بلاگنئون

شاهه جي مارئي

لطيف سائين جي شاعري ۾  مارئي محبت حب الوطني جي علامت آھي، جيڪا وقت جي بادشاهه عمر جي ھر عيش عشرت سک آسائش محل محلاتن کي پنهنجي ماروئڙن جي محبت ۾ ٺڪرائي ڇڏيندي آھي.
“اي نه مارن ريت جئن سيڻ مٽان سون تي
اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪا نه ڪريت 
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.”
لطيف سائين مارئي جي جي واتان چورائي ٿو ته مارن جو اھو دستور رواج ئي ناھي جو سون، ھيرن، پيسن جي لالچ ۾ اچي پنھنجا سيڻ رشتا ئي مٽائي ڇڏين، سو مان ڪڏهن به عمر تنهنجي ڪوٽ ۾ اچي اھو ڪڌو ڪم نه ڪنديس، مون کي اباڻي ڪکاون گھرن سان محبت آھي جيڪا تنهنجي محل ماڙين سان ڪڏھن به نه ميٽيندس.
ڏٺو وڃي ته سر عمر مارئي ۾ لطيف سائين عورت جي پنهنجن ماروئڙن سان محبت تانگهه عشق جي ڪيفيتن کي مختلف تمثيلن ۾ بيان ڪيو آھي.
بظاھر ته مارئي نھايت مسڪين، ٿري گھراڻي سان سندس تعلق ھو. پاڻ پالڻي نالي ھڪ مسڪين پنھوار جي نياڻي ھئي سندس ماءُ جو نالو ماڏوئي ھو. مارئي جو مڱڻو ننڍپڻ کان ئي کيت نالي ھڪ غريب پنھوار سان ٿيل ھوندو آھي.
ڦوڳ نالي ھڪ ھاري سندس پي وٽ ڪم ڪندو آھي، جڏهن مارئي جواني ۾ قدم رکندي آھي ته ڦوڳ اصل سندس حسن تي موھجي پوندو آھي ۽ مارئي جي مائٽن کان سندس سڱ گھرندو آھي، جنهن تي مارئي جي مائٽن کيس صاف انڪار ڪيو.
ان کان پوءِ ئي ڦوڳ ساڙ ۽ حسد وچان وقت جي بادشاهه عمر وٽ ويندو آھي ۽ وڃي مارئي جي سونهن جا قصيدا پڙھندو آھي.
نيٺ مارئي جي حسن جي ايڏي ھاڪ ٻڌي عمر کيس بنا ڏسڻ جي ئي عاشق ٿي ويندو آھي.
ھاڻي اتان کان قصو شروع ٿئي ٿو ته ڪيئٔن عمر مارئي کي اغوا ڪري کيس راڻي بنائڻ چاھيندو آھي ۽ شادي جي آڇ ڪندو آھي.
سون، ھيرا، سٺا ڪپڙا، محل ماڙيون، سٺا طعام يعني تصور ڪجي ته دنيا جو ھر سک آسائش عيش عشرت، عمر مارئي جي قدمن ۾ ڍير ڪري ڇڏيون پر بدلي ۾ مارئي ڇا ڪيو. انهن سڀني آسائشن ڏانهن اک کڻي به نه ڏٺائين ڪپڙا ليڙون ٿي ويس، وارن ۾ چيڙھه پئجي ويس، پر عمر جي ويس وڳن تيل ڦليلن کي ھٿ به نه لاتائين. بنيادي طرح اسان غور ڪنداسين عورتن جي اھا نفسيات ھوندي آھي اسان وٽ ھر سک ۽ آرام ھجي، محل ماڙيون ھجن ڪم ڪرڻ لاءِ اڳيان پويان ٻانھيون ھجن. تڏھن به مارئي جو  ماروئڙن سان عشق محبت لالچ ۾ اچي  ختم نه ٿي، ان جي برعڪس سندس دل ۾ ماروئڙن جي محبت اڃا وڌي نيٺ ڪو وسيلو ٿيندي نه ڏٺائين ته عمر کي منٿ ڪيائين ته مرڻ کانپوءِ منهنجو مڙھه مائٽن ڏانهن موڪلجان مون کي سڪون پنهنجي ٿر جي واري ۾ ماروئڙن وٽ وڃڻ کانپوءِ ئي ملندو.مارئي جي اھا ٻڌي نيٺ عمر به پشيمان ٿيندو آھي ۽ مارئي کي خود پنهنجي ماڳ وٺي ويندو آھي ۽ عمر مارئي سومرن جي دور جو مشھور لوڪ قصو آھي جنهن کي لطيف سرڪار ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آھي.
