بلاگنئون

پروفيسر محمد آفاق صديقيءَ جون لطيف شناسيءَ ۾ خدمتون

ناميارو تعليمدان، شاعر ۽ نثر نگار محمد آفاق صديقي، 4 مئي 1928ع تي شيخ پور شريف ضلعي فرخ آباد اتر پرديش هندستان ۾ هڪ پوليس آفيسر جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي وقت پاڪستان لڏي اچڻ وارو پنهنجي خاندان جو هي اڪيلو فرد هو، جو شروع ۾ سکر ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، کيس سنڌي، گجراتي ۽ اردو ٻولين تي دسترس حاصل هئي. چاليهن ڪتاب جي خالق آفاق صاحب جا 18 ڪتاب سنڌي ادب جي باري ۾ آهن، سندن ڇپيل ڪتابن ۾ “ڪوثر تسليم” (حمد، نعت، منقبت)، “قلب سراپا” (شاعري)، “ريزه جان” (شاعري)، “عڪسِ لطيف” (لطيفيات)، “شاعر حق نو” (لطيفيات)، “پيغام لطيف” (لطيفيات)، “احوال سچل” (سچل جو چونڊ ڪلام)، “بساطِ ادب” “باباءِ اردو وادي مهران مين” “ادب جهرونڪي” (مضمون) “جديد سنڌي ادب ڪي تراجم”، “ارمغانِ عقيدت”، “جديد سنڌي ادب” (تنقيد)، “شاهه لطيف اور عصرِ حاضر” (لطيفيات)، “پاڪستان همارا هي” (ملي نغمي) “بوئي گل نالهءِ دل” (شيخ اياز جو ڪلام ترتيب)، “محمد عثمان ڏيپلائي فن اور شخصيت” ۽ ٻين ڪتابن سان گڏ سندس پنهنجي آتم ڪهاڻي “صبح ڪرنا شام ڪا” آهن. سندس ڪتابن مان خبر پوي ٿي ته هُو هڪ ئي وقت شاعر ۽ شاعريءَ جو ڄاڻو هو ته نثر تي پڻ کيس قدرت حاصل هئي. سندس چند لطيفي ڪتاب هن ريت آهن.

ماروي ڪي ديس ۾: آفاق صديقيءَ ترتيب ڏنو جنهن کي 1961ع ۾ پاڪستان رائيٽرز گلڊ سکر شايع ڪيو. 96 صفحن جي هن ڪتاب ۾ آيل مضمون “مومل راڻو”، “ليلا چنيسر”، “سورٺ”، “نوري ڄام تماچي”، “عمر ماروي” ۽ سسئي پنهون آهن. هڪ لحاظ کان پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اردو دان طبقي کي شاهه لطيف جي شاعريءَ مان سورمين ۽ سورمن ۽ انهن ڪلاسيڪل داستانن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي اها شروعاتي ڪوشش ڪامياب ثابت ٿي.

ريگزار ڪي موتي: ڪتاب کي به پهريون دفعو رائيٽرز گلڊ سکر پاران 1962ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ لطيفيات جا مقالا آهن.

عڪسِ لطيف: سکر جي شاهه لطيف ميموريل سوسائٽيءَ پاران 232 صفحن تي 1947ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ “شاهه لطيف جي سوانح”، “شاهه جو دور”، “شاهه جي زبان”، “شاهه جا سُر”، “شاهه جا قلمي نسخا” جهڙن موضوعن تي مضمون شامل آهن.

معارفِ لطيف: اطلاعات کاتي پاران 1975ع ۾ ڇپيل ڪتاب ۾ لطيف سرڪار بابت معلوماتي مضمون آهن.

پيامِ لطيف: 1988ع ۾ فضل سنز ڪراچيءَ شايع ڪيو، جنهن ۾ آفاق صاحب شاهه لطيف جي پيغام کي جامع نموني پيش ڪيو آهي.

سُر لطيف:  الصفه اڪيڊمي آگهي پبلشرز ڪراچيءَ پاران 1995ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ افشان انجم جي معاونت شامل آهي، هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي جي چند سرن مان چونڊ اردو ڪلام آهي.

