نئون

چيف جسٽس موبائل فون ڪارڊن تي ٻيهر ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏيئي ڇڏي

ديا مير، ڀاشا ڊيمن جي تعمير لاءِ فنڊ مهم جي دوران چيف جسٽس پري پيڊ موبائل فون ڪارڊن تي ڊيم ٽيڪس لڳائڻ لاءِ عوام کان راءِ گهري ورتي آهي. لنڊن ۾ ڊيم فنڊ لاءِ  منعقد ٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ٽي مهينا اڳ موبائل ڪارڊن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ سان عوام کي ٽي ارب رپيا بچت ٿي هئي پر هاڻي جيڪڏهن عوام اجازت ڏئي ته اهو ٽيڪس ورائي لڳائي اها رقم ڊيم فنڊ لاءِ جمع ڪئي وڃي. هن چيو ته مان عوام تي ٽيڪس هڻڻ جي حق ۾ نه آهيان پر ڊيم لاءِ رقم جمع ڪرڻ لاءِ هي هڪ سٺو طريقو آهي جنهن سان هر مهيني ٽي ارب رپيا جمع ٿيندا، ان حوالي سان قوم پنهنجي راهه کان آگاهه ڪري.