سنڌ ۾ سنڌو نديءَ تي اڏيل بئراج مهر فقير
بئراج پاڻي ناهين پاء بند نه ايئن جوڙاء
سهڻي منهنجي سنڌ ڦڙي لاءِ نه سڪاءُ
پاڻي آهي زندگي زندگي تي ڪهل کاءُ
وئي سڪي سنڌڙي نظر تون ڊوڙاءِ
اتر لاڙ ٿر ڪاڇو پاڻيءَ بنا هن پاهه
فقير جو ساهه پاڻي گهرجي پوڇڙ تائين
– (مهر فقير)
بئراج مطلب ڪنهن نهر يا درياهه جي وهڪري کي ڪنهن مناسب هنڌ تي ٻڌي يا دروازا وجهي پاڻيءَ جو وهڪرو موڙي ۽ منظم طريقي سان شاخن يا واهن ذريعي زرعي مقصدن خاطر ۽ ڪڏهن وري جهاز رانيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. چوماسي جي ڏينهن ۾ عام طور تي درياهن جا دروازا کولي ڇڏيندا آهن ته جيئن بئراج محفوظ رهي. ڇو ته دروازن جي بند هجڻ ۽ پاڻي جي دٻاءُ سبب بئراجن کي خطرا لاحق هوندا آهن. سنڌ ۾ تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ به برساتي ندين جي پاڻيءَ جو رخ موڙي آبادي ڪئي ويندي هئي، سو هتي اهڙا لڳ ڀڳ 80 قديم بند کير ٿر ۾ لڌا ويا آهن جيڪي 4500 کان 5000 هزار سال پراڻا آهن. ڇو ته هوا وانگر پاڻي به انسانن جي زندگيءَ لاءِ نهايت ئي اهم جز آهي. تڏهن ئي ته پاڻيءَ کي زندگيWATER IS LIFE چيو ويندو آهي سو جيڪي قومون پاڻيءَ جو قدر نه ڪنديون آهن، سي قومون سدائين ڏڪار جي حالت ۾ گذارينديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سڌريل ملڪن منجھ پاڻيءَ کي استعمال خاطر وڏن وڏن ڊيمن جي صورت ۾ جمع ڪيو ويندو آهي ته جيئن وقت سر زراعت يا پيئڻ خاطر ڪتب آڻي سگهجي ٻيو ته جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي آهي اتي ٻيلن جو به فقدان ٿيندو آهي، وڻڪاري نه هجڻ سبب آڪسيجن جي کوٽ ۽ گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو آهي ايئن اتي ڪاٺ جي قلت سان گڏ ماکيءَ جو ملڻ به مشڪل ۽ محال ٿي پوندو آهي ۽ اهي سڀ شيون انسان ذات جي جياپي خاطر نهايت ئي اهم ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ شيون آهن. ٻيو ته جتي پاڻي نه هوندو آهي اتي چوپايو مال به نه هوندو آهي ۽ اتي خالص کير جي به ڪمي محسوس ٿيندي آهي. ڇو ته کير منجهان مالوند ماڻهو ڌونئرو لسي مکڻ حاصل ڪري نهايت ئي خالص ۽ حقيقي زندگي گهاريندا آهن.
مهر فقير جو سچ:
سچ اهو آهي ته سنڌو سڪل هجي ته محبوبن جا ٽهڪ به مزو ناهن ڏيندا حسينن جو حسن به ڪلر ڀاسندو آهي.
