خاص

سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ ڀرتين کان روڪي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ سنڌ جي حڪومت جي ڀرتين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڪيو ايم پاران داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ ڀرتيون ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت طرفان گهربل ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي. داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جو مدو 11 آگسٽ 2023 تي ختم ٿي رهيو آهي، سندن اهو عمل چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي دائري ۾ اچي ٿو. عدالت درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ سنڌ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ ڀرتين کان روڪي ڇڏيو. ۽ نوڪرين بابت اشتهارن کي به معطل ڪري ڇڏيو. عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين کي 30 آگسٽ جي لاءِ نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن.