو ماڻهو ڪڏهن به غدار نٿو ٿي سگهي. مان انهن کان نفرت ٿو ڪيان، جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ۽ مان انهن سان هرگز لاڳاپو نٿو رکان جيڪي نظم و ضبط جي خلاف آهن. مان جيڪو چوان پيو تون ان جي تصديق ڪرائي سگهين ٿو، تون ڊيلفي جي پيغمبر کان به تصديق ڪرائي سگهين ٿو. باقي رهي ڳالهه ته مون ٽائريسياس سان ملي ڪري اوهان سان غداري ڪئي آهي پوءِ جيڪڏهن اها ڳالهه درست ثابت ٿي ته: مون کي ڀلي موت جي سزا ڏجو ۽ مان اها سزا خوشي سان قبول ڪندس، پر بنا تصديق جي هرگز نه. تون بلڪل به ماڻهن جي باري ۾ غلط راءِ رکين ٿو، پر مون وٽ هڪ سچي دوست جي قدر زندگي کان وڌيڪ آهي، هڪ سٺي دوست سان بنا ڪنهن ڪارڻ جي دوستي هرگز نه ٽوڙڻ گهرجي، پر آهستي آهستي اوهان کي خبر پئجي ويندي، پر هڪ ايماندار ماڻهو کي سمجهڻ ۾ وقت ٿو لڳي، پر بدڪار ماڻهو کي سمجهڻ ۾ دير ناهي لڳندي.
ايڊيپس: ڇا هي ماڻهو وفاداريون مٽائڻ ۾ دير نٿو ڪري ڇو نه مان پنهنجي پاڻ کي هن جي نقصان کان بچايان؟ ڇا توهان چاهيو ٿا ته مان هِنَ کي روڪڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪندي سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيان؟
ايڊيپس: اها سزا نه، پر مان اوهان کي هِنَ غداري جي لاءِ موت جي سزا ڏيندس جيئن پوري دنيا سمجهي ته بادشاهه تي ڪوڙا الزام هڻڻ ڪيڏو سنگين گناهه آهي.
ڪرييون: ڇا تون هيترين صفاين ٻڌڻ جي باوجود به پنهنجي انهيءَ غلط ضد تي اڙيو بيٺو هوندين؟ ڇا تون مون تي اعتبار نه ڪندين؟
ايڊيپس: مان اوهان تي ڪيئن اعتبار ڪري سگهان ٿو؟
ڪرييون: پوءِ ته تون بيوقوف آهين.
ايڊيپس: ڇا پنهنجي پاڻ کي بچائڻ بيوقوفي آهي؟
ڪرييون: بادشاهه سلامتَ!: مون کي انصاف واري اک سان ڏسو.
ايڊيپس: تون سڄو سارو شيطاني سان ڀريو پيو آهين.
ڪرييون: جيڪڏهن تون: مون کي ڪوڙو ثابت نه ڪري سگهيئن ته؟
ايڊيپس: تنھن هوندي به مان بادشاهه رهندس. (ڪير به منهنجي بادشاهت تي سوال نه اٿاري سگهندو ڇاڪاڻ ماڻهن جو يقين آهي ته بادشاهه ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿو ڪري سگهي.)
ڪرييون: جيڪڏهن انهن کي خبر پئجي وئي ته تون هڪ بي رحم ۽ انصاف نه ڪندڙ بادشاهه آهين ته پوءِ توکي ماڻهو بادشاهه واري ڪرسي تي ويهڻ هرگز نه ڏيندا.
ايڊيپس: اي ٿيبس جي عوام! اوهان هن شخص کي هتي اچڻ ڇو ڏنو جيڪو سڀني جي اڳيان بادشاهه جي گستاخي ڪري رهيو آهي.