سنڌ ۾ سنڌو درياهه تي انگريزن جي طرفان جوڙيل يا تعمير ٿيل آبي سرشتو جيڪو پوري سنڌ کي سيراب ڪري ٿو سو نهايت ئي لاجواب آهي. سچ ته اهو انگريزن جي طرفان سنڌ ۽ سنڌي قوم تي هڪ وڏو ۽ عظيم احسان آهي، پر افسوس جو ورهاڱي بعد ان ورثي کي سنڌي سنڀالي نه سگهيا، پر ويتر ئي تباهه ڪري پنهنجي بربادي جو سامان ڪٺو ڪندا رهيا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌي قوم درياهه جي هوندي به پاڻي پاڻي ۽ ڪربلا ڪربلا پئي ڪري، افسوس ڪجي يا ماتم ڪجي، پر جي اهو سلسلو ايئن ئي رهيو ۽ هتان جا حاڪم مسلسل ڪن لاٽار ڪندا رهيا ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ 64 ۽ 66 دروازن کان هيٺ پاڻي اچڻ بند ٿي ويندو. جڏهن ته 44 دروازن کان هيٺ درياهه جو پيٽ ٿر وانگيان پيو ڀاسجي سواءِ سيلاب وارن ڏينهن جي.
سنڌو درياهه تي ڪشمور کان ويندي پوڇڙ تائين هونئن ته شهري رابطن خاطر ڪافي پليون ٺهيل آهن. جهڙوڪ: لئنسڊائون پل (ايوب پل) هي روهڙي ۽ سکر ريلوي لائين کي ملائڻ لاءِ درياهه تي ٺهيل آهي لئنسڊائون پل جهوني ٿي ته هڪ ٻي پل جي ضرورت محسوس ٿي انهيءَ نئين پل جو نالو ايوب پل (1962ع) رکيو ويو جنهن جي ڊزائين ڊي بي اسٽينمئن نالي هڪ ڪمپنيءَ ٺاهي هئي هيءَ ڊزائين بلڪل اهڙي آهي جهڙي هڪ سئو سال اڳ لئنسڊائون پل ٺاهڻ وقت ويچار هيٺ آئي هئي، تنهن وقت ۾ اها ڊزائين ان ڪري منظور نه ڪئي وئي جو ان ۾ ٻه طرفي ريلوي جي اچ وڃ جو انتظام هو. جڏهن ته ضرورت هڪ پٽڙيءَ جي هئي ايوب پل جو مٿيون حصو ڪمان (اڌ گول) جهڙو آهي جنهن ۾ فولادي رسا آهن جيڪي پل جو وزن کڻي بيهن ٿا هن پل جو ڪم 26 نومبر 1959ع تي شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع تي ختم ٿيو هن پل جي اڏاوت تي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ رپيا خرچ آيو. سکر پل، لاڙڪاڻو خيرپور پل، دادو مورو پل، قاضي احمد آمري يا سن پل ڄامشورو حيدرآباد پل، ڪوٽڙي پل، جهرڪ ٽنڊو محمد خان جناح پل (جناح پل جو نالو ان ڪري جو پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم جهرڪ شهر ۾ ٿيو هو) ٺٽو سجاول پل (شهيد دولھ دريا خان جي نالي سان منسوب ٿيل آهي)، پر انهن پلين کان وڌيڪ اهميت جا حامل آهن درياهه بادشاهه جي مٿان اڏيل بئراج جهڙوڪ: ڪشمور ۾ گڊو بئراج سکر ۾ سکر بئراج ۽ ڄامشوري ۾ غلام محمد بئراج.
01 گڊو بئراج:
هي بئراج بنام گڊو بئراج ڪشمور وٽ گڊوءَ جي مقام تي واقع هڪ نهايت ئي بهترين بئراج آهي جيڪا 1957ع کان 1962ع جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو انهيءَ منجھ 12 لک ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. جڏهن ته هن بئراج ۾ 60 فوٽ ويڪرا 64 گيٽ يا دروازا آهن ۽ 2.9 ملين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ کان سواءِ گڊو بئراج پاور (بجلي) پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪم آندو ويو آهي. هتان هڪ رستو گهوٽڪي ميرپورماٿيلو ۽ پنجاب طرف وڃي ٿو.
گڊو بئراج مان 03 خاص ڪئنال ڪڍيا ويا آهن جن منجهان (1) ساڄي پاسي گهوٽڪي فيڊر. (2) کاٻي پاسي بيگاري سنڌ فيڊر. (3) ڊيزٽ فيڊر آهن.
