دنيا ۾ جتي انساني عقل ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري بنا ڪنهن جنسي فرق جي عورت ۽ مرد ڪلهوڪلهي سان ملائي سماج ۾ تعليمي، سماجي ۽ اقتصادي طور پنهنجي معاشري کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي رهيا آھن ۽ ان جي ڀيٽ ۾ افسوس ته اسان جي عورت دشمن سماج ۾ عورت کي مرد کان حقير ۽ ڪمزور سمجهي کيس ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي معاشري ۾ هر روز ڪا نياڻي هڪ نئين ڪهاڻي بڻجندي وحشت پڻي ۽ سفاڪيت جو شڪار ٿي رهي آھي. ڪڏهن اها هوا ڄائي سماج ۾ موجود ڪڌي رسمن جو شڪار ٿيندي غيرت جي نالي تي ماري وڃي ٿي ته ڪڏهن ڪا هوا ڄائي ڪن درندن جي ور چڙھندي زيادتين جو شڪار ٿيندي رهي ٿي ته وري ڪڏهن ڪا نياڻي ڪنهن سفاڪ ۽ ظالم جي بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿيندي پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهي ٿي ته ڪڏهن ڪا نياڻي آدم زادن هٿان گهريلو تشدد جو بي رحمي سان شڪار ٿيندي رهي ٿي. توڙي جو دنيا جي هر مذهب ۾ هميشه عورت کي خاص مان ۽ مرتبو ڏيندي معاشري ۾ برابري جا حق ڏئي کيس ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ جيون ساٿي جهڙن عظيم رشتن ۾ منسلڪ ڪري سماج ۾ پيش ڪيو ويو آھي ۽ دنيا جي هر خطي ۾ عورت کي مذهبن ۽ انساني بنيادن تي پنهنجو پنهنجو معيار حاصل ٿي رهيو آھي ۽ اتي اهي عورتون برابري واري زندگي گذاريندي پنهنجي وطن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ مردن سان برابر پنهنجو پنهنجو حصو وجهي اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آھن، پر افسوس اسان وٽ اڄ به عورت جي روپ ۾ هر رشتي جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي. برابري ته پنهنجي جاءِ تي، پر کيس صرف انسان جي ئي نظر سان ڏسي هن معاشري ۾ کيس جيئڻ ڏنو وڃي ته آئي ڏينهن ڪا به هوا ڄائي نياڻي مظلوميت جو شڪار ٿيندي ڪا نئين ڪهاڻي نه بڻجي.