ڪوراگوز: منهنجا مالڪ! مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪو شخص ايترا قسم ۽ منٿون پيو ڪري ان کي ڪاوڙ سان نه ڏسڻ گهرجي جيتوڻيڪ اوهان وٽ ثبوت به ناهن. مون کي اميد آهي ته اوهان کي خبر آهي ته توهان جي صلاح منهنجي موت يا گهٽ ۾ گهٽ جلاوطني جي نتيجي ۾ ٿي سگهي ٿي؟
ڪوراگوز: نه، منهنجا مالڪ! مان هلِيوس خدا (جنت جو خدا) جو قسم کڻان ٿو ته منهنجو هرگز به اهڙو مقصد ڪونهي، جيڪڏهن مان ايئن چاهيان ته مون کي هڪ بدترين موت اچي، پر دراصل مان ته هن مايوسي جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل رياست جي عوام جي حوالي سان پرِيشان آهيان. منهنجو مقصد اهو هو ته توهان جي ۽ ڪرييون جي دشمني هن رياست کي اڃان گهڻو تباهي ۽ نقصان نه رسائي.
ايڊيپس: پوءِ مان هِنَ کي معاف ڪيان ٿو، جيتوڻيڪ اهو منهنجي موت يا شرمناڪ جلاوطني ۾ ختم ٿي وڃي. مان توهان جي مايوس ڪندڙ حالت کي نظر ۾ رکندي اوهان جي ڳالهه مڃان ٿو، جيتوڻيڪ هن جي قسم جي ڪري نه. ان لاءِ مان سڄي عمر کانئس نفرت ڪندس.
ڪرييون: توهان جي رضامندي توهان جي ڪاوڙ وانگر خراب آهي. توهان جهڙي فطرت رکندڙ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي نقصان رسائيندو آهي.
ايڊيپس: ڇا تون هتان منهنجي اڳيان ٽرندي ڪونه؟
ڪرييون: مان وڃان ٿو. توکي مون متعلق وڏي غلط فهمي ٿي آهي، پر هن شهر جي ماڻهن کي نه. مان پنهنجي هن مظلوم عوام جي نظر ۾ اڃان به هڪ ايماندار شخص آهيان، جيتوڻيڪ اوهان جي نگاهه ۾ نه.
ڪرييون اهو چئي ڪري ٻاهر هليو ٿو وڃي.
ڪوراگوز: راڻي صاحبه! ڇا توهان بادشاهه سلامت کي محل جي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ ناهي چيو؟
ايڊيپس: جوڪاسٽا سڀ کان پهرين: مون کي مسئلي جي جڙ ٻڌاءِ ته ڪرييون ۽ ايڊيپس ڇا تان وڙهيا؟
ڪوراگوز: اهو سڄو مسئلو شڪ ۽ بنا ثبوتن جي بنياد تان وڌي ڪري هڪ تڪرار ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.
جوڪاسٽا: ڇا شڪ شبها ٻنهي ڌرين کان پيدا ٿيا؟
ڪوراگوز: جي، شڪ شبها ٻنهي ڌرين کان پيدا ٿيا.
جوڪاسٽا: پر الزام ڪهڙا هئا ۽ ڇا تي هئا؟
ڪوراگوز: راڻي صاحبه مان چاهيان ٿو ته اوهان ان مسئلي ۾ نه پئو اوهان اڳي به ڀوڳيو آهي.
ڪوراگوز: مان ڪافي دفعا توهان کي چئي چڪو آهيان ته توهان کي هِنَ مصيبت ۾ ڇڏڻ چريائپ هوندي. توهان هن قوم جا هيرو ۽ فخر آهيو توهان هن عوام کي اڳي ئي وڏي طوفان مان ڪڍيو هو ۽ اوهان اڃان به اسان جا سچا اڳواڻ آهيو.