02 سکر بئراج:
سکر جو لائيڊ بئراج دنيا جي وڏن بئراجن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو بئراج به دنيا جي معيار موجب آبپاشيءَ جو وڏو نظام فراهم ڪري ٿو انهيءَ بئراج جو ڪم 1923ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1932ع ۾ پورو ٿيو. بمبئيءَ جي گورنر لائيڊ جي نالي سان منسوب انهيءَ بئراج کي ميٽوڙي رنگ جي پٿر ۽ فولاد سان ٺاهيو ويو آهي. سکر بئراج جي ڊيگھ 4725 فوٽ آهي هن بئراج جا ڪل 66 دروازا آهن. هر دروازو 22 وال ڊگهو آهي، هي سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان 60 فوٽ ڊگهيSPAN تي تعمير ڪيل آهي. سکر بئراج جي تعمير بعد پاڻيءَ جي ورهاست جو نظام ۽ زرعي انقلاب آيو انهيءَ مان سنڌ جا اڪثر ضلعا جهڙوڪ: شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، قمبر شهدادڪوٽ وغيره ذرخيز ٿين ٿا ۽ هي بئراج سيلابي وهڪرن کي پڻ برداشت ڪري ٿو. سنڌو درياهه جو خوبصورت نظارو به سکر بئراج وٽان ڏسجي ٿو. درياهه جي ڪناري تي لب مهراڻ نالي پارڪ پڻ ٺاهيو ويو آهي جيڪو نهايت ئي سهڻو من موهيندڙ آهي جتان درياهه بادشاهه کي ساڌ ٻيلي ۽ لئنسڊائون پل جو نظارو ڪري سگهجي ٿو.
لائيڊ بئراج به سکر بئراج جو نالو آهي اٽڪل 85 لک ايڪڙ ايراضي زراعت لاءِ پاڻي فراهم ڪري ٿو جنهن مان ڪل 7 وڏا واهه نڪرن ٿا جن مان 4 درياهه جي کاٻي پاسي وارن ضلعن سکر، خيرپور، نوابشاهه، نوشهروفيروز، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، بدين، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص کي سيراب ڪن ٿا ۽ باقي 3 درياهه جي ساڄي پاسي وارن ضلعن لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو ۽ صوبي بلوچستان کي سيراب ڪن ٿا.
سکر بئراج مان ست ڪئنال ڪڍيا ويا جن مان درياهه جي ساڄي طرف چار واهه ۽ کاٻي طرف يا پاسي ٽي واهه ڪڍيا ويا، جن مان کاٻي طرف نڪرندڙ (1) نارا ڪئنال (2) روهڙي ڪئنال (3) خيرپور فيڊر ويسٽ.
ساڄي پاسي نڪتل ڪئنالن يا واهن ۾: رائيس ڪئنال (الهندو نارو).
اصل ۾ هيءُ درياهي ڦاٽ آهي جيڪو سنڌو درياهه جي اُلهندي طرف کان وهندو هو سکر بئراج جي ٺهڻ کانپوءِ انهيءَ کي رائيس ڪئنال جي نالي سان سڏيو ويو، ليڪن عام ماڻهو اڄ به هن کي نارو ئي چوندا آهن. هن ناري کي رائيس ڪئنال جو نالو ان ڪري ڏنو ويو جو لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ هن ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان سارين مطلب چانورن جي پوک ڪئي ويندي آهي.
