خير سان2024 جو فيبروري مھينو گذري ويو جيڪو 29 ڏينھن جو هو، جڏهن ته پاڻ 2021 کان 2023 تائين ٽن سالن ۾ فيبروري جو مھينو 28 ڏينھن جو ڏٺو هو، پر 2024 جي سال ۾ فيبروري جو مھينو 29 جو ٿي گذريو، جنھن سلسلي ۾ 99 سيڪڙو ماڻهن کي ڄاڻ نه هجي! ان ڪري هو تعجب کائيندا هوندا يا بي مقصد بحث ڪندا هوندا ته اهو هڪ ڏينھن ڇو وڌيو آهي، پاڻ هن مضمون ۾ ان ڳالھه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته 2024 جو فيبروري 29 ڏينهن جو گذريو، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر هي مھينو 29 ڏينھن جو ڇو آهي ؟
ياد رکو ته سال 2024 ڪو عام سال نه، پر ليپ سال سڏبو. پر ليپ ايئر ڇا آهي؟ اسان کي ان جي ضرورت ڇو آهي ۽ اهو ڪيئن اسان جي زندگي جو حصو بڻجي ويو؟
ليپ سال اهو سال آهي جيڪو 365 بدران 366 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي. گريگورين ڪئلينڊر ۾ هر 4 سالن ۾ هڪ ليپ سال هوندو آهي ۽ دنيا جي اڪثر حصن ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن سال جو ليپ ڊي 29 فيبروري آهي ۽ اها تاريخ ٻين سالن ۾ نه ايندي آهي. ڇو ته هن سال کي ليپ leap year سڏيو ويندو آهي، جيڪو ڪافي دلچسپ آهي.
توهان شايد ڪڏهن به غور نه ڪيو هجي، پر هر ليپ سال جي تاريخ مارچ کان پوءِ گذريل سال کان هڪ ڏينھن اڳتي وڌندو آهي.
مثال طور 1، مارچ ، 2023 اربع جو ڏينهن هئو ، پر 2024 ۾ 1، مارچ جمعو ٿيندو، جڏهن 2024 ليپ سال نہه هجي ها ته اهو خميس هجي ها،
ليپ سال کان علاوه، ليپ ڏينهن، ليپ سيڪنڊ پڻ گريگورين ڪئلينڊر ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ آخري ڀيرو 2016 ۾ ماهر موسميات وارن سوچو هو تہه 2035 کان، ليپ جو استعمال ختم ڪيو پيو وڃي. پوءِ ڇو اسان کي ليپ ايئر جي ضرورت آهي؟
اضافي ڏينهن شامل ڪرڻ عجيب لڳي سگهي ٿو، پر ليپ سال تمام اهم آهي ۽ انهن کان سواءِ ڪئلينڊر تي ظاهر ٿيڻ وارا سال بلڪل مختلف نظر اچن ٿا. گريگورين ڪئلينڊر سج جي چوڌاري ڌرتيءَ جي مدار تي ٻڌل آهي ۽ 365 ڏينهن تي مشتمل آهي، پر شمسي سال کان ٿورو ننڍو آهي. شمسي سال 365 ڏينهن، 5 ڪلاڪ، 48 منٽ ۽ 56 سيڪنڊن تي جڙيل هوندو آهي.
جيڪڏهن هن فرق جو خيال نه رکيو ويو ته اهو وقفو هر گذرندڙ سال سان وڌندو ويندو ۽ آهستي آهستي موسمن جو وقت به بدلجندو.
مثال طور جيڪڏهن ليپ سال جو استعمال بند ڪيو وڃي ته 700 سالن کان پوءِ اتر اڌ گول يا پاڪستان ۾ اونھارو، “جون” بدران ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو.
ليپ سال هن مسئلي کان بچڻ ۾ مدد ڪري ٿو ڇو ته سال ۾ هڪ اضافي ڏينهن 4 سالن ۾ فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
پر اهو نظام مثالي نه آهي ڇاڪاڻ ته هر 4 سالن ۾ 44 منٽ شامل ڪيا ويندا آهن يا 129 سالن ۾ پورو ڏينھن. اهو ئي سبب آهي ته هڪ ليپ سال هر صدي جي آخر تائين لاڳو نٿو ٿئي، جهڙوڪ 2000 سال 29 ڏينهن جو هو، تنهن هوندي به ڪئلينڊر جي سال ۽ شمسي سال ۾ ٿورو فرق آهي.
آسان لفظ ۾ هڪ ليپ سال گريگورين ڪئلينڊر کي شمسي وقت سان ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ليپ سال جي تاريخ
ليپ سال جو تصور رومي شهنشاهه جوليس سيزر 45 ق.م ۾ متعارف ڪرايو، جڏهن هن جولين ڪئلينڊر متعارف ڪرايو.
هن ڪئلينڊر ۾ هڪ سال 365 ڏينهن ۽ 12 مهينن تي مشتمل آهي، جنهن کي گريگورين ڪئلينڊر ۾ به برقرار رکيو ويو آهي. جولين ڪئلينڊر ۾ هر 4 سالن ۾ هڪ ليپ سال شامل ڪيو ويو ته جيئن ڌرتيءَ جي موسمن سان ترتيب ڏئي سگهجي، صدين تائين ائين محسوس ٿيندو هو ته جولين ڪئلينڊر مڪمل طور تي ڪم ڪري رهيو آهي، پر 16هين صدي ۾ فلڪيات جي ماهرن محسوس ڪيو ته موسمون معمول کان 10 ڏينھن اڳ شروع ٿي رهيون آهن، جنهن جا مختلف شعبن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.
ان کي روڪڻ لاءِ پوپ گريگوري 1582ع ۾ گريگورين ڪئلينڊر متعارف ڪرايو، جيڪو لڳ ڀڳ جولين ڪئلينڊر سان ملندڙ جلندڙ آهي، پر صدين جي سالن ۾ ليپ سال لاڳو نٿو ٿئي. صدين تائين هي ڪئلينڊر صرف ڪيٿولڪ ملڪن جهڙوڪ اٽلي ۽ اسپين ۾ استعمال ٿيندو رهيو، پر آهستي آهستي اهو دنيا جي ٻين حصن تائين پکڙجي ويو. مستقبل ۾ گريگورين ڪئلينڊر کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت پوندي ته جيئن شمسي سال سان گڏ رهي، پر اهو هزارين سالن کان پوءِ ٿيندو.
نوٽ : اها ڳالھه ياد رکڻ گهرجي تہه هن سال کان پوءِ، ايندڙ سال 2028 ليپ سال هوندو.