توهان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيو، جنهن کي منجهيل موت جو ڄار يا شيطاني ڄار چئجي ٿو، ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ انهيءَ کي ويبweb چيو وڃي ٿو. توهان ڪهڙيءَ ريت به محفوظ نه آهيو. توهان جا ٻار، عورتون، خود توهان پاڻ هڪ وڏي رسڪ تي آهيو. توهان جي دولت، مال، رتبو سڀ هڪ وڏي رسڪ تي آهن. هي دور هاڻي پوسٽ ماڊرن نه آهي، پر پوسٽ هيومن آهي، اچو ته هن کي سمجهون.
انٽرنيٽ جي دنيا توهان لاءِ جتي سک، سهولتون، رابطا ڪاري کڻي آئي آهي، اتي توهان لاءِ تباهي ۽ بربادي به کڻي آئي آهي. توهان موبائل آن ڪئي انٽر نيٽ ڪنيڪشن چالو ٿيو، سمجهو توهان بازار ۾ اگهاڙا ويٺا آهيو. توهان اڪثر ويب سائيٽ کوليندا آهيو، گوگل، واٽس اپ، فيس بڪ، انسٽا گرام، يوٽيوب وغيره انهيءَ کي سادي عام ويب سائيٽ يعنيٰsurface web چيو ويندو آهي، دنيا ۾ اربين ماڻهو اها ويب سائيٽ استعمال ڪن ٿا. اهڙيون ٻه ٻيون ويب سائيٽون آهن، جن ۾ هڪ ڊيپ ويب سائيٽ deep web ٻي انڌيرو ڄار يعنيٰdark web چون ٿا. هڪ طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي سادي زندگي گذارين ٿا جن جو سماج ۾ نظام ٺاهڻ ۾ ڪو حصو پتي ناهي، جيڪي ٽڪو ڪمائين ته ٽڪو کائين، جن جي خواهش هوندي آهي ته هنن جا ٻار پڙهي پون، کين اجهو اٽو ملندو رهي، گهر ۾ سڪون جا اهي متلاشي ماڻهو سادا ۽ مونجهارن کان بچي زندگي گذارڻ چاهين ٿا، اهيsurface web استعمال ڪندا آهن، ٻيا ماڻهو اهي آهن جيڪي نظام ٺاهين ٿا، نظريه (ٿيوريز) ۽ ٽرينڊ ٺاهين ٿا، جيڪي دنيا کي هلائين ٿا. اهي ماڻهو ٻي قسم جي ويب سائيٽ ڊيپ ويب استعمال ڪندا آهن، جيڪا ملٽي نيشنل ڪمپنيون، رياستي ادارا، ايجنسيون، وڏا سرمائيدار، وڏيون ملڪي طاقتون استعمال ڪنديون آهن، جن تائين توهان جي رسائي ناممڪن آهي.
ٽئين قسم جا ماڻهو توهان جي دنيا جي ڪنهن به قانون کي نٿا مڃين، توهان جي ڪنهن به نظام کي نٿا مڃين، جيڪي انساني قدرن، انساني اصولن، سماج، عزت، ماڻهپو، رشتا ناتا، پيار، همدردي، جذبا انهن کي نٿا مڃين، اهي چاهين ٿا ته زندگي پنهنجي مرضي سان رينڊم گذري، انهن ماڻهن جي دنيا ڏوهن جي دنيا آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي، اهي ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿا. هن گروپ ۾ مختلف ڏوهاري ٽولا ۽ مافيائون گڏجي هڪ ٿي وڃن ٿا.