جوڪاسٽا: ايڊيپس! خدا جي واسطي: مون کي ٻڌاءِ ته ڪهڙي شيءِ اوهان کي ايڏي ڪاوڙ ڏياري آهي؟
ايڊيپس: مان ضرور اوهان کي ٻڌائيندس ڇاڪاڻ جو مان اوهان تي سڀ کان وڌيڪ اعتبار ڪريان ٿو. منهنجي پريشاني جو سبب ڪرييون جي دوکيبازي ۽ غداري آهي جنهن جي ڪري مان مسلسل ٺيڪ ناهيان.
جوڪاسٽا: اوهان: مون کي واضح ڪري ٻڌايو. مهرباني ڪري مون کي تفصيل سان آگاهه ڪيو.
ايڊيپس: اوهان جي ڀاءُ ڪرييون مون تي بادشاهه لوئيس جي قتل جو بي بنياد الزام هنيو آهي.
جوڪاسٽا: ڇا هن وٽ ڪي ثبوت آهن؟ يا هو رڳو ماڻهن جي واتان ٻڌل ڳالهين تي يقين ڪري رهيو آهي؟
ايڊيپس: هُنَ پاڻ مون تي الزام ناهِن هنيا، پر هن هڪ لعنتي فقير آندو هو جيڪو اڳڪٿيون ڪندو آهي ۽ هن ان فقير کي منهنجي خلاف ڀڙڪايو هو.
جوڪاسٽا: تون هن مسئلي جي باري ۾ ڀَئو نه ڪر. اهي اڳ ڪٿيون ڪندڙ سدائين ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. ڪوبه مستقبل جي باري ۾ نٿو ڄاڻي ۽ نه وري ڄاڻي سگهي ٿو. مان ان ڳالهه کي ثابت ڪري سگهان ٿي. اپولو جي ديوي اوريڪل هڪ دفعي ٻڌايو هو ته بادشاهه لوئيس پنهنجي پٽ (منهنجي پٽ) جي هٿان قتل ٿيندو. هاڻي تون بادشاهه جي قتل جي اصل حقيقت ڄاڻين ٿو. بادشاهه کي ڌاڙيلن جي ٽولي اتي قتل ڪيو هو جتي ٽي رستا پاڻ ۾ گڏجن ٿا، جتي پهاڙي علائقي ۾ هن پنهنجي ٽن ڏينهن جي معصوم پٽ کي لوهي تار جي ذريعي پيرن ۾ ٻڌي ڪري موت حوالي ڪيو هو، جيڪا تار هن کي کُڙين ۾ ٻڌي وئي هئي. اهڙي طرح بادشاهه کي ٻڌايو ويو هو ته هُو پنهنجي پٽ جي هٿان قتل ٿيندو تنهنڪري بادشاهه اهو قدم کنيو هو، پر بادشاهه کي ڦورن قتل ڪيو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اڳڪٿيون ڪيئن غلط ٿين ٿيون. سو اوهان کي فڪرمند ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. صرف خدا جيڪو چاهي ٿو سو اهو ئي ٿيندو اهو ڇا ٿيندو صرف خدا ئي اهو بهتر ڄاڻي ٿو.
ايڊيپس: مون کي نٿو لڳي ته ان انڌي شخص ٽائريسياس وٽ ڪو مخصوص علم آهي جنهن جي ذريعي هو اڳڪٿيون ڪندو آهي، پر توهان منهنجي سچ ڄاڻڻ ۾ بهترين نموني سان رهنمائي ڪري سگهو ٿا.
جوڪاسٽا: توهان جيڪو سوال پڇندا، مان ضرور اوهان کي ٻڌائيندس، ڀلي توهان جا سوال مون کي خوفزده ڇو نه کڻي ڪن.
ايڊيپس: ڇا بادشاهه سلامت سان هن جا محافظ ساڻ هئا، جيڪي عام طور تي بادشاهه جي اعزاز ۾ هوندا آهن يا صرف ڪجهه ملازم سندس گڏ هئا؟
جوڪاسٽا: بادشاهه سلامت سان صرف پنج ماڻهو گڏ هئا. انهن منجهان هڪ هيرالڊ هو جيڪو بادشاهه جي ٽانگو (گهوڙي گاڏي) هلائي رهيو هو.
