بلاگنئون

سُلوڪِ خاص جي خواھش،اخلاقي قدر ۽ اسان جو تعليمي نظام

خاص سلوڪ Special Treatment جي خواھش مثبت آھي يا منفي؟ ڇا انسان جي اھا خواھش سندس ڪردار سازي ڪري ٿي؟ يا اھا آرزو سندس ورتاءُ کي پيچيدا بڻائي ٿي؟ اھو سوال ھميشه کان سماجن اندر گردش ڪندو رھيو آھي.  اسان کي ننڍي ھوندي کان ئي اسپيشل ۽ ٻين کان منفرد بنائڻ جي تربيت ۽ تقويت گھر منجھان ملي ٿي. اسان جي سماجي زندگيءَ ۾ “اسپيشل ٽريٽمينٽ” جو تصور ابتدا ۾ محبت، ڌيان ۽ حوصلي جي صورت ۾ پيدا ٿيندو آھي. اسان جي اھڙي پرورش جنم کان شروع ٿي وڃي ٿي، جنھن سان اسين پنھنجي ساراھ ۽ خاص ڌيان جا پياسا رھون ٿا. ڪوڏاڻو رويو، الڳ ورتاءُ، خاص رسپشن ھر ٻار کي پنھنجي گھر منجھان ملندي آھي. ٻار جي خصوصي سنڀال، ٻالڪپڻي جي اسپيشل محبت جو احساس کيس ٻين ٻارن کان الڳ ڪري بيھاريندو آھي. ٻاراڻا ٻول، خاص سڀاءُ ٻار کي پنھنجي الڳ سڃاڻپ ۽  سڀ کان وڌيڪ اھم ھئڻ جي احساس جو عادي بڻائيندو آھي.

جيتوڻيڪ حوصلا افزائي ھڪ قدم اڳتي وڌي ڪم ڪرڻ واري رجحان لاءِ مثبت عمل آھي، مگر خاص اھميت جو ھيراڪ ٿي وڃڻ ھڪ نفسياتي ھيجان جي شروعات به آھي. “سلوڪ خاص” اسان جي مذھبي ۽ ثقافتي اخلاقيات جو حصو آھي. ٻار پنھنجي گھر ۾ پاڻ سان ٿيندڙ خاص ورتاءُ وارو لقاءُ ڏسڻ بعد پنھنجي گھر جي رشتن جو ھڪٻئي سان ھلندڙ روين کي به جلد ئي پرکڻ شروع ڪندو آھي. گھرڀاتين اندر ڀاءُ ڀيڻ ۾ فرق، ماءُ پيءُ جي گھرو وھنوار اندر تفاوت، عمر جي ننڍ وڏائي منجھ امتياز، مالي طور مضبوط ۽ ڪمزور رشتن جي روين جو نفاق، پنھنجي خاندان ۾ ھٺ وڏائي ۽ ان جي تصور سان گڏ تربيت وارو ٻار پنھنجي جوھر ۾ اھي سموريون امتيازي خصلتون کڻي وڏو ٿيندو آھي.

گھر ۽ خاندان جي زندگيءَ مان نڪري عملي ۽ سماجي ڪمن ۾ داخل ٿيڻ بعد ساڻس ٿيل اسپيشل سلوڪ وارو پاسو جڏھن اختتام پذير ٿيندو آھي، تڏھن ھو جنھن ٽريٽمينٽ جو عادي ٿي چڪو هو، ان کان محروم ٿي نفسياتي ڪشمڪش جو شڪار ٿيڻ لڳندو آھي. والدين طرفان مليل لاڏ ڪوڏ، حوصلو ۽ خاص توجهه عملي ڪاروھنوار ۾ ڪٿي وڃائجي ويندو آھي. اھا ھر گھر، ڪٽنب ۽ معاشري جي ڪھاڻي آھي، جيڪا اجتماعي صورت اختيار ڪري سماج ۾ ھڪ خاص قسم جو ھيجان پيدا ڪندي آھي. ٻاھر جي زندگي کي پرکيندڙ ٻار ڪامورن کي اسپيشل پروٽوڪول ۾ ڏسندو آھي، سياستدانن پٺيان ھجوم ڏسندو آھي، مالي طور مضبوط فردن اڳيان سلام ڪندڙ ملازم جاچيندو آھي. وڏين گاڏين کي سلام ڪندڙ ٽريفڪ عملدار ۽ ننڍين گاڏين جي عزت لاھيندڙ قانون ھر چوڪ تي پنھنجي سرشتي جي اوگھڙ ظاھر ڪري رھيو ھوندو آھي، اھا سڄي سماجي اڻبرابري ۽ ننڍ وڏائي ھر نوجوان کي اھڙي سسٽم جو حصو ٿيڻ تي مجبور ڪندي آھي.