ڊارڪ ويب استعمال ڪرڻ وارن جي باقائده تنظيم آهي، جنهن کي illuminate چيو ويندو آهي، هي نيٽ ورڪ عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ايندو، ڇو ته هڪ هي انڊر گرائونڊ نيٽ ورڪ آهي، ٻيو ته هي ڪرمنل زون آهي، جنهن جو ڄار ڪنهن هڪ ملڪ ۾ نه، پر پوري دنيا ۾ آهي.illuminate اصل ۾ هائپر ريئل دنيا پيدا ڪري هائپر سيڪس جو ڄار وڇائي ٿي. هن تنظيم جو ڪو مڪمل تعارف ڪنهن وٽ به ناهي، پر هاڻي فيشن ۾ آواره گردي وارن کي به اليوميناٽيز چوندا آهن، اڪثر انڊين اداڪارن يا ماڊلز کي اهڙو ذڪر ڪندي توهان ضرور ٻڌو هوندو. اليوميناٽيز جو هڪ تعارف اهو به آهي ته هي تنظيم ميٿالوجيز ۽ جادو کان ويندي شيطاني طاقتن تي يقين رکي ٿي.
سرفيس ويب جو استعمال صرف پنج سيڪڙو آهي، 80 سيڪڙو ڊيپ ويب استعمال ٿئي ٿي، باقي ڊارڪ ويب استعمال ٿئي ٿي، پر ڊارڪ ويب جو استعمال آهستي آهستي تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي. ڪٿي ظاهر ظهور ڪٿي لڪل، پر استعمال تيزي سان ٿي رهيو آهي.
هاڻي اچون ٿا ڊارڪ ويب تي جنهن کيilluminate نيٽ ورڪ استعمال ڪري ٿي. هن ويب سائيٽ تي سائبر ڪرائيم، اربين رپين جا فراڊ، اڪائونٽ هيڪر، ماڻهن کي منافعي جي لالچ ڏيئي ڪروڙين رپيا انويسٽ ڪرائي فراڊ ڪرائڻ، يا وري دوکي سان پئسا توهان خود ٽرانسفر ڪندا آهيو، ٻئي طرف هن ويب سائيٽ تي منشيات جو واپار ٿئي ٿو. توهان کي ڪهڙي به منشيات کپي، گهر ويٺي ملندي، توهان ڏٺو هوندو ته اڄڪلهه ويپ پيئڻ جو رواج ائين وڌي رهيو اهي ڄڻ ڪرونا جو وائرس لڳي رهيو آهي، شيشا پيئڻ، فليور سان مختلف نشا پيئڻ، توهان اهڙن نوجوانن کي ڏٺو هوندو جيڪي وڏا وار رکايو سر عام ويپ پيئندي نظر ايندا يا وري موٽرسائيڪلن تي چار چار نوجوان ريس لڳائيندي ڏٺا هوندا. اڪثر گهرن جا نوجوان، ڪاليج، اسڪول يا يونيورسٽين جا نوجوان انهيءَ نيٽ ورڪ جو کاڄ بڻجي ويندا آهن، جيڪي ننڍي هوندي کان منشيات جا عادي ٿي ويندا آهن. ٻيو هن ويب تان هٿيار ملندا، توهان ڪهڙيِ به قسم جا هٿيار وٺي سگهو ٿا، راڪيٽ لانچر کان وٺي، ميزائل به ملي سگهن ٿا. ڇو ته ملڪ جا وڏا ماڻهو، رياستي ماڻهو به هن نيٽ ورڪ ۾ موجود آهن.