ايڊيپس: آھَ، هاڻي مون کي صاف سمجهه ۾ اچي ٿو ته بادشاهه کي ڪنهن ماريو، پر اوهان کي هن مسئلي جي ايڏي وڏي ڄاڻ ڪنهن جي ذريعي ۽ ڪٿان ملي؟
جوڪاسٽا: اسان جي گهر جو نوڪر، جيڪو بادشاهه سان گڏ هو جيڪو چوريءَ ۽ ڪنهن ٽَلَ سَلَ سان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ اسان وٽ صحيح سلامت پهتو هو.
جوڪاسٽا: نه، جيڏي مهل اهو ملازم هتي موٽي آيو هو ۽ توهان کي بادشاهه جي ڪرسي تي ڏسي مون کي عرض ڪيائين ته مهرباني ڪري مون کي هتان جلدي ڪڍو ۽ اترئين طرف وڃڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ چيائين: مون کي جيترو هتان پري موڪليندئو اها اوهان جي مهرباني ٿيندي ۽ پوءِ هُو اتي آهي جتي صرف ڌنار ئي رهن ٿا. مون کي آخرڪار هن جي التجا قبول ڪرڻي پئي جيتوڻيڪ هو منهنجو غلام هو.
ايڊيپس: ڇا انهيءَ ڌنار کي جلدي گهرائي سگهجي ٿو.
جوڪاسٽا: جي هُنَ کي آساني سان گهرائي سگهجي ٿو.
ايڊيپس: مان پاڻ مٿان حد کان وڌيڪ ذميواريون وجهي ڇڏيون آهن سي به بغير ضروري معلومات وٺڻ جي سو تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته مون کي هن سان ضرور صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي.
جوڪاسٽا: پوءِ ته مان هن کي ضرور گهرائيندس، پر ڇا توهان: مون کي پنهنجي راز يا انهيءَ خوف جو ڪارڻ نه ٻڌائيندين؟ ڇا تون: مون کي پنهنجو همسفر نٿو سمجهين؟
ايڊيپس: توهان جو بلڪل منهنجي هر شيءِ تي حق آهي. توهان کي: مون کان ڪير به نٿو کسِي سگهي ٿو خاص ڪري هنن حالتن ۾ جڏهن منهنجو خوف برداشت کان ٻاهر آهي. اوهان کان وڌيڪ پيارو ۽ منهنجي ويجهو ڪير به ناهي جنهن سان مان ڳالهائي سگهان ٿو. ڪورِنٿ جو بادشاهه پوليبس منهنجو پيءُ آهي ۽ ان جي شهزادِي ميروپي منهنجي ماءُ آهي. انهن ٻنهي منهنجي پرورش ۽ پالنا ڪئي جتي: مون کي انتهائي پيار سان رکيو ويو، پر اتي هڪ واقعي سڀني شَيُن کي تبديل ڪري ڇڏيو. اتي ڪورِنٿ محل ۾ هڪ پارٽي هلِي رهي هئي جنهن ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه جا خاص مهمان آيل هئا. اتي هڪ شرابي جيڪو نشي ۾ ٽن ٿيل هو، تنهن اتي چيو مان پنهنجي پيءُ جو پٽ ناهيان (يعني ميروپيءُ ۽ پوليبس جو). منهنجي دل ڪاوڙ وچان ٻڏي وئي، پر مون پاڻ کي سنڀالي ورتو. پر ٻي ڏينهن مان پنهنجي والدين کان انهيءَ شرابي جي لڳايل الزام متعلق پڇيو، اهي ڊڄي ويا ۽ هنن چيو ته اهو بيوقوف ۽ موالي ماڻهو آهي هن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌر، مان انهي گهڙِي ته مطمئن ٿي ويس، پر شڪ منهنجي دل ۾ ويهي چڪو هو. ماڻهو منهنجي باري ۾ مسلسل ڳالهائي رهيا هئا، مون کي رتِي برابر به سڪون نه هو پوءِ آخرڪار مان پنهنجي والدين کي بنا ٻڌائڻ جي ڊِيلفي ڏانهن روانو ٿي