خاص

ڊريپ دوائن جون قيمتون 300 سيڪڙو وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

وزارت صحت 129 دوائن جي قيمتن ۾ 300 سيڪڙو تائين واڌ جي سمري تيار ڪري ورتي. وزارت صحت ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) جي سفارش تي مٿي جي سور، بخار ۽ دل جي مرضن سميت 129 دوائن جي قيمتون ۾ 300 سيڪڙو تائين اضافي جي سمري حڪومت کي موڪلي ڇڏي. خبرن مطابق ڪلوروڪين فاسفيٽ جي قيمت ۾ 206 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 431 رپين مان وڌي 1323 رپيا ٿي ويندي.