تعليمي سيمينار ھجي يا شاديءَ جو ڪاڄ، موت جي رسم ھجي يا بينڪ جو ادارو، ريل جو ٽڪيٽ گھر ھجي يا دعوت عام، سرڪاري کاتو ھجي يا خانگي ادارو ھر لمحي ھر پل اسان کي اڻبرابري جو احساس ڏياريندو آھي. ھر جاءِ ھر مقام اسپيشل ٽريٽمينٽ عھدي، طاقت، ڪپڙن توڙي مالي طور مضبوط ماڻھن کي ئي ملندو آھي. باقي رعايا ٻئين، ٽيئن ۽ چوٿين ڪيٽگري جو شڪار رھندي آھي. ھر جاءِ تي اسپيشل گيسٽ، ھر ميٽنگ ۾ صدارتي ڪرسي، ھر ڪاڄ ۾ اسٽيج ۽ اسٽيج جي ھيٺان رکيل صوفا ان پٺيان عام ڪرسيون اسان کي پنھنجي حيثيت، اھميت ۽ عزت جو احساس ڏيارينديون آھن. اھوئي سبب آھي جو خاص سلوڪ سان گڏ جيئڻ واري خواهش هڪ نفسياتي بيماريءَ جي شڪل اختيار ڪري وئي آھي. اسان هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن درجي تي پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ اهم ڏسڻ جي خواھش ڪرڻ لڳندا آھيون. ڪڏهن تعريف جي اميد ۾ ته ڪڏهن عزت جي خواهش ۾ ۽ ڪڏهن وري بغير ڪنهن سبب جي به پنهنجي وجود کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ جي تمنا ۽ جستجو ۾ رھندا آھيون. ڪڏھن پنھنجو پاڻ کي ڪپڙن، زيورن ۽ خوش شڪل ٿيڻ جي صورت ۾ فيشن ڪري الڳ ڏسڻ جي خواھش رکندا آھيون ته ڪڏھن اسين پنھنجي انداز فڪر سان ٻئي جي دل لڀائڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. اها خواهش بظاهر بي ضرر لڳي ٿي، پر اندروني طور سماج جي نفسياتي توازن ۾ ڀڃ ڊاھ جو سبب بڻجندي آھي.

گھر جي تربيت، اخلاقي، قانوني، تعليمي ۽ مذھبي معيار، اسان جي سماج اندر ننڍ وڏائي جا قدر متعين ڪندا آھن. سمورو سماج ننڍپڻ کان وٺي هر ٻار کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اسپيشل ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو آھي. والدين پنهنجي ٻار کي ٻين ٻارن کان مٿڀرو درجو ڏيندا آھن. اسڪول ۾ سيڪشن، اڳين صف، مانيٽر، مارڪون ۽ منظور نظر شاگرد کي ڪاميابيءَ جو معيار بڻائي ٻين کان مٿڀرو سمجھيو ويندو آھي. خوش شڪل ٻار خاندان ۾ سائٿ رکندو آھي. روايتون ۽ مذھبي طور طريقا اختيار ڪرڻ وارو ٻار پڻ مرڪز نگاھ بڻبو آھي. سماج ۾ مالي طور مضبوط رقم ورھائڻ ۽ اڏائڻ واري فرد کي به “مٿانھون درجو” ڏنو ويندو آھي. قلم جي طاقت رکندڙ ۽ سندس حڪمن تي جلد عمل ٿيندڙ ڪاموري کي ھرڪو سلام ڪندو آھي ۽ اسپيشل پروٽوڪول ڏيندو آھي.