ويس. خدا منهنجي سوالن کي ڪجهه گهڙِي لاءِ ٽاري ڇڏيو ۽ ڪجهه ٻيا خيال ذهن ۾ اڀرڻ لڳا. ڪجهه هن جا لفظ واضح هئا جيتوڻيڪ اهي تمام گندا ۽ تڪليف ڏيندڙ هئا جنهن موجب مان پنهنجي ماءُ سان زنا ڪندس ۽ ان مان ٻار ٿيندا ۽ پر مان پنهنجي پيءُ کي قتل ڪندس، مان اهي خيال سوچي رهيو هئس ۽ اتان تڪڙو تڪڙو نڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ انهيءَ مسئلي کانپوءِ مان ڪڏهن به ڪورِنٿ نه ويس. انهيءَ واقعي منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي جو مان ڪورِنٿ کان ڪافي پري ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ رلندو رهيس ۽ مان زمين جي هڪ محفوظ ٽڪري جي سوچ ۾ هئس جتي مان انهي شيطاني سوچ کان بچي سگهان جنهن جي باري ۾ اوريڪل ٻڌايو هو پوءِ ڀٽڪندو اچي مان هِنَ شهر ۾ پهتس جتي اوهان: مون کي ٻڌايو ته بادشاهه لوئيس جو قتل ٿي ويو آهي. مان اوهان کي سڀ ٻڌايان ٿو ته ان ٽن رستن واري چوڪ تي ڇا ٿيو هو، جنهن وقت مان ڪورِنٿ مان موٽي رهيو هئس. مان انهي رستي کان گذري رهيو هئس جتي هيرالڊ نامي شخص جيڪو منهنجي ڀرسان ٽانگو ڪاهي پي ويو جنهن ۾ هڪ شخص ويٺو هو. پوءِ انهيءَ ٽانگي ۾ ويٺل شخص هيرالڊ کي حڪم ڏنو ته: مون کي رستي تان زبردستي پري ڪري، پر جيئن ئي اهو شخص مون ڏانهن وڌيو مون ان کي تمام تيز ڌڪ هنيو. پوءِ اهو پوڙهو شخص مون ڏانهن وڌيو ۽: مون کي ٻن منهن وارنِ لٺ سان تيز ڌڪ هنيو، مان انهيءَ گهڙيِ هُنَ کي پنهنجو ڏنڊو هنيو ۽ ان وقت مان تمام ڪاوڙ ۽ پريشاني ۾ هئس پوءِ مون انهي پوڙهي شخص (لوئيس) کي ٽانگي تان ڇڪي هيٺ ڪيرِايو. انهيءَ پوڙهي جي ٿڏي تي ئي موت ٿي ويو. ان کان پوءِ مون سڀني کي ماريو جيڪي اتي موجود هئا. جيڪڏهن اهو اجنبي شخص ۽ بادشاهه لوئيس پاڻ ۾ پيءُ پٽ هئا ته ڇا پوءِ مان دنيا جو بدترين ۽ بدقسمت انسان ناهيان؟ اهو شخص دنيا ۾ سڀني خدائن جي نطر ۾ حقارت جي لائق آهي. هاڻي: مون سان ڪير به نه ڳالهائيندو نه ئي: مون کي بچائي سگهندو، چاهي هن شهر جو شهرِي هجي يا کڻي ڪو ڌاريو انسان هجي. سڀ ماڻهو :مون کان لنوائيندا. مان خود ئي آهيان جنهن پنهنجي پاڻ کي سزا ۾ وڌو آهي، هن هٿن سان مون اوهان سان پيار ڪيو جيڪي تنهنجي مڙس ۽ منهنجي پيءُ جي قتل سان لال آهن. ڪيترو نه سنگين گناهه مون ڪيو آهي. مون کي هن گناهه جي سزا ضرور ملڻ گهرجي. مون کي هينئر جو هينئر ٿيبس مان وڃڻ گهرجي، پر مان ته هاڻي ڪورِنٿ به نٿو وڃي سگهان ڇاڪاڻ ته مون کي اهو خوف آهي ته مون پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري ۽ پنهنجي ماءُ سان شادي ڪئي آهي. او منهنجا خدا اي جنت جا مالڪ! مون کي هن ڪبيري گناھ کان بچاءُ منهنجو الائي ڇا ٿيندو مون ڪيڏو نه ڀيانڪ گناهه ڪيو آهي.