ٽيون اهم ڪم هن ويب جو نوجوانن کي چريو بڻائي پئسا ڪمائڻ آهي، هن ويب کي ڪڏهن ڀلجي به کولڻ جي ڪوشش نه ڪجو، هيءَ هڪ ڌٻڻ آهي، ان ۾ ڪيئن ڦاسي ويندا توهان کي خبر به نه پوندي. شروعات جو ڪوبه انت ناهي، مان توهان کي اڃان شايد صحيح طرح سمجهائي نه سگهان، پر هن نيٽ ورڪ جي ريڊ سائيٽ اٿو، جنهن ۾ فالورز هوندا آهن، جيڪي پئسا ڏيئي، ريپ، قتل، ماڻهو جي وڍ ڪٽ، جنسي عضون جي نمائش ڏسندا آهن، باقائده پئسا ڏيئي انهيءَ سائٽ تي فرمائش ڪئي ويندي آهي، اهڙي ويب سائٽ لاءِ ماڻهو اغوا ڪيا ويندا آهن، يا ٻار، ڇوڪريون، اڪثر اغوا ٿي هن ويب سائيٽ تي پهچن ٿيون. اسڪول جي ڇوڪرين، کي لالچ ڏيئي ڦاسايو ويندو آهي، مثال هڪ ڇوڪري کي ڪٿان مئسيج آيو تنهنجي سالگره لاءِ مون اسپيشل تحفو ورتو آهي، ڇوڪريءَ پڇيو تون ڪير هن پاسي کان مئسيج آيو، تنهنجو ويجهو! ملندينءَ ته سڃاڻيندين، تحفو ڪهڙو آهي ائپل آءِ فون، (جيڪو ڇهه لک جو آهي) ڇوڪري هرکي پئي. ملڻ جو پروگرام طئي ٿي ويو. ڇوڪري انهن جي هٿ چڙهي وئي. جيڪا ريڊ روم ۾ کڄي آئي. فالوورز ڏسڻ وارن فرمائش ڪئي هن جو ريپ ڪري ڏيکاريو. پئسا لڳندا ويا، فرمائش آئي هن جو عضوو ڪٽي ڏيکاريو، وغيره تان جو ڇوڪري جو لاش به نه مليو.
ٽيون پاسو خطرناڪ ۽ سڄي دنيا ۾ وائرس کان به وڌيڪ ڦهلجي رهيو آهي، اهو آهي سيڪس جي ڪاروبار جو. توهان کي سيڪس جون ڪيتريون ويب سائيٽس ملنديون جن تي هزارين جوان، حسين ڇوڪريون پنهنجو اگهاڙو جسم رکي توهان کي هرکائينديون ته توهان ڪلاڪ کان وٺي رات لاءِ خريد ڪريو يا ڪنهن ملڪ گمهڻ لاءِ پارٽنر کپي، ڪٿي تفريح لاءِ پارٽنر کپي ته رابطو ڪريو. هن نيٽ ورڪ ۾ اداڪارائون ۽ اداڪار پڻ شامل آهن، جن کي اها آفر ٿيندي آهي ته انڊين يا هالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڏيارينداسين، پر اسان جو حصو بڻجو پوءِ انهن کي ڪروڙين رپيا ملندا آهن، پر پوءِ انهن جي زندگي زهر بڻجي چڪي هوندي آهي. هڪ ته انهن جو سڄو الف جسم جي وڊيو هنن وٽ هوندي آهي، ٻيو هنن کي نشي ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي، ٽيون انهن کان ڪو ڪرائيم ڪرائي انهن کي بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي، ڪيتريون ڇوڪريون پاڪستان مان انڊين فلمن، هالي ووڊ فلمن ۽ ٻين مقابلن ۾ شامل ٿي چڪيون آهن، توهان کي هاڻي نالا خود ذهن ۾ اچڻ شروع ٿيندا.
هڪ دفعو ڪنهن ڇوڪري جيڪا فيشن ۾ اچي ڏيکاءُ پرستي ۾ اچي پنهنجا اڌ اگهاڙا پوز واٽس اپ جي اسٽيٽس تي رکيا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڊارڪ ويب سائيٽ تي انهيءَ جا پوز پهچي ويا، انهن مان ڪنهن فرمائش ڪئي هي ڇوڪري مون کي کپي، قيمت توهان جي مرضي جي. اها ڇوڪري اغوا ٿي ويئي.
تجارت ڪي ليئي، بالون مين خوشبو لگا ليتي هي
ضرورت آخري منزل په گنهگهرو باند ليتي هي.