نئين ٻار جو جنم، گھر جي تربيت، خاندن جو لقاءُ، تعليمي اداري جو نظام، سماجي قدر ھر فرد کي جدا جدا خانن ۾ بيھاري ٿو. اھڙي سوچ سان گڏ وڏو ٿيڻ ھر انسان کي “خاص ٿيڻ” جي خواھش ۾ مبتلا ڪري ٿو. جڏھن ته ٻئي پاسي اسان جو سماجي سرشتو ھر ڪنھن کي سندس جينياتي صلاحيتن مطابق موقعا فراھم ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ٿو. اھوئي سبب آھي جو ھر شخص پاڻ کي الڳ ڏيکارڻ ۽ اسپيشل ٽريٽمينٽ وٺڻ جي ڊوڙ ۾ نڪري پوي ٿو. ان جي نتيجي ۾ سندس ھر عمل جو دائرو ان ئي سوچ جي محور ۾ گردش ڪري ٿو. جنھن سبب اهڙي تربيت سان انسان اندر کان هميشه پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ٻين تي ڀاڙي ٿو. هن جو احساسِ قدر پاڻمرادو نه، پر ٻين جي راءِ سان جڙيل رھي ٿو. جڏهن اهڙو ذهن بالغ ٿيندو آهي، تڏهن هو محبت،  ڪم ۽ رشتن ۾ به “خصوصي توجهه” جي طلب سان رهندو آهي. جيڪڏهن اها توجهه نه ملي ته اداسي، مايوسي ۽ احساسِ محرومي پيدا ٿي ويندي آھي.

ان نفسياتي رويي جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته انسان جي وجود مان خلوص ختم ٿي وڃي ٿو. هو ٻين سان تعلق پنهنجي سڃاڻپ کي پڪو ڪرڻ لاءِ رکي ٿو. جنھن جو محبت ۽ خلوص سان تعلق نه ھئڻ برابر ھوندو آھي. اهڙي حالت ۾ قربانيءَ جي جاءِ تي ڏيکاءُ ۽ عاجزيءَ جي جاءِ تي انا اچي بيهندي آهي. سماج ۾ اهڙن ماڻهن جي اڪثريت سبب گڏيل ڀلائيءَ جو تصور ڪمزور ٿي پوندو آھي. هر ماڻهو پنهنجي ذات کي مرڪز بڻائي ٻين کي صرف پسمنظر جي حيثيت ڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪو فرد حقيقي محنت، فڪر يا تخليق جي بنياد تي اسپيشل بڻجي ٿو ته اها خواهش تعميراتي آهي، ڇاڪاڻ ته اها انساني اوسر ۽ علمي ترقيءَ کي اڳتي وڌائي ٿي، پر جڏهن اهو رجحان ٻين کي گهٽ ڏيکارڻ ۽ پاڻ کي وڌيڪ ثابت ڪرڻ ۾ بدلجي وڃي، تڏهن اها خواهش سماج جي ترقيءَ لاءِ زهر بڻجي ويندي آھي. اهڙي حالت ۾ انسان جو روح سڪون وڃائي ويھندو آھي ۽ زندگيءَ جا سڀ لاڳاپا مقابلي جي ميدان ۾ بدلجي ويندا آھن.

اسپيشل ٽريٽمينٽ جو تصور آخرڪار انساني قدرن کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيندو آھي. هڪ پاسي اھي ماڻهو، جن کي خصوصي حيثيت حاصل آهي؛ ٻئي پاسي اهي، جن کي “عام” سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن سماج ۾ اھڙي ورهاست وڌي وڃي ٿي ته انصاف ۽ برابريءَ جا اصول پنهنجي معنيٰ وڃائي ويھن ٿا. عام ماڻهوءَ جي نفسيات ۾ بيزاري، احساسِ ڪمتري، محرومي ۽ بدگماني جنم وٺي ٿي ۽ سماجي نظام جو ڍانچو آهستي آهستي ڇڄڻ لڳي ٿو. سچ ته اهو آهي ته “اسپيشل” هجڻ جي تمنا مڪمل طور مثبت آهي نه ئي مڪمل منفي. اها انسان جي اندر جي خالي پڻي جو اظهار آهي. جيڪڏهن اهو خال محبت، تخليق ۽ خدمت سان ڀريو وڃي ته اها خواهش روشني بڻجي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن اهو خال صرف توجهه ۽ تعريف سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اها روشني ئي باھ بڻجي سگھي ٿي.

