خاص

ٽيڪسٽ لکڻ سان ويڊيو تخليق ڪندڙ ”چيٽ جي پي ٽي فور“

تازو ڪجهه مهينن ۾ مصنوعي ذهانت جي طاقتور پليٽ فارم ”چيٽ جي پي ٽي“ دنيا کي ششدر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ مائيڪرو سافٽ اعلان ڪيو آهي ته ڪجهه ڏينهن بعد پيش ڪيو ويندڙ ”چيٽ جي پي ٽي فور“ ٽول اوهان جي جملن جي مناسبت سان تصوير، آواز ۽ ويڊيو پڻ ٺاهي سگهندو. في الحال چيٽ جي پي ٽي صرف ٽيڪسٽ جي موٽ ۾ تمام گهڻي مناسب معلومات، تجزيو ۽ مشورا ڏي ٿو. گڏوگڏ هي مضمون ۽ شاعري تخليق ڪري ٿو، پر مائيڪرو سافٽ جرمني جي چيف ٽيڪنالاجي آفيسر، اينڊرياس برائون هڪ تقريب ۾ چيو ته جلد ان جو چوٿون ورزن پيش ڪيو ويندو جيڪو لکيل لفظن مان ويڊيو پڻ تخليق ڪري سگهندو.