شاهه عبداللطيف اور عصرِ حاضر:  حر مطبوعات شمالي ڪراچيءَ پاران 2008ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ پروفيسر آفاق هلندڙ دور جي حوالي سان لطيف جي شاعريءَ کي مثالن سان سمجهايو آهي.

رساله شاهه عبداللطيف: شيخ اياز جي همراهيءَ ۾ ڪم ڪيائين جنهن جو منظوم ترجمو جون 1963ع ۾ پهريون دفعو ڇپيو هن ترجمي لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي ۾ آيل سُرن جي چونڊ ڪئي وئي. باقي جي ٻين سُرن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالي مان مدد ورتي وئي، هيءَ سرڪاري طور تي منظور ٿيل هڪ وڏو پراجيڪٽ هو، جنهن جي لاءِ مترجمن کي شاهه جي ڪلام جو اردو نثر ۾ لفظي ترجمو مهيا ڪيو ويو، جو اورينٽل ڪاليج جي پرنسپل مخدوم امير احمد ڪيو جو اردو، سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو، انهيءَ کانپوءِ ئي ترجمي جو ڪم عمل ۾ آيو، سيد مظهر جميل جديد سنڌي ادب ڪتاب جي صفحي 345 تي لکيو آهي ته “شاہه صاحب ڪي ڪلام ڪا اردو منظوم ترجمه سنڌي زبان ڪي مشہور شاعر شيخ اياز اور آفاق “رساله شاهه عبداللطيف” ڪي نام سي سرانجام ديا، اس ترجمي سي يڪ گونه بي ساختگي اور ڪيفيت ڪا احساس هوتا هي. اردو ترجمي پي نظرثاني ڪا ڪام حفيظ هوشيار پوري ني سرانجام ديا.” “رساله شاهه عبداللطيف” اردو منظوم جا ڪافي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، ذاتي طور مون وٽ 1991ع واري اشاعت سوم سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ وارو رسالو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر رضي الدين صديقي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جا پيش لفظ ۽ گذارش شامل آهن، پر انهن ٻنهي صاحبن ڪٿي به آفاق صديقيءَ جي معاونت جو ذڪر ناهي ڪيو، جڏهن ته “اظهارِ تشڪر” طور شيخ اياز پاران هڪ صفحو لکيل موجود آهي، جنهن ۾ هن کُلي دِل سان آفاق صديقيءَ جي معاونت ۽ خلوص جو اعتراف ڪندي لکيو آهي.

“شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪي مجموعي ڪلام ڪي اس اردو ترجمه ڪو پايه تڪميل پهچاني مين پير حسام الدين راشدي صاحب، ابراهيم جويو صاحب، مخدوم امير احمد صاحب، حفيظ هوشيار پوري صاحب، اور عزيزي آفاق صديقي ني مجهي بڙي مدد دي، محبي آفاق صديقي سنڌي ادب سي دلي وابستگي ڪي بنا پر ميرا هاٿ بٽاني مين جتني محنت ڪي هي وه هر لحاظ سي قابل قدر هي.”

هي موضوع تحقيق طلب ضرور آهي ته آفاق صديقيءَ جي هن رسالي جي اردو ترجمي ۾ ڪيتري ڪنٽريبيوشن هئي؟؟ ان کانسواءِ هن صاحب ريڊيو ۽ ٽي وي جي ڳائڻن لاءِ شاهه جي بيتن کي اردو نظم ۾ موسيقيءَ لاءِ تيار ڪيو جيڪي سُر لطيف ڪتاب ۾ آهن، هيٺ سندس ڪتاب “عڪسِ لطيف” جو مختصر جائزو ڏجي ٿو.

