حيدرآباد ضلعي جي ايس ايس پي پوليس فرخ لنجار طرفان وڪيل علي رضا بوزدار مٿان پنهنجي دَٻدٻي کي قائم رکڻ واسطي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۽ ساڻس ٿيل پوليس جي غير واجبي سلوڪ کانپوءِ ائين لڳو آھي ڄڻ لنجار صاحب ککرن ۾ کڙو ھڻي پنهنجي لاءِ رڻ ٻارائي ڇڏيو آهي. وڪيل جيڪي ڀلي پاڻ ۾ گروپن ۾ ورهايل هجن ۽ سندن وچ ۾ ناراضگيون ھجن. پر سندن خلاف ڪنهن ٽين ڌر ناجائزي ڪئي ته سندن مثالي اتحاد حرڪت ۾ اچيو وڃي ٿو. ھن تازي معاملي ۾ به اھا صورتحال واضح ڏسي سگهجي ٿي جتي وڪيلن جو اتحاد، ٻڌي ۽ يڪجھتي پنهنجا مثال وڌيڪ ڀرپور انداز سان قائم ڪري ڇڏيا آھن. وڪيلن جو ھي ساٿ پنهنجي “ڪاري ڪوٽ” جي عزت جو ڀرم ۽ وقار رکڻ ڄاڻن ٿا. ان لاءِ ڌمڪين، ناجائزين يا خوف منجھائن ختم ٿيندا ڏسجن ٿا.
حيدرآباد جي ايس ايس پي کي شايد پنهنجي رعب دٻدٻي واري غرور سبب اھو اندازو نه ھو ته سندس بادشاھي واري پروٽوڪول جي پاسي مان لنگهندڙ ننڍڙو وڪيل ڪو ايترو طاقتور ھو جو وڪيل جي گاڏيءَ جا شِيشا ۽ فينسي نمبر پليٽ ڄاڻائي ڪيس داخل ڪري “نوڙيءَ کي نانگ ڪرڻ” واري چوڻي کي سچو ثابت ڪندي ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي. ھن نانگ اھڙو ڪم ڪيو جو ڪجهه دير ۾ ايس ايس پي آفيس تي وڪيل پهچڻ شروع ٿي ويا جن آفيس کي گهيري ۾ آڻي نعري بازي ڪندي ڪيس واپس وٺڻ سميت وڪيل سان پوليس گردي واري ڪيل ناجائزي تي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌ پوليس جنهن ۾ ناميارا ھمدرد عملدار ۽ انسان دوست خوش اخلاق پوليس وارا به پنهنجي ملازمت ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا آھن جن جي ناماچاري ٿئي ٿي جڏھن ته عام مشھور ٿيل آھي ته پوليس کاتي سنڌ ۾ اڪثريت بداخلاق، ظالم، خشڪ مزاج، گارگند ڪرڻ سندن معمول آهي اھي اخلاق ۽ انسانيت جون حدون پار ڪريو وڃن ٿا. پوليس جي گهڻائي ۾ اھڙي رعبدار مزاج، ظالماڻي طبيعت واري رجحانن جي ڪري عام طور عوامي مطالبو ٿيندو رهي ٿو ته “پوليس جي ننڍن وڏن عملدارن کان ويندي سپاهين جي سکيا trainings ڪرائڻ جا سلسلا شروع ڪيا وڃن. حيدرآباد باءِ پاس ڌرڻي ۾ بزرگ وڪيلن مشھور وڪيلن بار ڪائونسلن جي نمائندن سان گڏوگڏ نوجوان وڪيلن ۽ عورت وڪيلن جو وڏو تعداد ڌرڻي ۾ سرگرمي سان پھرين ڏينهن کان موجود ڏٺا وڃن ٿا. ھنن ڌرڻي ۾ رکي رکي جوش ڏياريندڙ نعري بازي سان وڪيلن جا جذبا گرم ٿيندي ڏسڻ ۾ آيا. زوردار تاڙين جي ڦھڪن ۾، وڪيل اتحاد زنده آباد ايس ايس پي جو جيڪو يار آھي اھو غدار آھي،we want justice نه جھڪني والي وڪلاءِ نه بڪني والي وڪلاءِ وغيره جا نعرا لڳندا رھيا ۽ بار ڪائونسل جي عھديدارن کي خوش آمديد چوڻ جو سلسلو به ھلندو رھي ٿو. باءِ پاس جي وچ تي لڳل ڌرڻي جي پھرين رات ھئي، پر سندن جوش خروش ۾ ڪمي نٿي ڏٺي وئي. ياد رھي ته وڪيلن جو ھي ڌرڻو، ايس ايس پي آفيس ۾ ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد پاران ڪرايل يقين ڏيارڻ کان انڪار جو نتيجو قرار ڏنو وڃي ٿو.
ھيءَ صورتحال افسوسناڪ ڏسجي ٿي، پر سنڌ حڪومت، لڳي ٿو ته ھن سموري صورتحال بابت اکيون بند ڪري ويٺي هجي، جو اڃان تائين وڪيلن جي اڳواڻن سان معاملي جي نبيري واسطي ڪي ڳالھيون نه ٿيون آھن!؟ 7 فيبروري 2025 تي ڌرڻي جو روبرو جائزو وٺڻ توڙي وڪيل برادري سان يڪجھتي خاطر وڃڻ ٿيو. اسٽيج (جيڪو ھڪ اڌ باڊي جي ٽرڪ تي ٺاھيو ويو آھي) تي ڪيترا سينيئر وڪيل ويٺل هئا سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي بار جا نمائندا جن جي وچ ۾ سياستدان ۽ وڪيل اياز لطيف پليجو به موجود ھو. پاڻ تقرير ۾ “وڪيل صاحبان جي اتحاد کي شاباسون ڏنيون جن ڪنهن طاقتور جي پرواھ نه ڪندي پنهنجي وڪيل ڀاءُ سان ٿيل پوليس جي زيادتي تي مثالي ٻڌي ڪري دنيا کي اھو پيغام ڏنو آھي ته سنڌ صوبو ڪنهن جو خريد ڪيل ناھي.” ھن ڌرڻي ۾ ڪجهه ڳوٺاڻيون عورتون به ويٺل ھيون جيڪي ساڻن زيادتي تي انصاف لاءِ ڌرڻي جو سھارو وٺڻ لاءِ موجود ھيون. ميڊيا جي ڪوريج شاندار ٿي ڏٺي وڪيل رھنما مختلف چينلن جي نمائندن کي انٽرويو ڏيندي پنهنجو موقف پيش ڪندي وزارت داخلا، سنڌ جي ھٺ ڌرمي جي مذمت جا بيان ڏئي رھيا ھئا. حڪومت سنڌ کي وڪيلن جي ڌرڻن سبب پيش ايندڙ مشڪلاتن جو جلد حل ڪڍڻ جي سخت ضرورت سمجھي وڃي ٿي، جنهن ۾ جيڪڏھن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪن نوجوانن پاران پوليس کي ڪچيون گاريون ڏيڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود ايف آءِ آر داخل نه ٿي، پر (پروٽوڪول واري اصل حقيقت کان ھٽي ڪري) ھڪ وڪيل مٿان ڪار تي فينسي نمبر پليٽ ۽ ڪارن شيشن جو الزام ھڻي يڪدم ڪيس داخل ڪرڻ واري جلد بازي بابت انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جا سوال ضرور گردش ۾ رھڻ لڳا آھن.