خاصنئون

ڊالر ٻيهر مهانگو ٿي ويو نئين قيمت 148.50 مقرر

آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي بعد ڊالر جي قيمت خريد ۾ اضافو اچڻ سبب ڊالر جي قيمت ۾ اڱاري ڏينهن 2.25 پئسا اضافو اچڻ بعد ڊالر جي قيمت 146 رپيا 25 پئسا ٿي وئي هئي جنهن بعد ڪالهه حڪومت جي ڪوششن بعد ڊالر جي قيمت کي گهٽايو ويو هو پر اڄ وري ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، جنهن بعد انٽر بينڪ ۾ ڊالر 148 رپيا 50 پئسا جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. واضح رهي ته آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي تحت پاڪستان کي رپئي جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻي آهي جنهن سبب ئي ڊالر جي خريد ۾ اضافو اچي ويو آهي.