ايڊيٽوريلنئون عالمي مالياتي درجابندي وارو ادارو فچ پاڪستان جي ترقيءَ مان مطمئن February 10, 2025 Zahida Abro پاڪستان مالي سال 25-2024 جي پهرين ڇهن مهينن ۾ آئي ايم ايف جي وڏن شرطن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. وزارت خزانه جي پاران موجوده مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن جي خرچ ۽ آمدني جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، جنهن مطابق پاڪستان موجوده مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ پنهنجي ترقي لاءِ گهربل انگ اکر بهتر ڪيا آهن. رپورٽ ۾ اهو چيو ويو آهي ته پاڪستان آئي ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جنهن جو اسانجي ملڪ سان مالياتي وهنوار پراڻو آهي. ٻين مالياتي ادارن سان گڏ آئي ايم ايف وقت به وقت اسان جي مالي ضرورتن ۾ ساٿ ڏيندو رهيو آهي. تازو انهيءَ اداري اسان جي ملڪ کي 7 ارب ڊالر جو پئڪيج ڏنو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ خزاني واري وزارت پنهنجي رپورٽ ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته آئي ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون. بين الاقوامي مالياتي فنڊ يا آئي ايم ايف هڪ اهڙو مالياتي ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي معيشتن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڪارڪردگي، فارين ايڪسچينج ۽ ٻاهرين قرضن تي نظر رکي ٿو ۽ ڪنهن به ملڪ کي معاشي فلاح ۽ مالياتي خساري کي منهن ڏيڻ لاءِ قرض سان گڏ اقتصادي مدد به فراهم ڪري ٿو. ڊسمبر 1945 ۾ قائم ٿيل اهو ادارو انهيءَ مقصد سان وجود ۾ آيو ته ڪنهن ترقي پذير ملڪ جي ادائگين کي توازن ۾ ڪيئن آڻجي. 185 ملڪن سان مالياتي ڏي وٺ ڪندڙ هي ادارو اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪندو رهيو آهي. سال 2023 ۾ جڏهن اسانجي ملڪ ۾ معاشي ۽ مالياتي غير يقيني واري صورتحال هئي ۽ ملڪ جي ڊيفالٽ جا چوٻول هلي رهيا هئا، تڏهن آئي ايم ايف اسانجي مدد لاءِ آيو ۽ انهيءَ ميان شهباز شريف جي پهرئين دور حڪومت ۾ هڪ مالياتي پئڪيج ڏنو. جنهن سان اهي ڳالهيون ته ملڪ مالي ۽ معاشي گهوٽالي ۾ آهي، غلط ثابت ٿيون. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته ميان شهباز شريف جي ٻنهي حڪومتن به تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. مفتاح اسماعيل ۽ محمد اورنگزيب وزيرخزانه جي حيثيت ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. انهيءَ ڪري اسين مالياتي ۽ معاشي طرح پاڻڀرا ٿيڻ وڃي رهيا آهيون. اها يقيني ڳالهه آهي ته اسانجو عوام محنت ڪش آهي، زراعت ۽ صنعت جي شعبن ۾ انهن ڏينهن رات محنت ڪري اسان جي ملڪ جي مالياتي ۽ معاشي طاقت کي وڌايو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ آبادگارن ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي بهتري طرف آندو آهي. اسانجي ملڪ کي بهتر پاليسين جي ضرورت آهي ۽ گذريل شهباز شريف جي حڪومت کان وٺي هن حڪومت تائين جيڪي معاشي پاليسيون جوڙيون ويون آهن ان ۾ ملڪ سهي رخ ۾ سفر ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڳالهه جو ثبوت معاشي درجابندي جي اداري فچ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي. انهيءَ پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جون معاشي سرگرميون مستحڪم آهن ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري وڌيڪ بهتر ٿي رهيون آهن. فچ مطابق پاڪستان معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان جي معاشي ۽ مالي اصلاحات ۾ پيش رفت هن جي دنيا سان مالي وهنوار لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو پاڪستان کي آئي ايم ايف سان گڏ ٻين عالمي مالياتي ادارن سان به واسطو رکڻو آهي، فچ جهڙي معاشي درجابندي ڪرڻ واري اداري جي پاران ڪيل انهيءَ ڳالهه جي اهميت آهي ته عالمي درجابنديءَ ۾ اسانجي ترقيءَ کي بهتر طور ڏٺو پيو وڃي ۽ فچ اهو به ڄاڻايو آهي ته پاڪستان جون معاشي سرگرميون مستحڪم ٿي رهيون آهن. مهانگائي گهٽجي رهي آهي. جڏهن ته جي ڊي پي 3 سيڪڙو رهڻ جو اندازو آهي. انهيءَ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن خزاني واري وزارت اها دعويٰ ٿي ڪري ته ملڪ ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وڌي رهيو آهي. اسان کي يقين آهي ته اسين ايندڙ سالن ۾ اڃا به ترقيءَ طرف وڌنداسين. Post Views: 52