انساني سماج جي اوسر لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسپيشل ٽريٽمينٽ جي خواهش کي “برابريءَ جي احساس” سان متوازن ڪيو وڃي. ڇو ته حقيقي اسپيشل هجڻ انھيءَ ۾ آهي، جتي انسان ٻين کي به پنهنجائپ جو ساڳيو درجو ڏئي ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي ٻين جي سڃاڻپ سان جوڙي رکي ۽ جتي اسپيشل هجڻ جي تمنا “مان” کان نڪري “اسان” تائين پهچي وڃي، اتي ئي انسانيت پنهنجو اصل رنگ ڏيکاري ٿي. انساني تاريخ ۾ “اسپيشل ٽريٽمينٽ” جو تصور هميشه ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود رهيو آهي. قديم سماجن ۾ بادشاهن، پادرين ۽ حڪمران طبقي کي “الاهي اختيار” يا “خونِ خالص” يعني “اتم ذات” جي بنياد تي ٻين کان وڌيڪ حيثيت ڏني ويندي هئي. ان وقت طاقت ۽ نسبت اسپيشل هجڻ جو معيار هئا. يوناني فلسفي ارسطو پنهنجي ڪتاب Politics ۾ لکيو هو ته سماج ۾ ڪجهه ماڻهو “فطري حڪمران” ۽ ٻيا “فطري ماتحت” پيدا ٿيندا آهن. اهو خيال ئي انساني برابريءَ جي خلاف “اسپيشل ٽريٽمينٽ” جي فلسفياڻي پاڙ هو. وقت سان گڏ مذهب، حڪمراني ۽ معاشي نظامن ۾ به اسپيشل ٽريٽمينٽ جي تصور نوان روپ اختيار ڪيا. Medieval period ۾ مذهبي طبقا پاڻ کي “خدا جي ويجهو” يا “خدا جا نمائندا” ھئڻ جي دعويٰ سان ٻين تي فوقيت حاصل ڪندا هئا. ابن خلدون پنهنجي مقدمه ۾ ٻڌايو ته حڪمران طبقي جي مخصوص حيثيت وقت سان گڏ سماجي بگاڙ جو سبب بڻجي ٿي، ڇاڪاڻ ته طاقت جڏهن خود اعتمادي بدران خود پسندي پيدا ڪري ٿي ته سلطنتون زوال پذير ٿين ٿيون. انهيءَ دور کانپوءِ يورپ ۾ روشن خياليءَ جي تحريڪ Enlightenment اسپيشل ٽريٽمينٽ جي خلاف فڪري بغاوت آندي.

نبي ڪريم ﷺپنهنجي آخري خطبي ۾ فرمايو ته “عربي کي عجميءَ تي ۽ عجميءَ کي عربيءَ تي ڪا به فضيلت حاصل ناهي، سواءِ تقويٰ جي.” هي اصول انساني سماج لاءِ اهو پيغام هو ته اسپيشل هجڻ جو واحد معيار اخلاص، نيڪ نيت ۽ انساني خدمت آهي، نسب، مال، ظاهري حيثيت ۽ طاقت نه آھي. جديد دور ۾ اسپيشل ٽريٽمينٽ جو رجحان فردي نفسيات ۾ وڌيڪ گهرو ٿي ويو آهي. سرمائيداري نظامCapitalism  ان خواهش کي شعوري طور استعمال ڪيو. اشتهارن، ميڊيا ۽ سوشل نيٽ ورڪن ماڻهوءَ کي اهو احساس ڏياريو ته “تون ٻين کان بهتر ٿي سگهين ٿو” جيڪڏهن تون فلاڻو پراڊڪٽ وٺين، فلاڻو طرز زندگي اختيار ڪرين يا سماجي طور مخصوص ڏيکاءُ پيش ڪرين. ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ جديد انسان پنهنجي سڃاڻپ مارڪيٽ جي حيثيت سان ڳنڍي ڇڏي آهي، جتي هر ماڻهو پاڻ کي “وڪڻڻ لائق شيءِ” بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن کيس سماجي قبوليت ۽ اسپيشل ٽريٽمينٽ ملي.