عڪسِ لطيف: جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ۽ ٻيو آگهي پبليڪيشن الصفه  اڪيڊمي ڪراچي 1994ع  ۾ 232 صفحن تي شايع ڪيو، هن ڪتاب ۾ شاهه جي سرن جي تفصيلي سمجهاڻي آهي ته شاهه لطيف جي سوانح، دور، شروعاتي سنڌي شاعري ۽ شاهه جي ٻولي آيل آهن. خاص طور هڪ خوبي ٻي به اهم آهي ته پروفيسر آفاق هڪ هزار کان وڌيڪ لفظن جو چونڊو رسالي مان ڏنو آهي، جيڪي ڪافي حد تائين اردو ٻولي ۾ استعمال ٿين ٿا، جيئن شاخون، سورج، ديکيندي، دلبر، قمر ۽ ٻيا آهن. گڏوگڏ شاهه لطيف جي ٻوليءَ تي به بحث ٿيل آهي.

سنڌي ادب لاءِ ڪيل اردو ٻوليءَ ۾ خدمتون ته آفاق صاحب جون آهن  ئي آهن، پر هن لطيف سرڪار کي سهڻائيءَ سان اردوءَ ۾ متعارف ڪرائي لطيف شناسيءَ جو نه رڳو حق ادا ڪيو، پر پنهنجي اهِل زبان هئڻ جو پڻ ثبوت ڏنو آهي. سکر ۾ رهندي کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان رغبت پيدا ٿي جا آخر تائين قائم رهي، هن ڪتاب جي مقالن ۽ مضمونن ۾ آيل سوانحي معلومات لاءِ ليکڪ، ڊاڪٽر ٽرمپ، سورلي ۽ لالواڻيءَ جا حوالا ڏنا آهن ته آءِ آءِ قاضي صاحب جي رسالي کي مستند رسالو قرار ڏيندي ان رسالي واري ساڳي ترتيب ورجائي اٿس. عڪسِ لطيف ۾ پروفيسر آفاق شاهه جي رسالي کي سنڌ جي منظوم تاريخ قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ سندس دور جون حالتون نمايان نظر اچن ٿيون. پروفيسر آفاق کي شاهه جي ڪلام گهڻو متاثر ڪيو، ان جي گهري فڪر جي اثر هيٺ هن عڪسِ لطيف پيش ڪيو ۽ اردو دان طبقي کي شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ شخصيت کان سهڻي نموني آگاهه ڪيو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ راءِ ڏيندي لکيو آهي ته:

“آفاق صديقيءَ جون علمي خدمتون ان جي خلوص جي جذبي جو ثمر آهن، هو سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين جي خدمت ڪري رهيو آهي، سندس خدمت واکاڻ جوڳي آهي.” (ص 231)

سنڌي عارفاڻي ڪلام سان محبت ۽ ان جي معنوي گهراين جي وسعتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندڙ هن اديب لاءِ ڊاڪٽر اسلم فرخي لکيو آهي:

“مهراڻ جي واديءَ جي روحاني ۽ ثقافتي ورثي کي پنهنجي فن لاءِ پيڙهه بڻائيندڙ آفاق صديقيءَ جو مطالعو گهرو اونهو ۽ نظر وسيع ۽ دل سچائيءَ ۽ خلوص سان ڀريل آهي، عڪسِ لطيف شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عارفاڻي ڪلام جي اها تشريح آهي جنهن ۾ شاعر جو تخيل، عشق جي دل جي عقيدتمندي ۽ ناقد جي تنقيدي بصيرت جو خوشگوار ميلاپ ملي ٿو (ص 232).

هن تحقيقي ڪم ۾ آفاق صديقيءَ نه فقط شاهه جي ڪلام جي سُرن تي لکيو آهي، پر هر داستان تي به لکيو آهي. آسان ۽ عام فهم انداز سان پڙهندڙن لاءِ سُرن جو مطلب بيان ڪيو اٿس. لطيف شناسيءَ تي اردو ٻوليءَ ۾ لکيل هن ڪتاب جي هڪ خاص اهميت شمار ٿيندي. پروفيسر آفاق صديقيءَ کي پاڪستان حڪومت پاران سندن ادبي خدمتن تي “تمغهءِ امتياز” سان نوازيو ويو، سنڌ حڪومت پاران “شاهه عبداللطيف ايڪسيلينس ايوارڊ” ڏنو ويو. 84 سالن جي عمر ۾ 17 جون 2012ع تي سندس وفات ٿي، لطيف شناسيءَ ۾ سندس خدمتون قائم رهنديون.

***