توهان بي خبري ۾ پنهنجا فوٽو رکندا ٿا وڃو اسٽيٽس جي چڪر ۾ ماني به رڌيو ٿا ته اسٽيٽس تي، يا خريداري ڪريو ٿا ته اسٽيٽس تي رکو ٿا، پر توهان کي اها خبر ئي ناهي ته ڪابه شيءِ توهان جي محفوظ ناهي، ڪڏهن به توهان کي ڪا اگهاڙي وڊيو ملندي بليڪ ملنگ ۾ اچي ويندا يا خودڪشي ڪريو يا ڪرمنلز جي هٿ چڙهو. اڪثر ماڻهو سمجهندا آهن ته هنن ته فوٽو ڊليٽ ڪري ڇڏيا، نيٽ ورڪ تي ڊليٽ جهڙيِ ڪابه شيءَ ناهي، توهان جي اکين کان اها لڪي ويندي، پر ڪنهن ڊارڪ ويب يا ڊيپ ويب تي اها موجود هوندي يا وري نيورال نيٽ ورڪ ۾ محفوظ هوندي. اصل ۾ هنن ڪرمنلز جي هٿ ايندڙ نوجوان ٽهي آهي جيڪا زيڊ يا الفا پيڙهي سڏبي آهي، جيڪا اوور ايڪسائٽمينٽ ۽ اوور ڪيوراسٽي يعني تجسس جو شڪار هوندي آهي. هن ٽهي کي لذت پرستي تي ڏاڍو هيرايو ويو آهي، هن ٽهي کي خبر ناهي ته خوشي ڇا ٿيندي آهي، صرف لذت کپي، ڪڏهن پيزا کائي، ڪڏهن رات جو دير سان جاڳي برگر گهرائڻ يا وري دوستن سان رات جو پارٽِي ڪرڻ، اڪثر توهان کي ڊفينس يا وري ٻين پوش علائقن ۾ شام کان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون گڏيل پارٽيون ملنديون يا وري ڪار ۾ اسڪريچنگ ڪندي شراب، چرس پيئندي نظر ايندا، ڪجهه مهينا اڳ ڊفينس ۾ هڪ پارٽي پڪڙي وئي هئي. اسڪول پارٽي هئي جنهن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اڌ کان مٿي اگهاڙا هئا. انهيءَ پارٽي ۾ مٽ شرابن جا رکيا هئا، جيڪي مگي سان اوتي نوجوان ڇوڪريون پي رهيون هيون. جنهن ايس پي ڇاپو هنيو وڏي غلطي ڪئي. ان جي ڪابه خبر ناهي ته ڪيڏانهن ويو.
توهان هن نيٽ ورڪ ۾ انسان جي احساسن جو موت ڏسندا، جڏهن ڪرمنلز ننڍڙا ٻار اغوا ڪندا، نوجوان ٻارڙيون اغوا ڪري انهن جي ريپ ۽ عضون کي ڪٽيو ويندو آهي، مٿان وري فالوورز واهه واهه ڪندا، فرمائش ڪندا اڃان هئين ڪريوس…
توهان سوچيندا ته اهڙو ڪرائيم رياست جي پڪڙ ۾ ڇو نٿو اچي؟ بلڪل رياستي ادارا ڪٿي وٺ سٺ ڪندا آهن ته ڪٿي ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن. ڇو ته هيءَ نيٽ جي دنيا ڏاڍي ڳجهي آهي، خبر ناهي ڪير ڪهڙي ملڪ مان ويٺو آپريٽ ڪري، ڪا خبر ناهي پوندي. ٻيو ته ڪجهه رياستي ماڻهو به انهن سان مليل هوندا آهن. هڪ دفعو هڪ ڇوڪري يونيورسٽي مان گم ٿي ويئي. مائٽ ڳولهيندا رهيا، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ ڇوڪري پاڻ رابطو ڪيو ته هوءَ دبئي ۾ آهي ڪنهن سان پيار جو پرڻو ڪري هلي وئي. مائٽ ڏسندا رهجي ويا، پر اڃان به بري خبر اها هئي ته ڇوڪري ڪجهه ڪرمنلز جي قبضي ۾ هئي. جيڪي ريبي ريبي پيار جو بهانو بنائي وٺي ويا هئا. ان جون بليڪ سائيٽ تي اگهاڙيون وڊيو هلڻ لڳيون.