اهڙي نفسياتي رجحان جو نتيجو اهو ٿيو ته اسپيشل هجڻ فردي ڪاميابيءَ جي نشاني بڻجي ويو ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو تصور ڪمزور ٿي ويو. سماج ۾ اهي ماڻهو مٿانهين درجي تي سمجهيا ويا، جيڪي وڌيڪ خاص ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ وڌيڪ فالو ڪيا وڃن ٿا. ساڳي طرح اھڙا ماڻھو وڌيڪ پئسي جي بنياد تي پنھنجي لاءِ پاڻ عزت خريد ڪرڻ لڳا. نتيجي طور برابري، عاجزي ۽ گڏيل همدرديءَ جا انساني قدر ڪٿي پوئتي رهجي ويا. انساني فڪر جي هن تاريخ مان ظاهر ٿيو آھي ته اسپيشل ٽريٽمينٽ جو تصور جڏهن اخلاقي توازن سان جڙيل هوندو آهي ته اهو سماج ۾ سجاڳي، تخليق ۽ اوسر پيدا ڪندو آهي، پر جڏهن اهو خود مرڪزيت ۽ مقابلي جي نفسيات سان لاڳاپيل ٿي وڃي، تڏهن اهو بگاڙ جو سبب بڻجي ويندو آھي. انسان جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حقيقي ترقي انهن دورن ۾ ٿي، جڏهن اسپيشل هجڻ جي خواهش “مان” بدران “اسان” ۾ تبديل ٿي.  انھن خيالن جو بنياد انھن فڪري اصولن تي رکي سگهجي ٿو، جيڪي گڏجي اهو سبق ڏين ٿا ته انساني عظمت ان ۾ ناهي ته ڪير ڪيترو اسپيشل آهي، پر ان ۾ آهي ته ڪير ڪيترو انصاف، محبت ۽ عاجزيءَ سان ٻين کي پاڻ جهڙو سمجهي ٿو.

اسان جو تعليمي نظام متڀيد واري رجحان ۽ اسپيشل بنجڻ واري ڪرت کي ھمٿائي ٿو. امتيازي نمبر کڻڻ جي ڊوڙ اندر وڌيڪ مارڪن کڻڻ وارن کي انعام اڪرام ۽ اسٽيج تي ڏنل ايوارڊ باقي شاگردن کي نفسياتي مونجھاري جو شڪار ڪرڻ جو سبب بڻجي رھيا آھن. ھزارن جي شاگردن ۾ پنجن ستن کي انعام سان نوازي باقي رهيل شاگردن کي احساس ڪمتري ۾ ڌڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪيتري به ڪوشش ۽ چٽاڀيٽي ڪئي وڃي تڏھن به ايوارڊ ھزارن مان چند شاگردن کي ئي ملندو، باقي جا شاگرد ان مرتبي کان محروم ئي رھندا. سوال اھو آھي ته چٽاڀيٽي جو اھو رجحان ڇا باقي رھيل شاگردن جي احساسن جو ازالو ڪري سگھي ٿو؟ وقت جي ضرورت آھي ته “سلوڪ خاص” جي پيچيدگين کان پاڪ تعليمي نظام جوڙيو وڃي. اسان جي تعليمي نظام جو انفرااسٽرڪچر، ڪلاس روم ڊزائين، انتظامي ڍانچو، نصابي سرگرميون، امتحاني سرشتو ۽ اخلاقي قدر اھڙي ريت ڊزائين ڪيا وڃن، جنھن ۾ ڪوبه شاگرد ٻئي کان اسپيشل يا مٿڀرو نه سمجھي ۽ نه ئي ڪنھن شاگرد کي ٻئي کان گھٽ يا بھتر ھئڻ جو احساس پيدا ٿي سگھي. اسان جو تعليم کاتو پنھنجي سيمينارن، گڏجاڻين، تقريبن توڙي ھر قسم جي ڪاڄ ۾ برابري جي بنياد تي ھر ڪارڪن کي عزت، احترام سان ھڪ صف ۾ جاءِ مھيا ڪري ڪنھن کي به اسپيشل ٽريٽمينٽ ڏئي ٻين کي گھٽ ھئڻ جي احساس کان پاسو ڪري.

***