اَلَستُ بِرَبڪُم، جَڏهِ ڪَنِ پِيَومِ
قَالُو بَلَي’ قَلِبَ سِين، تَڏهِ تِتِ چَيَومِ
تِهِين وَيرَ ڪِئَومِ، وَچَنُ وَيڙِيچَنِ سِين
مارئي عمر کي چوي ٿي ته دنيا خلقڻ وقت رب پاڪ پنهنجن بندن کان پڇيو: ڇا مان نه آھيان اوھان جو رب؟
جڏهن اھي لفظ منهنجي ڪنن تي پيا، مون ان مھل ئي دل و جان سان ھائوڪار ڪئي ته تون آھين منھنجو رب ۽ ان مھل ئي مون ماروئڙن سان واعدو ڪيو ھو.
سونَ بَرابَرِ سَڳِڙا، مارُوءَ سَندا مُون؛
پَٽولا پَنوَهارِ کي عُمَرَ! آڇِ مَ تُون؛
وَرُ لوئي جي لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنيامِ جا.
مارئي عمر کي چوي ٿي ته اي عمر منهنجي ماروئڙن جا ڌاڳي جا سڳڙا به مون لاءِ سون جي برابر آھن، تنھنجا زيور ريشمي قيمتي لباس مون کي نه کپن ۽ مون کي انهن جي آڇ به نه ڪر .
اباڻن جي لوئي تنهنجن قيمتي لباسن کان وڌيڪ آھي مون کي ۽ وڏي نعمت آھي مون لاءِ.
سو بنيادي طور تي سر عمر مارئي شاهه جي رسالي ۾ ھڪ خوبصورت سر آھي، جنهن ۾ لطيف سائين تمثيل ۾ ٻڌائي ٿو ته عورت ڪيتري حد تائين پنهنجي نفس خواھشن تي ڪنٽرول ڪري پنهنجن مائٽن سان عشق محبت ڪري سگهي ٿي.
ڇاڪاڻ ته ھڪ طرف وقت جو بادشاهه عمر ۽ عمر جي ڀيٽ ۾ کيت نھايت غريب مسڪين ھو، پر تڏهن به محبت جي ديوي مارئي شھنشاھي واري زندگي کي ٺڪرائي ٿي ۽ فقيري واري زندگي کي قبولي ٿي.
کيت سان زندگي گذارڻ ۾ مارئي کي يقينن اھي سک آسائشون نه ملن ھا جيڪي عمر وٽ ھيون، پر اصل ڳالهه منهنجي خيال ۾ لطيف سائين اھو پيغام ڏي ٿو ته رشتا روح سان ئي زنده رھن ٿا، مارئي جي دل ۾ به اھو عشق ئي ھو جنهن کيس ايڏو اتم ۽ اعليٰ بنائي ڇڏيو.
ان کانسواءِ روحاني معنى ۾ به لطيف سائين اھا نصيحت ڪري ٿو ته ھن فاني دنيا ۾ سک عيش آسائشن ۾ ڀلجي نه ويھو، پر ھي دنيا مانجھاندي جو ماڳ آھي اصل وطن يعني پنهنجي آخرت سنواريو.