هنن جو ٻيو حصو فيمينزم ۽ گيز جو آهي، جيڪو دنيا ۾ سماج ۾ نارمنل ناهي، اهو هنن جو مشغلو آهي، ڪجهه وقت اڳ فيمنزم ۾ اهو نعرو لڳو هو “ميرا جسم ميري مرضي” بظاهر ته اهو مردن جي بالادستي جي خلاف هو، پر اصل ۾ نوجوانن کي اها تربيت ڏني وڃي ٿي ته توهان مائٽن جي تابع ناهيو، توهان جي مرضي آهي، توهان سماج جي روايتن جي تابع ناهيو، توهان جي مرضي آهي، توهان پنهنجي جسم کي ڪيئن به استعمال ڪريو. اهڙا نعرا ڏيئي ڇوڪرين کي آوارگي لاءِ همٿايو ويندو آهي، تان جو هڪ ڏينهن ريڊ روم ۾ پهچي وينديون آهن، توهان انهيءَ ويب سائيٽ تي هٽ مئن به ڳولهي سگهو ٿا. ڪراچيءَ ۾ اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن جن ۾ هن ويب ساِئٽ تي ڪرائي جا قاتل ڳولهيا ويندا آهن.
دنيا ۾ اليوميناٽيز جون فلمون هزارين ٺهي چڪيون آهن، هزارين ڊراما پاڪستاني ٽي وي تي نشر ٿي رهيا آهن. جن ڊرامن ۾ جنسي آوارگي يا سازشون ڏسي سمجهو ته هي ڊرامو سماج کي ڪرائيم ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. انهيءَ گروپ جو رانديون، جوائون، ڪلب الڳ آهن، جيڪي دنيا ۾ وڏي راند کيڏي رهيون آهن. هاڻي ته ملڪن جي سياست ۾ به هي گروپ اچي ويو آهي. ملڪن جا سربراه، وزير، مشير به هنن جي مرضي سان لڳن ٿا. هنن جي پسنديده ڪرنسي بٽ ڪوائين ۽ ڪرپٽو ڪرنسي آهي. خاص طور سان ٽئين دنيا جا غريب ملڪ انهيءَ جو شڪار ٿين ٿا. امير ملڪن ۾ به هي نيٽ ورڪ موجود آهي، يورپ ۾ خاص طور سان ڪجهه علائقا مخصوص ڪيا ويندا آهن، جتي هنن جو جهنڊا لڳل هوندا آهن، اتي آواره نوجوان، منشيات پيئن يا سيڪس ڪن يا ڪا ٻي آواره گردي ڪن اجازت اٿن، پر اهي هر جڳهه تي ائين نٿا ڪري سگهن. خبردار ٿي وڃو انڌيري ۾ نه رهو، اڻ ڄاڻ ٿي نه رهو، پنهنجي اولاد کي سنڀاليو جيڪو هاڻ محفوظ ناهي، ٻارن کي موبائل ڏيئي اڻ ڄاڻ نه ٿيو، فيشن ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجي ٻارن کي موبائل ۽ موٽرسائيڪل يا ڪار وٺي ڏيندا آهن، صرف ڏيکاءُ خاطر، پر حقيقت ۾ پنهنجي ٻارن سان دشمني ڪندا آهن، ڪٿي به ڪو اڻ ڄاڻ موبائل پيغام نه کوليو، جلدي موبائل تان خارج ڪريو. ڪابه اڻ ڄاڻ ڪال ريسو نه ڪريو، نه وري فيس بڪ تي اڻ ڄاڻ ماڻهن کي دوست بنايو، ڪوبه راز ڪنهن کي نه ٻڌايو، نه وري موبائل تي پنهنجا فوٽو رکو، خاص ڪري ڪنهن به پروگرام جو فوٽو رکي ٻئي تي رعب نه ڄمايو، متان ريڊ روم ۾ هليا وڃو، اصل ۾ هي شروعات آهي، اڃان توهان کي گهڻيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون، پر ايترو سمجهو ته هيءَ دنيا اها ناهي جيڪا 2000 کان اڳ هئي. هي دنيا هائپر ريئل ورلڊ آهي، جتي سڀ ڪجهه مبهم آهي.