ڪوراگوز: اسان پاڻ مشڪلات ۾ آهيون، پر اڃا به اميد جو دامن نٿو ڇڏي سگهجي ۽ ان ڌنار گواهه جو انتظار ڪرڻ کپي.
ايڊيپس: بلڪل اهائي حقيقت آهي.
جوڪاسٽا: توهان ان ڌنار مان ڪهڙي اميد رکو ٿا، ڇا اها خبر تنهنجي حق ۾ هوندي؟
ايڊيپس: اوهان چيو هو ته ڌنار اوهان کي ٻڌايو هو ته بادشاهه کي ڪنهن هڪ شخص نه پر هڪ ٽولي قتل ڪيو هو. جيڪڏهن ڌنار چئي ٿو ته بادشاهه کي هڪ ٽولي قتل ڪيو هو ته پوءِ مان آزاد آهيان ڇاڪاڻ مان جنهن وقت انهن ٽانگي واري ماڻهن سان وِڙهيو هئس ته ان گهڙِي ڪير به مون سان گڏ نه هو، پر جيڪڏهن ڌنار چئي ٿو ته بادشاهه کي ڪنهن اڪيلي ماڻهو قتل ڪيو هو ته پوءِ اهو مان هوندس، پوءِ مطلب سڀ ڪجهه منهنجي خلاف ويندو.
جوڪاسٽا: وري به ٻيهر مون کي پڪ ڪرڻ ڏيو ڇاڪاڻ ته هن چيو هو ته بادشاهه جو خون گهڻن ماڻهن جي هٿان ٿيو هو. مون کي لڳي ٿو ته ڌنار پنهنجو ڏنل بيان هرگز نه مٽائيندو. هن جو بيان پوري شهر ٻُڌو هو، پر جيڪڏهن هو پنهنجي بيان ۾ ڦير گهير ڪري ٿو ته پوءِ به اوريڪل واري ڳالهه سچي ڪونه ٿيندي (اوريڪل چيو هو ته ايڊيپس پنهنجي پيءُ کي قتل ڪندو ۽ پنهنجي ماءُ سان شادي ڪندو) ڇاڪاڻ جو اسان جو معصوم پٽ ننڍي هوندي ئي مري ويو هو، هاڻي انهيءَ مسئلي کانپوءِ مان هاڻي اوريڪل جي ڳالهه کي سنجيده نٿي سمجهان.
ايڊيپس: اوهان پنهنجي ڳالهه ۾ صحيح ٿي سگهو ٿا، پر هاڻي ڪنهن کي به جلدي ڪري موڪليو ته جيئن ڌنار کي جلد کان جلد هتي آڻي سگهي. هن مسئلي کي جيترو جلدي حل ڪجي ته ايترو بهتر ٿيندو، منهنجو هن مسئلي ۾ ساهه ٿو وڃي.
جوڪاسٽا: مان هن ڌنار لاءِ ڪنهن کي موڪليان ٿي. مان هن معاملي ۾ اوهان کي ذرو به پريشان نٿي ڏسي سگهان، اچو ته ڪمري ڏانهن هلون.