هن الهندي ناري سان گڏ سکر بئراج مان ٻه واهه ٻيا به نڪرن ٿا، جهڙوڪ ساڄي پاسي کان کيرٿر ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان دادو ڪئنال اچن ٿا، جيڪي ٽئي واهه سکر بئراج مان نڪري گڏ هلن ٿا جيڪي اڳوڻي سکر ضلعي ۽ هاڻوڪي شڪارپور ضلعي جي مدئجي ڳوٺ وٽان هڪٻئي کان پري ٿي جدا جدا علائقن ۾ وڃن ٿا. کير ٿر ڪئنال مدئجي واري علائقي مان کير ٿر جبل ڏانهن رُخ ڪري ٿو ۽ دادو ڪئنال مدئجي واري علائقي وٽان جدا ٿي لاڙڪاڻي ضلعي جي اوڀر ۾ هڪ ميل جي پنڌ تي عاقل ڳوٺ کان ٿيندو دادو شهر ۽ سيتا روڊ شهر طرف وڃي ٿو، باقي الهندو نارو (يعني رائيس ڪئنال) مدئجيءَ واري علائقي کان سڌو رخ رکي ٿو جيڪو نئين ديري شهر جي اولھ ۾ هڪ ٻن فرلانگن جي فاصلي تان هلندو لاڙڪاڻي شهر جي اولھ ۾ لاڙڪاڻي شهر مان گڏ وهندو وڃي ضلعي جي مختلف شهرن جهڙوڪ باڊهه ۽ ميهڙ وٽان ٿيندو دادو ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ٿرڙي محبت ٻٽ سرائيءَ ۽ ٻيٽي جتوئيءَ وارن ڳوٺن کي سيراب ڪندو وڃي جنگلاڻي ڳوٺ کان هيٺ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
کير ٿر ڪئنال:
جيڪو بلوچستان کي پاڻي پهچائي ٿو، ان جي آر ڊي 102 وٽان وري سيف الله مگسي واهه ڪڍيو ويو آهي جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي حصي جو پاڻي الڳ ڪري وهائي ٿو.
03 غلام محمد بئراج:
هي بئراج غلام محمد بئراج جي نالي سان ڄامشوري وٽ آهي (هن بئراج جي پيڙهه جو پٿر 12 فيبروري 1950ع ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل الحاج خواجا ناظم الدين رکيو. جڏهن ته بئراج جو افتتاح ان وقت جي پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد ڪيو. جڏهن ته ان وقت سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي پنهنجي ڪابينا جي روينيو واري وزير ۽ سنڌ جي ناليواري ليکڪ پير علي محمد راشدي جي تجويز تي گورنر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج جو نالو غلام محمد رکڻ جي تجويز ڏني ۽ اوچتو آجياڻي تقرير ۾ اها گذارش شامل ڪئي وئي، جنهن تجويز کي پاڪستان جي گورنر غلام محمد قبول ڪيو ۽ هن پاڻ بئراج جو سرڪاري نالو غلام محمد بئراج رکيو، جيڪا 1955ع ۾ تيار ٿي هي بئراج 3000 فوٽ ڊگهو آهي. هتي جي المنظر هوٽل نهايت ئي مشهور ۽ سير و تفريح جي لحاظ کان هڪ موزون جڳھ آهي. جڏهن ته ڄامشورو جو پلو به ڏيهان ڏيھ مشهور آهي ٻيو ته مقامي ملاحن جو گذر ئي درياهه بادشاهه جي وهڪري ۽ لهرن تي آهي.
هن بئراج جا ڪل 44 دروازا آهن جڏهن ته 02 فش گيٽ ۽ هڪ انٽري گيٽ شامل آهن. بئراج جي هرهڪ گيٽ جي ويڪر 60 فوٽ ۽ اوچائي 35 فوٽ آهي، جن جي ذريعي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو. هن بئراج وٽان 04 ڪئنال نڪتل آهن جن مان درياهه جي ساڄي پاسي ڪلري بگهاڙ فيڊر، کاٻي پاسي پراڻي ڦليلي ۽ نئين ڦليلي، اڪرم واهه شامل آهن. اهي چار ئي واهه ڪراچي، ٺٽي، ڄامشورو، حيدرآباد، بدين، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۽ آبادين کي پيئڻ ۽ 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين جي آبادي لاءِ پاڻي فراهم ڪن ٿا.
منهنجي جيون جي بس اها ئي ڪهاڻي
هن پيتو زم زم مون سنڌوءَ جو پاڻي- (مهر فقير)
آخر ۾ بس ايترو چوندس ته خدارا درياهه جي سنڀال ڪريو ڇو ته اهو درياهه اوهان جي نسلن ۽ فصلن جي بقا جو ضامن آهي.

