بلاگ

پاڪستان وٽ جو بائيڊن انتظاميه سان انگيج ڪرڻ ۽ سوچ ويچار ۽ هوم ورڪ جو وقت آهي ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ

آمريڪي اليڪشن جي نتيجن بابت نيٺ آمريڪي ميڊيا نتيجا ظاهر ڪيا. آمريڪا ۾ ٽرمپ جو عهد ختم ٿيو ۽ جو بائيڊن آمريڪا جو نئون صدر چونڊجي ويو. جيئن ته صدر ٽرمپ ضد ۾ آهي ته وائٽ هائوس ايترو آسانيءَ سان نه ڇڏيندو. جنهن لاءِ تازو ئي صدر ٽرمپ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن 15 جنوري 2021 تائين افغانستان مان پنهنجي فوج واپس ڪرڻ لاءِ به حڪم جاري ڪيو آهي. بهرحال روايتن موجب ايئن ٿيندو آهي ته متوقع صدر جو عالمي رهنمائن سان رابطو ان وقت تائين ڪونه ٿيندو آهي جيستائين مخالف هار نه مڃين يا اليڪشن جا حتمي نتيجا نه اچن. هاڻي ته نتيجا به اچي ويا آهن ۽ ٽرمپ پاران نتيجن کي چئلينج ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. بهرحال جو بائيڊن جي فتح سان آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي جا اثر پوري دنيا تي پوندا ڇو جو، جو بائيڊن آمريڪي پرڏيهي پاليسي کي ٽرمپ بنسبت وڌيڪ ڄاڻي ٿو. آمريڪا اها طاقت آهي جنهن جي پاليسي جا سڌا اثر پوري دنيا تي پوندا آهن. ٻئي پهلو سان نظر وڌي وڃي ته پاڪستان معاشي، سياسي ۽ تحفظ جي حوالي سان متاثر ٿيندو رهيو آهي. پاڪستان کي آمريڪي اليڪشن ۾ دلچسپي ان لاءِ به آهي ته جو بائيڊن پاڪستان لاءِ ڇا ڪندو.

سڀ کان پهرين ڳالهه آهي مسئلن بابت ڄاڻ جي. اڌ صديءَ کان آمريڪي سياست جي متحرڪ ڪردار جو بائيڊن 80 جي ڏهاڪي کان 2016ع تائين ان خطي ۾ آمريڪي سياست جو حصو رهيو آهي. ڪيري لوگر بل جي شروعات کان مشرف حڪومت جي خاتمي تائين. صدر زرداري کان وٺي نواز شريف جي استقبال تائين ان کان پاڪستان جا اندروني معاملا لڪل ناهن. انهيءَ ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن پاڪستان جون حالتون زير غور اچن ته بائيڊن جو جهڪاءُ جمهوري قوتن طرف هوندو. آمريڪي پاليسي البته اندروني معاملن کانسواءِ خطي جي حالتن تي وڌيڪ منحصر هوندي آهي. ڇا جو بائيڊن به صدر ٽرمپ وانگر چين سان لفظي جنگ ۾ ته نه الجهندو. آمريڪي اولڊ اسڪول ڊپلوميسي موجب آمريڪا کي پاڪستان آهستي آهستي چيني ڪيمپ کان مغربي ڪيمپ تائين مائل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو، پر اتي امتحان اسان جي ڊپلوميسي تي هوندو ته اسين ڪهڙي طرح سان ٻنهي کي ناراض ڪرڻ بغير توازن کي برقرار رکي سگهون.

آمريڪا جي چين جي پاليسي جو سڌو سنئون اثر ڀارت سان دفاعي تعلقاتن خطي جي امن حوالي سان هوندو. مودي حڪومت چين سان جارحاڻو رويو رکي آمريڪا سان دفاعي تعاون وڌايو، جنهن ۾خاص طور ٽرمپ جو وزير خارجه مائيڪ پومپيو وڌيڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو هاڻي ته نه ٽرمپ هوندو نه پومپيو. تجزيه نگارن جو اهو خيال آهي ته جو بائيڊن جي متوقع پاليسي جو جهڪاءُ چين کي ايشيا پئسفڪ ۽ تائيوان کان روڪڻ طرف وڌيڪ هوندو. جيئن ته انڊيا کي چين جي مقابلي ۾ وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جا امڪان گهٽ آهن. ٻئي طرف سان ڊيمو ڪريٽ صدارت جي حوالي سان انڊيا جي اتنظام هيٺ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين تي به رد عمل ايندو هن صورتحال ۾ پاڪستان کي انڊيا جي جارحيت کي ايڪسپوز ڪرڻ جو موقعو ملندو. خطي ۾ آمريڪا جي دلچسپي جو مرڪز افغانستان هوندو، باراڪ اوباما جي دور ۾ به جو بائيڊن آمريڪا ۾ فوجي موجودگي وڌائڻ يا surge جي حق ۾ نه هو. انساني حقن ۽ دهشتگردي جي معاملن ۾ طالبان لاءِ ان جو نرم رويو هوندو.

خطي ۾ پاڪستان جو اهم پاڙيسري ايران ٽرمپ انتظاميه جي خاص نظر ۾ رهيو آهي ايران تي به جو بائيڊن جي اچڻ سان آمريڪي پاليسي ۾ وڌيڪ لچڪ ايندي. وڌيڪ بهتري جي معاملن تي اتفاق ڪرڻ جي اميد آهي.

 پاڪ آمريڪا تعلقات ۾ وزير خارجه شاهه محمود قريشي ۽ معاون خصوصي معيد يوسف جو بنيادي ڪردار هوندو. اميد آهي ته هو پنهنجي گذريل وزارت جي تجربي ۽ تعارف کي ڪم آڻيندو. اهڙيءَ طرح سان معيد يوسف به ڊيمو ڪريٽڪس کي ڏسي ۽ ڊيل ڪري چڪو آهي ۽ نئين انتظاميه سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. آمريڪي صدر جي چونڊجڻ کان باقائده حلف کڻڻ تائين تقريبن ٻن مهينن جو وقفو هوندو آهي. ان دوران جتي وائٽ هائوس ۾ هڪ طرف ٽرمپ انتظاميه سموريون ذميداريون جو بائيڊن انتظاميه کي منتقل ڪري رهي هوندي انهيءَ منتقلي دوران پاڪستاني پاليسي ميڪرز کي جو بائيڊن انتظاميه سان انگيج ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ۽ هوم ورڪ جو وقت آهي. بائيڊن هن خطي کي بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿو. بائيڊن انتظاميه جو تجربو هن وقت پاڪستان لاءِ هڪ چئلينج به ٿي سگهي ٿو ۽ موقعو به، پر اها اميد آهي ته پاڪ آمريڪا تعلقات ۾ هڪ نئون موڙ شروع ٿيندو جو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ بهتر ٿيندو.