ڪهاڻيوننئون ڪهاڻي: انتظار May 13, 2026 Zahida Abro رات جي سياهي پوري زمين کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. آسمان تي تارا مڌم روشنيءَ سان ٽمٽمائي رهيا هئا، ڄڻ اونداهيءَ جي جهوليءَ ۾ ننڍڙا چراغ ٻري رهيا هجن. چوڌاري هڪ گهري خاموشي ڇانيل هئي، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪتن جي ڀونڪڻ ۽ پري ڪٿي گدڙن جي روئڻ جو آواز پئي ٽوڙيو. ملڪ ناز پنهنجي ڪمري ۾ مصلي تي ويٺي هئي. سندس هٿ دعا لاءِ کنيل هئا ۽ اکين مان لڙڪ لاڳيتو وهي رهيا هئس. ڪڏهن هوءَ ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏي ته ڪڏهن آسمان ڏانهن نهاري آهستي آواز ۾ پئي چيو:“اي منهنجا رب! منهنجي پٽ جي حفاظت ڪر، کيس پنهنجي امان ۾ رک.” هوءَ هڪدم اٿي ٿي، دروازي تائين وڃي ٿي، ٻاهر اونداهيءَ ۾ ليئا پائي ٿي ۽ پوءِ مايوس ٿي واپس موٽي اچي ٿي. دروازو هن کليل ڇڏي ڏنو هو۔، شايد ذاڪر اچي وڃي. ڪمري ۾ ٻرندڙ چراغ ان اميد وانگر هو جيڪو اڃان تائين وساميو نه هو.تهجد جي وقت هوءَ ٻيهر مصلي تي اچي ويٺي. سندس آواز ۾ هڪ عجيب ٽوٽ ڦوٽ هئي: “يا الله! هن دنيا ۾ منهنجو تنهنجي سواءِ ٻيو ڪو ناهي… منهنجو ذاڪر ئي منهنجي ڪائنات آهي.” سندس ڳوڙها ڳلن تان وهندا چادر ۾ جذب ٿي رهيا هئا. ملڪ ناز جي زندگي هميشه اهڙي نه هئي. سندس شادي پنهنجي مامي جي پٽ مراد خان سان ٿي هئي، جيڪو هڪ محنتي ٽرڪ ڊرائيور هو، پر اهي خوشيون گهڻي دير قائم نه رهي سگهيون. هڪ حادثي مراد خان کي هن دنيا کان کسي ورتو. ان وقت ذاڪر رڳو چئن مهينن جو هو. ملڪ ناز ٻي شادي نه ڪئي. هن پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي پٽ جي نالي ڪري ڇڏي. ڏينهن جو هوءَ بلوچي ڪڙهائي ڪندي هئي ۽ رات جو ٿڪل هٿن سان به ڪم جاري رکندي هئي ته جيئن پنهنجي پٽ کي پڙهائي سگهي. ذاڪر هڪ ذهين ۽ محنتي ڇوڪرو هو. اڪثر پنهنجي ماءُ وٽ ويهي چوندو هو: “امان! مان وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس، پنهنجي ماڻهن جو علاج ڪندس… اوهان کي ڪڏهن به تڪليف ٿيڻ نه ڏيندس.” ملڪ ناز مرڪي ڏيندي هئي، سندس وارن ۾ هٿ ڦيريندي چوندي هئي: “الله توکي ڪامياب ڪري، منهنجا ٻچڙا، تون ئي منهنجي دنيا آهين.” وقت گذرندو ويو، خواب به جوان ٿيندا ويا، پر هڪ ڏينهن اهڙو آيو جنهن سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو. ذاڪر اڃان پنهنجي تعليم مڪمل به نه ڪئي هئي ته هو اوچتو لاپتا ٿي ويو. نه ڪا خبر، نه ڪو نشان ڄڻ ته زمين کيس ڳهي وئي هجي. شروع ۾ ملڪ ناز هر در کڙڪايو، هر جڳهه وئي، هر ڪنهن اڳيان فرياد ڪيائين، پوءِ آهستي آهستي سندس آواز مڌم ٿي ويو، پر انتظار باقي رهيو. ڪڏهن ڪنهن جي آزاد ٿيڻ جي خبر ٻڌندي هئي ته سندس اکين ۾ اميد چمڪي اٿندي هئي. هوءَ فورن آسمان ڏانهن نهاريندي هئي ۽ دعا گهرندي هئي: “يا الله! منهنجو ذاڪر به واپس اچي وڃي.” پر وقت گذرندو رهيو، حالتون تبديل ٿينديون رهيون ، لاپتا ماڻهن جا لاش ملڻ لڳا. اهي خبرون ٻڌي ملڪ ناز جي زبان ڄڻ ٻڌجي وئي. هوءَ گهٽ ڳالهائيندي هئي، بس آسمان ڏانهن نهاريندي رهندي هئي، اکين ۾ سوال، چپن تي خاموشي. ماڻهو چوندا آهن ته انتظار اڌ موت هوندو آهي، پر ملڪ ناز لاءِ اهو پوري زندگي جو موت بڻجي چڪو هو. هڪ ڏينهن هوءَ هميشه وانگر دروازي جي ويجهو ويٺي هئي. ماڻهو سندس چوڌاري گڏ هئا، پر هوءَ سڀني کان بي خبر هئي. هن آهستي ڪنڌ کنيو، آسمان ڏانهن نهاريو ۽ مڌم آواز ۾ چيائين: “گهڻو انتظار ڪيم… هاڻي منهنجو پٽ رب جي هنج ۾ آهي.” ان کانپوءِ سندس اکيون بند ٿي ويون هميشه لاءِ.*** Post Views: 88