ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: قانون جو قانون کان سوال

تهجد جي وقت حافظ عبدالڪريم  جو گهر پُرسڪون مٺي ننڊ ۾ سُتل هو،۔ اوچتو دروازي تي زوردار ڌڪ جو آواز آيو. سڀ ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پيا.۔ والد حافظ عبدالڪريم جلدي در ڏانهن وڌيو،۔ جيئن ئي دروازو کوليائين ته اوچتو هن جي سيني ۾ برسٽ هنيو ويو۔، هو اڳتي وڌيو ئي هو ته پويان ايندڙ پٽ عامر علي تي به ظالمن فائر ڪري کيس به ڪيرائي وڌو۔ هٿيارن جا منهن کولي ڇَڏيا.

سمورو گهر بارود جي ڌپ سان ڀرجي ويو،۔ پوڙهي امڙ زليخا ٿڙندي، ڪرندي در ڏانهن ڊوڙڻ لڳي، پر سندس ڳلي ۾ لفظ اٽڪي پيا:

“ابا… ابا… ٻاهر نه وڃ!”

پر ان وقت تائين سندس گهر جا سڀ مرد قتل ٿي چڪا هئا.۔

عورتن ۽ ٻارن جون دل ڏاريندڙ رڙيون، دونهن ۽ رت سان رڱيل فرش هڪ هولناڪ منظر پيش ڪري رهيا هئا۔. ان گهر جي هڪ نياڻي سحر عبدالڪريم به هئي، جيڪا قانون جي شاگردياڻي هئي،۔ هن فيصلو ڪيو ته هوءَ قبائلي ظلم خلاف قانوني جنگ وڙهندي،۔ ڪيترن ئي ماڻهن کيس ڪرائي جا قاتل ڏيڻ جون آڇون ڪيون، پر هن قانون هٿ ۾ کڻڻ کان سخت انڪار ڪيو.۔

سال گذرندا ويا، ٻه سال، پنج سال ڪورٽن لاءِ مشهور آهي ته پيشين ۾ ڪيترائي شاهد ۽ ملزم فيصلا اچڻ کان اڳ ئي  الله کي پيارا ٿي ويندا هئا ۽ ڪيترائي ڪيس اڌ ۾ رهجي ويندا آهن. سحر جي ڏاڏي چيو،

هي ڪيس به هليو سالن جا سال گذريا، نيٺ هڪ ڏينهن فيصلي جو وقت اچي پهتو. الزام تر جي هڪ بااثر وڏيري سردار غلام رسول تي هو۔ ڪجهه ملزم فرار هئا۔ عدالت نيٺ فيصلي جي تاريخ مقرر ڪئي. ۔

ميڊيا، عوام ۽ سوشل ميڊيا تي دوست ۽ دشمن سڀ بيچين هئا ته ڏسجي ڪهڙو فيصلو ٿو اچي. فيصلي واري ڏينهن عدالت جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي. قبيلي جي اها نياڻي سحر عبدالڪريم تر جي وڏيري خلاف ثابت قدم ٿي بيٺي هئي۔ ماڻهن ۾ به وڏيرن خلاف سخت جذبا هئا۔.

آخرڪار صبح جو فيصلو اچي ويو، ٻاهر بيٺل ميڊيا جا ماڻهو مائيڪ ۽ ڪيمرائون هٿ ۾ کڻي انتظار ڪري رهيا هئا۔. ڪجهه دير کانپوءِ وڏيري جي ڌر مرڪندي عدالت مان ٻاهر نڪتي۔. وڏيري سردار غلام رسول  پنهنجي هٿ ۾ تسبيح جهلي فتح جو اشارو ڪيو ۽ وڃي گاڏي ۾ ويهي رهيو.۔ پويان ڪيمرائن ۽ مائيڪن جو هجوم هو۔. نيٺ هڪ صحافي عمران کانئس سوال ڪيو:

وڏيري مسڪرائيندي جواب ڏنو:

“اصل ڏوهاري يا قاتل منهنجي علائقي مان، منهنجي ٻيلي مان بچي نه سگهندو۔ اسان اصل قاتل پيش ڪري ڇڏيا آهن. تنهنڪري اسان بري ٿي ويا آهيون۔، اسان جي عوام کي تحفظ ڏيڻ سرڪار سان گڏ اسان جي به  ذميواري آهي.۔”

اهڙو فيصلو ٻڌي عوام توڙي ٻين قومن جا سردار به حيران ٿي ويا۔. ميڊيا تي رپورٽ ڏسي هر طرف چوٻول مچي ويو. ان ئي موقعي تي وڏيري روايتي انداز ۾ سحر عبدالڪريم کي اجرڪ اوڍائي روانو ڪيو ويو ۽ سوال هوا ۾ لٽڪندو رهيو:

ڇا واقعي قانون قانون سان انصاف ڪيو؟

يا انصاف وري ڪنهن طاقت اڳيان هارائي ويو؟

***